جُهريل جهوپڙن ۾ ٽُٽل آسرو آ

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏23 سيپٽمبر 2011۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جهريل جهوپڙن ۾ ٽُٽل آسرو آ​


    رپورٽ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام: تصويرون : نثاراحمدناز​


    21 سيپٽمبر 2011ع تي سنڌ ترقي پسند پارٽي ٽنڊو محمد خان جي ناري تحريڪ ضلع ٽنڊو محمد خان جي صدر محترما ثمينه خاصخيلي، نائب صدر محترما امبر شاهه ۽ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ محترم ڊاڪٽر احمد نوناري جي نينڊ تي ڳوٺ الهرکيو نظاماڻي ديهه پاٽوڙو، يونين ڪائونسل سيري، گاجا موري تعلقو حيدرآباد ضلع حيدرآباد جي سروي رپورٽ ۽ برسات جي تباهه ڪارين کان پوءِ جي صورتحال کي مانيٽر ڪرڻ لاءِ تياري ڪري رهيو هُئس ، جيئن ته 21 سيپٽمبر 2011 ع جو سمورو ڏينهن واپڊا جي صُبح کان وٺي اڻ اعلانيل لوڊ شيڊنگ جاري هُئي ،مون پنهنجي ڊجيٽل ڪئميرا ۽ انهي ڪئميرا جي ٻه ڏينهن اڳ ۾ چارج ٿيل بيٽري کي چيڪ ڪيو، ايتري ۾ محترم ڊاڪٽر احمد نوناري جي موبائل ڪال آئي ته نثار صاحب اسان سروي ڪرڻ لاءِ وڃي رهيا آهيون توهان ڪٿي آهيو، بس ادا آئون به اچي رهيو آهيان ماسات سڳوري(مسز نثار) کي چيم ته ڪپڙا استري ٿيل هُجن ته ڏي ته جيئن آئون سنڌ ترقي پسند پارٽي ٽنڊو محمد خان جي دوستن سان گڏجي برساٽ سٽيلن جي برسات کان پوءِ واري صورتحال جي ڪوريج ڪرڻ لاءِ وڃي سگهان، ماسات سڳوري چيو ته مولائي بجلي آهي ئي ڪانه، ته تنهنجا ڪپڙا ڪٿان استري ٿيندا؟ شل ڪا خُدا جي مار پوي انهن مُئن بجلي وارن مٿان، دل ئي دل ۾ بجلي وارن کي پٽڻ لڳس. ايتري ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ محترم ڊاڪٽر احمد نوناري جي ٻيون ڀيرو موبائل ڪال آهي ، نثار صاحب ڪٿي آهيو، جواب ڏنم ته ڊاڪٽر صاحب بس اجهو ڪي پهتس، توهان سڀني دوستن کي سُڌ هُجي ته منهنجي گهر بهراڻي پاڙي ٽنڊو محمد خان کان ترقي پسند هائوس ٽنڊو محمد خان جو پنڌ گهٽ ۾ گهٽ به ستن منٽن جي مفاصلي تي آهي ، ماسات کي چيم ته مولائڻ ڪپڙا استري نه به هُجن تڏهن به مون تي ڪو فرق ڪونه پوي جيڪي هُجن بس ڌوتل ڪپڙا هُجن فقير جو پڙ هلي پوندو، اڃا اها ڳالهه هلي پئي ته بجلي اچي وئي .سو ماسات ويچاري بغير ڳالهائڻ جي بجلي واري استري جو پلڪ لڳائي منهنجي ڪپڙن کي ابتو سڀتو استري جو ڦيرو هلائي پنجن منٽن ۾ ڪپڙا استري ڪري ڏنا، چيومانس ته جهونِي ايترو جلدي ڪپڙا استري ڪري ڇڏيئي ڏٺم ته ڪپڙن جا سر جهڙا لٿا تهڙا ڪونه [JUSTIFY]لٿل هُئا ٻانهن جا سر ، شيرواني ڪٽ ڪالر جا سر اصل هڻ ته چتي ٿيا پيا هُئا خير آهي ائين چئي وهنجڻ خاني ۾ هليو ويس، ٺيڪ چار منٽن کان پوءِ وهنجي ڪپڙا پائي غسل خاني مان ٻاهر نڪري آيس ، ماسات سڳوري چيو ته شل ڪو الله ڀلو ڪري تنهنجو مون پنجن منٽن ۾ تنهنجا ڪپڙا استري ڪيا تون وري چئن منٽن ۾ وهنجي به آئين ڏاڍو تڪڙو آهين ...! مون چيو ته مولائڻ اها اندر جي ڳالهه آهي ته ايترو جلدي ڪيئن وهنجي آيس رڳو شاور کوليم صابڻ کي هٿ تي کڻي پري کان بدن ڏانهن اشارو ڪري مٿي تي پاڻي هاري نڪري آيس سينڊل پائي، مٿي تي سنڌي ٽوپي پائي ڪئميرا هٿ ۾ کڻي سٺ جي اسپيڊ سان ترقي پسند هائوس جو رُخ رکيم رستي تي ٽافين جو دوڪان هو اتان فريش اپ ٽافيون ورتم خبر پئي ته ڊاڪٽر احمد نوناري، محترما ثمينه خاصخيلي ۽ محترما امبر شاهه ترقي پسند هائوس جا سامهون سوڪ سينٽر ۾ قائم خدمت سنڌ فائونڊيشن ٽنڊومحمد خان جي آفيس ۾ موجود آهن سو سوڪ سينٽر ۾ قائم خدمت سنڌ فائونڊيشن جي سيڙين کي ڪراس ڪري دروازو کولي آفيس جي اندر داخل ٿيس سامهون ڏٺم ته ڊاڪٽراحمد نوناري ، محترما ثمينه خاصخيلي ۽ محترما امبر شاهه جي هٿن ۾ چانهه جا مگا هُئا انهن مگن مان سپ سپ ڪري هو چانهه پي رهيا هئا ، منهنجي حصي جي چانهه جو هڪ مگو ٽيبل تي رکيو هو، سڀني کي سلام ڪري هڪڙي ڪرسي تي ويٺس محترما ثمينه منهنجي حصي جي چانهه واري مگي ڏانهن اشارو ڪيو ته بس چانهه پي هلون ٿا، چانهه به پيئندو رهيس ۽ ڊاڪٽر احمد نوناري صاحب کان پڇيم، ته اڄ ڪهڙي پاسي هلنداسين ، ڊاڪٽر چيو ته پهرين الهرکيو نظاماڻي ڳوٺ گاجا موري هلنداسين مون چيو ته گاجاموري بُلڙي شاهه ڪريم روڊ يا گاجا موري حيدرآباد روڊ ڊاڪٽر احمد نوناري جواب ڏنو ته حيدرآباد روڊ، ان کان پوءِ وري مقبرو شريف وايا کٿڙ جبل دريا جي کاٻي ڀر هڪڙي ڪلر پور ملاحن جي جُڳين واري بستي آهي جن جا گهر علي پور ملاڪاتيار ڪلر پور واري علائقي ۾ برسات جي پاڻي سبب ڪري پٽ پئجي چُڪا آهن انهن پنهنجو سر بچائي اتي اچي پناهه ورتي آهي انهن جي جُڳين جي سروي ڪري انهن کي دوباره آبادي ڪاري ۽ انهن کي حال سارو امداد ڏيڻي آهي، اها ڳالهه ٻُڌي اداس ٿي ويس ته وري به محتاجي مخلوق جي پريشانين کي اکين سان ڏسندس، وري به ڪنهن معصوم ٻار کي انگ اگهاڙو ، پيٽ بُکايل ڏسندس وري به جهريل ۽ اڏيل جهوپڙين ۾ انهن پريشان حال سنڌين جا ٽُٽل آسرا ڏسندس، امبر شاهه مونکي غور سان ڏسي رهي هُئي چوڻ لڳي ته نثار صاحب خير ته آهي اداس ٿي ويا، جواب ڏنم ته بابا شاعر آهيان ڪنهنجي ڏُک درد کي ايترو ويجهي کان ڏسڻ جي ڪري منهنجو جهيءُ جهريو پوي، ايتري ۾ ڊاڪٽر احمد نوناري جي ڊرائيور مختيار منگسي اچي چيو ته سائين گاڏي اسٽارٽ آهي توهان اچو ته هلون اسان سڀ گڏ هيٺ لٿاسين ، ڊاڪٽر احمد ڊرائيور کي چيو ته تون هل ضرور پر گاڏي هو پاڻ هلائيندو، مونکي هميشهه جيان ڊاڪٽر احمد نوناري فرنٽ سيٽ واري جاءِ ڏني سندس ڪار ۾ باقي ڪار جي پوئين سيٽ تي محترما ثمينه خاصخيلي محترما امبر شاهه ۽ ڊرائيور مختيار منگسي ويٺا، گاڏي فتاح چوڪ کان گُذري ميرغلام علي خان پارڪ کان ٿيندي مال پڙي واري رستي کان سجاول چوڪ گرڊ اسٽيشن کان اولهه پاسي ٽرن ڪيو ۽ گاجا موري حيدرآباد روڊ تي ڊوڙڻ لڳي، رستي ۾ ڊاڪٽر صاحب دريانو مل سي اين جي واري پئمپ تان سي اين جي ڀرائي ، دوستن کي سُڌ هُجي ته گاجا موري ٽنڊو محمد خان کان لڳ ڀڳ ستن يا نون ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي آهي گاجا موري ڪراس ڪري گاجا واهه جي ڪناري ڪناري ڏکڻ طرف لڳ ڀڳ ٻه يا ٽي ڪلو ميٽر وڌياسين ته ڳوٺ الهرکيو نظاماڻي اچي ويو ڪافي برسات سٽيل سنڌي هن ڳوٺ ۾ اسان جا منتظر هُئا، انهن ۾ منتظر ماڻهن ۾ ڪافي ساريون سنڌي عورتون به شامل هيون، ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي رهنما ڊاڪٽر احمد نوناري، ڊرائيور مختيار مگسي ۽ مونکي ان ڳوٺ جي اسڪول ۾ وٺي آيا جڏهن ته ناري تحريڪ ضلعي ٽنڊومحمد خان جي صدر محترما ثمينه خاصخيلي ۽ سينئر نائب صدر محترما امبر شاهه کي ڳوٺ جون عورتون سندن گهرن ۾ وٺي ويون، اسڪول سارو برسات ۾ تباهه ٿي چُڪو هو باقي اسڪول جي ورانڊي ۾ ڳوٺاڻن ٽِڪَ ۽ ڇُر واريون رليون کٽن تي وڇائي رکيون هُيون توڻي جو هن ڳوٺ جون سموريون ٻنيون، گهر سانوڻي سببان تباهه ۽ برباد ٿي چُڪا هُئا پر ڳوٺاڻا اسان جي هن مختصر قافلي جي اچڻ تي سرها نظر پي آيا، اهو شايد انهي ڪري ته اسان جي سنڌي ڳوٺاڻن جي اها پرم پرا رهي آهي ته هو پنهنجي مهمانن کي دل ۾ جايون ڏيندا آهن، 25 ٽيهه ڳوٺاڻا اسان سان هٿ ملائي اچي کٽن تي ويٺا، انهن ڳوٺاڻن جي اڳواڻي سندن ئي ڳوٺ جا ٻه نوجوان اڪبر نظاماڻي ۽ علي نواز نظاماڻي ڪري رهيا هُئا، جڏهن ته هن ڳوٺ جي عورتن جي اڳواڻي انهيءَ ڳوٺ جون نياڻيون ماجده نظاماڻي، اقراء نظاماڻي ۽ امينه نظاماڻي ڪري رهيون هيون. آئون انهيءَ ڳوٺ جي سڀني ڳوٺاڻن جيڪي اسڪول ۾ اسان سان ملڻ لاءِ اچي رهيا هُئا انهن جون تصويرون ڪڍي رهيو هُئس، اڪبر نظاماڻي جي چوڻ مطابق حيرت لڳي ته سياسي پارٽين مان ترقي پسند پارٽي ٽنڊو محمد خان وارا ڊاڪٽر احمد نوناري ۽ ميڊم ثمينه خاصخيلي پهريان ماڻهو آهن جن سندن ڳوٺ ۾ اچي هينئر پر گهور لڌي آهي،۽ سندن مشڪل جي هن گهڙي ءَ ۾ اچي ڀاڱي ڀائيوار ٿيا آهن، ڊاڪٽر احمد نوناري سڀني گهرن جي سروي ڪندو ويو باقائده جن جن ماڻهن جا گهر ٻنيون ٻارا تباهه ٿيا آهن سيريز وائز انهن جا نالا لکندو ويو، ڪچهري به هلندي وئي ، منهنجي ڪئميرا جي اک انهي ءَ ڪچهري جون تصويرون محفوظ ڪندي وئي ، ڊاڪٽر کين تسلي ڏيندي ويو .اتي معلوم ٿيو ته ڳوٺ الهرکيو نظاماڻي ۾ تقريبن سئو کن گهر آهن ، ۽ هن ڳوٺ جي جملي آبادي 1200 ماڻهن تي مشتمل آهي. هن ڳوٺ جو برساتن کان پوءِ سڀ کان وڏو مسئلو اهو آهي ته برسات جو ڪنو ۽ گندو پاڻي جيڪو هن سموري ڳوٺ کي گهيري ۾ آڻيو بيٺو آهي ان جي نيڪال جو بندوبست ڪيو وڃي ۽ هنن ڳوٺاڻن جي فصلن جنهن ۾ ساريون، ووئڻ ۽ ڪمند مان پڻ برسات جي بيٺل گندي پاڻي جي نيڪال جو جوڳو انتظام ڪيو وڃي، ان کان علاوه گندي ۽ ڪني برسات جي پاڻي بيهڻ سبب ڳوٺ ۾ مختلف قسمن جون بيماريون، جنهن ۾ مليريا، ڊائريا سر فهرست آهن انهن جي خاتمي لاءِ ڪا ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي وڃي، ڊاڪٽر احمد نوناري ڳوٺ وارن کي يقين ڏياريو ته ميڊيڪل ڪئمپ هڪ ٻن ڏينهن اندر پي ايم اي جي تعاون سان هن ڳوٺ ۾ لڳائي ويندي ۽ حيدرآباد ضلعي جي متعلقه عملي سان سنڌ ترقي پسند پارٽي مرڪزي ليول تي ڳالهائي ڳوٺ مان گندي پاڻي جي نيڪال جو جلدازجلد بندوبست ڪندي، ان کان علاوه خدمت سنڌ فائونڊيشن ضلع ٽنڊو محمدخان پاران پنهنجي مدد پاڻ جي اصول تحت لڳايل ڪئمپ مان جمع ٿيل راشن مان به وڌ کان وڌ هن ڳوٺ جي ماڻهن جي سهائتا ڪئي ويندي. ايتري ۾ محترما ثمينه خاصخيلي ۽ امبر شاهه ڳوٺ جي هر گهر جو سروي ڪري واپس پهتيون ۽ ڊاڪٽراحمد نوناري ۽ اسان ڳوٺ وارن کان موڪلايو، هاڻي اسان جي ٻي منزل گنجي ٽڪر جي جابلو سلسلي مقبري شريف جو ڏاکڻو حصو درياءِ سنڌ جي کاٻي ڪناري ۾ قائم ڪلر پوري ملاحن جي جُڳين واري بستي هُئي ، اسان جي گاڏي ساڳوڻي رستي تان مطلب ته گاجا واهه جو ساڄو ڪپ وٺي وري گاجا موري تي پهتي، اتان کان اولهه طرف ڏانهن ٽرن ڏيئي حيدرآباد وڃڻ واري روڊ تي ڊوڙڻ لڳي ، اها ڪار ڊاڪٽر احمد نوناري هلائي رهيو هو، اتي مونکي منهنجون ورتل فريش اپ واريون ٽافيون ياد اچي ويون ، جيڪي پنهنجي پاسيري کيسي مان ڪڍي ڪار ۾ ويٺل پنهنجي سمورين ساٿين کي هڪ هڪ ڪري ڏنم ، سڀني ٽافي ڏيڻ واري منهنجي هن عمل تي چيو ته سائين نثارناز اڄ ته ٽافيون به وٺي آيو آهي، مسڪرائيندي چيم ته اسان نيڪ ڪم جي سروي ڪرڻ لاءِ هلي رهيا آهيون، ڳالهين سان گڏ سستي چارمنگ هي ٽافيون به ضروري آهن، اتي ڊاڪٽر احمد نوناري چيو ته سائين نثارناز چند ڏينهن ۾ اسان جي هن ڪار خير ۾ باقائده هڪڙي پيشه وارانه مضمون نگار، سفرنامو لکندڙ سيلاني جي روپ ۾ اسان سان شانه بشانه برسات جي تباهه ڪارين ۾ زندگي جي جُهريل هر روپ کي انٽر نيٽ جي حوالي سان فيس بُڪ ۽ دنيا جي سڀ کان وڏي ۾ وڏي سنڌي فورم www.sindhsalamat.comتي ايڪسپوز ڪيو آهي ۽ ڀرپور نموني اسان سان گڏ پنهنجي علائقي جي ماڻهن جي ڏُکن سورن کي پرخلوص طور تي ساري دنيا جي سنڌين سان شيئر ڪيو آهي، اسان کي خوشي آهي ته نثار ناز جهڙو پرخلوص دوست اسان سان ساٿ ساٿ آهي، آئون خبر ناهي ڪهڙي سوچن ۾ گُم هُئس، مون ڪوبه جواب ڪونه ڏنو ،ايتري ۾ اسان جي ڪار سيري شهر ڪراس ڪري کٿڙ شهر جي حدن ۾ داخل ٿي چُڪي هُئي، محترما امبر شاهه چيو ته ادا نثارناز الائي ڪهڙين سوچن ۾ گم آهي؟ آن ها ها نه امبر بابا بس اهو سوچي رهيو آهيان ته اسان جي جيڪا ايندڙ منزل ڪلر پور ملاحن جي اڏيل جُڳين واري بستي آهي اتي الائي ڪيئن منهنجا سنڌي پنهنجي دردن جي درمانن جي راهه تڪيندا هوندا، الائي ڪيئن جبلن جي سنگريز علائقي مقبري شريف ۾ پنهنجي ۽ پنهنجي ٻچڙن جي هڪ وقت جي ويلي جو پورائو ڪندا هُوندا، اسان جي ڪار هاڻي کٿڙ شهر جو ريلوي ڦاٽڪ ڪراس ڪري وسي ملوڪ شاهه ملاڪاتيار روڊ وايا مقبرو شريف واري روڊ تي ٽرن ڏيئي ڏکڻ طرف جابلو رستي تي ڊوڙڻ لڳي رستي تي هڪڙو ننڍڙو ڳوٺڙو نظر آيو ان ننڍڙي ڳوٺ ۾ زياده تر آبادي بروهي ذات سان تعلق رکندڙن جي آهي انهي ڳوٺ ۾ ڪافي پارٽين جا جهنڊا نظر اچي رهيا هُئا، ايم ڪيو ايم جا ڪافي سارا جهنڊا انهي ڳوٺڙي ۾ مونکي نظر آيا ته ڇرڪ نڪري ويو، ڇا اسان جي سنڌ جي هنن ننڍڙي ڳوٺ ۾ به لساني تنظيم ايم ڪيو ايم پنهنجا پير پختا ڪري چُڪي آهي ، اتي ڊاڪٽر صاحب چيو ته هن ڳوٺ جا بروهي جيڪي صدين کان هتي رهندا اچن انهن به پنهنجو پاڻ کي سنڌي سڏائڻ جي بدران مهاجر سڏائي ايم ڪيو ايم جو ساٿاري ثابت ڪيو آهي . اسان جي ڪار تيزيءَ سان هلندي رهي ، مون اڳ ۾ پنهنجي هڪڙي ڪنهن مضمون ۾ اهو لکيو هو ته هيلوڪي سانوڻي جتي ڪافي سارا سنڌين جا جهوپا، سنڌين جا ڳوٺ تباهه ۽ برباد ڪيا آهن اتي هن سانوڻي گنجي ٽڪر جي هن جابلو سلسلي ۾ ساوڪ ۽ هريالي ءَ جا نوان رڪارڊ قائم ڪيا آهن ، حد نظر هي سمورو جابلو علائقو جنت جهڙو نظر اچي رهيو هو پري پري ڌراڙ پنهنجي ٻڪرين ۽ رڊن جي ڌڻن کي هڪليندا پنهنجي ماڳن ڏانهن وڃي رهيا هُئا ، شام جا سايا هاڻي هن جابلو سلسلي تي پنهنجا پر پکيڙا رهيا هُئا اولهه طرف سج لهڻ جو منظر هڪڙو عجيب سماءُ ٻڌِي رهيو هو، مقبري شريف جي قبرستان جون حدون نظر اچي رهيون هيون اهو انڪري لکان پيو ته مڪلي جي قبرستان جيان مقبري شريف ۾ به ڪافي ساريون قبرون آهن سو قبرن جو قطارون نظر اچڻ تي خبر پئجي ويئي ته اسان جي ڪار مقبري شريف جي علائقي ۾ پهچي ويئي آهي، ڊاڪٽر احمد نوناري چيو ته پاڻ هاڻي ڪلر پوري ملاحن جي اڏيل جُڳين جي بستي جي بلڪل ويجهو آهيون سامهون هڪڙي همراهه کي ڏسي ڊاڪٽرا حمد نوناري چيو ته اجهو اهو سامهون گُل ملاح بيٺو آهي جنهن جي سڏ تي اسين انهي بستي جي سروي ڪرڻ هلي رهيا آهيون، گُل ملاح اسان جي گاڏي کي ڏسي هٿ جي اشاري سان پنهنجي طرف اسان جي گاڏي کي مڙڻ جو اشارو ڪيو ڊاڪٽر احمد نوناري فوري طور گاڏيءَ جو اسٽيرنگ روڊ کان ڏکڻ طرف ڦيرايو ٿورو اڳيا ن وڌاياسين ته سامهون ننڍين ننڍين جُڳين جون ڪافي قطارون نظر آيون، برسات سٽيل سنڌين جو هڪڙو جهان آباد هُو هتي، پيرين اُگهاڙا ٻارڙا اسان جي ڪار کي ڏسي ڊوڙڻڻ لڳا، هو شايد سمجهي رهيا هُئا ته ڪو ڳندڻ لپو ڪا اٽي جي لپ، ڪو سڪو کير ، ڪو سندن اگهاڙن انگن لاءِ لٽو، ڪو سندن اگهاڙن پيرن لاءِ بوٽ ، ڪي ڀڳل ٽٽل رانڌيڪا اسان ضرور آندا هوندا، نوجوان مرد عورتون ۽ ٻُڍڙن جو جم غفير به اسان جي هن ڪار کي ڏسي اسان طرف ڊوڙڻ لڳو، اتي گُل ملاح انهن کي چيو ته هي سنڌ ترقي پسند پارٽي ءَ جا دوست توهان جي هن بستي جي سروي ڪرڻ آيا آهن ، توهان جي ڏُکن ۾ شريڪ ٿيڻ آيا آهن، اسان جي ڪار آهستي آهستي هلندي رهي هڪڙي جڳه تي گُل ملاح جي چوڻ تي ڊاڪٽر احمد نوناري پنهنجي گاڏي کي روڪيو، محترما ثمينه خاصخيلي ۽ امبر شاهه جيئن ڪار مان لٿيون ته وڏي تعداد ۾ هن جُڳين جي بستي ءَ جون عورتون کين وڪوڙي ويون آئون پنهنجي ڪئميرا جي اک ۾ هن بستيءَ جي هر جُڳي کي سمائيندو ويس، هن بستي جا واسي پنهنجي ڏُکن جا داستان ڊاڪٽراحمد نوناري ، محترما امبر شاهه ، محترما ثمينه خاصخيلي سان شيئر ڪندا ويا، اسان جي هن ننڍڙي قافلي جي هر ساٿي جي اک انهن جو داستان ٻُڌڻ سان اشڪبار هُئي ، انهي دوران منهنجي اک هڪڙي انگ اُگهاڙي معصوم ٻار تي پئي جيڪو پنهنجي قد کان به ننڍي اڏيل جُهڳي جي سامهون اسان ڏانهن حسرتن سان نيهاري رهيو هو، جڏهن مون کيس ڏٺو ته مان ڊوڙي ان معصوم سنڌي معصوم پُٽڙي ڏانهن وڌيس پنهنجي کيسي مان ٽافيون تلاش ڪري شفقت سان سندس مٿي تي هٿ ڦيري اهي ٽافيون کيس ڏنيون ۽ اتي وڏي آواز سان چوڻ لڳس ته هي ٻارڙو اگهاڙو ڇو آهي، هن ايتري ننڍڙي پتڪڙي جهڳيءَ ۾ پنهنجو سر ڪيئن لڪائيندو هوندو ان جُهڳيءَ ۾ ته اوڇڻ لاءِ نڪا ڪا رلي آهي نڪا ڪا چادر آهي نڪا وڇائڻ لاءِ ڪا سوڙ آهي نڪا ڪا پٿراڻي آهي ، يا الله ڇا هي ٻار جنهن جي عمر مشڪل سان چار يا پنج سال هوندي ان جي تن ڊڪڻ لاءِ انهن اميرن وٽ ٻه ٽي گز ڪپڙو ڪونه آهي جيڪي ڏينهن رات عياشين ۾ پورا آهن ، جيڪي هندورن ۾ لُڏندا آهن ، جيڪي پنهنجي ڪتن کي به اهڙا گهر ٺهرائي ڏيندا آهن جن تي هنن جو خرچ لکن ۾ هوندو آهي ، انسانيت جي ايڏي تذليل ڏسي مان سُڏڪي ويٺس مان تڙپي پيس، دل چاهيو ته مقبري جي هن جابلو سلسلي جي ڪنهن بُلند چوٽي تي چڙهي حڪمرانن جي بي حسيءَ ۽ اک پور جي خلاف احتجاج طور خود ڪشي ڪري ڇڏيان پر ائين ڪري نه سگهيس ، ۽ تاريخ جي هن موڙ تي پنهنجي پاڻ کي بزدل ثابت ڪري صرف ان معصوم ٻار جي انگ اگهاڙي تصوير ڪڍي معاشري جي مُنهن تي هڪڙو ڀونڊو وهائي ڪڍيم. گل ملاح جي گُذارش تي اتي جي هڪ جابلو چوٽي تي ڪنهن درويش( جنهن جو نالو بستي واسين شايد لعل ڇتو) ٻُڌايو پي جي آخري آرام گاهه تي سڀ ساٿي چڙهي وياسين جنهن ۾ اسان سان گڏ بستيءَ جا ڪافي نوجوان ٻڍا ٻار ، عورتون به گڏ هيون ، چڙهائي تي چڙهندي دوران گل ملاح اسان کي ٻُڌايو ته جملي ننڍيون وڏيون چار سئو جهڳيون آهن ۽ جملي 15 سئو عورتون مرد برسات جي تباهه ڪارين کان بچي هتي سر بچائي جهڳيون اڏي هي ڪلر پوري ملاح ويٺا آهن ، ڊاڪٽر احمد نوناري ۽ محترما ثمينه خاصخيلي کين دلاسا ۽ پنهنجي وس آهر انهن جي واهر ڪرڻ جي خاطري ڏياري رهيا هُئا، چوٽي تي چڙهي انهي درويش لعل ڇتو جي قبر تي ايثال ثواب خاطر اسان چار ڪُل پڙهي دُعا گهري انهي دعاگهرڻ ۾ اسان سان ساري ڳوٺ وارن به ساٿ ڏنو جڏهن جبل جي چوٽي ءَ تان لهي هيٺ ٿياسين ۽ هڪڙي جهڳي جي فوٽيج ٺاهيم پي ته ان جهڳي مان مان هڪڙي نوجوان مٿي اگهاڙي سنڌي نياڻي جنهن جا ڪپڙا جڳه جڳه تان ڦاٽل هُئا منهنجي ٻانهن کان جهلي مونکي ڌونڌاڙي چيو ته ”چاچا تون به ٻين ميڊيا جي چينلن وانگر اسان جي هن غربت جون تصويرون اسان جي هن بيڪل جيون جون تصويرون رڳو تماشي خاطر ڪڍي ويندين پر اسان لاءِ ڪجهه به ڪري ڪونه سگهندين........؟......!! ان نياڻي جي انهي ڳالهه کي ٻُڌي پنهنجي دل جهلي ڪونه سگهيس......... ان سنڌي نياڻي جي اکين سان اکيون ملائي ڪونه سگهيس،پنهنجي نظرن سان گڏ پنهنجي ڪنڌ کي به هيٺ جهڪائي ڇڏيم، پنهنجي اندر ۾ ۽ پنهنجي گريبان ۾ جهاتي وجهي پنهنجي پاڻ کان اهو سوال پُڇيم ته اي شاعر آخر ڪيستائين پنهنجي لفظن جا رانڌيڪا ٺاهي صرف پنهنجو پاڻ کي بهلائيندو رهندين ڇو جو لفظن جي رانڌيڪن سان ڪنهن معصوم ابهم ٻار جي هڪڙي وقت جو لولو مهيا ڪري نٿو سگهجي............!، ڪنهن پرسان حال سنڌي نياڻي جو رئي سان مٿو ڍڪي نٿو سگهجي........! ڪنهن بيواهه ڪراڙي ماءُ جي سرڍڪڻ جي ڇت اجهي جي صورت ۾ اڏي نٿي سگهجي...........!!![/JUSTIFY]

    پيش آهن انهي سروي واري سفر جون ڪجهه تصويرون

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
    ڳوٺ الهرکيو نظاماڻي ۾ ڊاڪٽر احمد نوناري سروي دوران ڳوٺاڻن سان ڳالهه ٻول ڪندي ۽ ڳوٺاڻا

    [​IMG]

    [​IMG]
    ڳوٺ الهرکيو نظاماڻي جي چوڌاري برسات جو گندو پاڻي بيٺو آهي

    [​IMG]
    ڳوٺ جي پاسي مان وهندڙ گاجا واهه جو دلڪش نظارو

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
    ڳوٺ الهرکيو نظاماڻي جا ڪجهه دلڪش منظر جيڪي سنڌ سلامت جي ساٿين جي ڊيسڪٽاپ جي لا يقينن شاندار ثابت ٿيندا۔

    [​IMG]
    سنڌ سلامت جو جهونو نثار ناز ڳوٺ الهرکيو نظاماڻي ۾ تازه ترين تصوير ۾ توهان کي ڪيئن لڳي رهيو آهي​
     
  2. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: جُهريل جهوپڙن ۾ ٽُٽل آسرو آ

    تمام تفصيلي ليک ونڊڻ لا لک لائق سائين نثار صاحب
     
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: جُهريل جهوپڙن ۾ ٽُٽل آسرو آ

    ادا ڪالهه ڪافي دير تائين انهي سفر جو اکين ڏٺو احوال لکندو رهيس اپ لوڊ ڪرڻ کان پو ٿڪي پيس ان سفر جون تصويرون اڄ لڳايون اٿم اميد ته انهي تصوير سان منهنجي هي رپورٽ اڃان به واضح طور تي توهان سڀ دوست سمجهي سگهندا لک لائق جو توهان کي منهنجي هي غريباڻي ڪاوش پسند آئي ۔

    ڪجهه وڌيڪ تصويرون توهان دوستن جي مشاهدي لا

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
    سنڌ ترقي پسند پارٽي جو مرڪزي رهنما خدمت سنڌ فائونڊيشن ضلع ٽنڊومحمد خان جو جاکوڙي اڳواڻ ڊاڪٽر احمد نوناري سنڌترقي پسند پارٽي جي ناري تحريڪ جي ضلعي صدر ۽ خدمت سنڌ فائونڊيشن جي خواتين ونگ جي انتهائي محنتي اڳواڻ محترما ثمينه خاصخيلي ۽ ناري تحريڪ ضلع ٽنڊو محمد خان جي نائب صدر محترما امبر شاهه جو مقبري شريف گنجي ٽڪر جبل تي قائم ڪلر پوري ملاحن جي جُهڳي بستي ۾ سروي جا مختلف ڏيک
     
  4. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: جُهريل جهوپڙن ۾ ٽُٽل آسرو آ

    ڪجه وڌيڪ تصويرون

    [​IMG]
    موجوده حڪومت اٽو لٽو اجهو جو نعرو هڻي هر دور ۾ سنڌي ماڻهن کان ووٽ ورتا مگر هي معصوم ٻارڙو جيڪو ڪلر پوري ملاح آهي هن جو گهر هن جو سمورو ڳوٺ برسات جي پاڻي سبب لڙهي ويو صرف پنهنجو سر بچائي مقبري شريف کٿڙ جبل ضلع حيدرآباد سنڌ تي جهڳي اڏي پنهنجي خاندان سميت رهائيش پذير آهي سندس تن تي لٽي جو نه هُجن، سندس هڪڙي جهڳي جيڪا نظر اچي رهي اجهي جو نه هُجڻ حڪومت جي بي ضمير ماڻهن جي مُنهن تي هڪ زوردار چماٽ آهي ، هن معصوم سنڌي پٽڙي جو پريشان چهرو ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهي ته اسان جي حڪومت بي حس ٿي چُڪي آهي۔

    [​IMG]

    هي نياڻي مني ملاح آهي برسات سبب هنن جو الهو تلهو ٻُڏي ويو پنهنجو سربچائي مقبري شريف کٿڙ واري جبل تي ڪکائين جهوپڙي اڏي اچي ويٺا آهن هن سنڌي نياڻي جو چهرو گُذريل ستن سالن کان ڪنهن جيت جي چڪ سبب ائين آهي منهنجي معلوم ڪرڻ تي هن نوجوان سنڌي نياڻي ٻُڌايو ته ست سال پهرين ڪنهن مڇر جي چڪ سبب سندس چهري جي کل ائين ٿي وئي آهي غربت سبب مني ملاح جي چوڻ موجب هن ٽنڊو محمد خان جي اسڪن اسپيشلسٽ ڊاڪٽر اعظم خواجه کان ڪُجهه ڏينهن علاج ڪرايو آهي پر سندس اهو مرض ٺيڪ نه ٿي سگهيو مان سنڌ سلامت تي سڀني سنڌي دوستن چاهي مُلڪ ۾ رهن ٿا يا مُلڪ کان ٻاهر آهن انهن کي پرزور اپيل ڪندس ته هن سنڌي نياڻي جو علاج ڪرائين يا هن سنڌي نياڻي جي مرض مان خاتمي جو ڪو ڏس پتو ڏين ته جيئن هي نياڻي پنهنجي باقي حياتي بنا ڪنهن پريشاني ۽ ڊپريشن جي گُذاري سگهي خاص ڪري اسان جا ڊاڪٽر ڀائر يا ڊاڪٽر ڀينرون اڳتي اچن.

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    تون ڳالهه ڪرين ٿو زلفن جي مان اڻڀن اڻڀن وارن جي ۽ پيٽ بُکايل ٻارن جي
     
  5. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: جُهريل جهوپڙن ۾ ٽُٽل آسرو آ

    نثآر ناز صاحب اسلام عليڪم۔توهان جي مشاهدي،تصويرن ۽ ليک کي پڙهڻ کانپوء هر باشعور انسان جي دل ۾ انهن تڪليف کي ڀوڳيندڙ ماڻهن لاء تمام گهڻي همدردي پيدا ٿي سگهي ٿي پر احباب اختيار جي ڪن تي شايد جون به نه هلي۔توهان جي ليک جو هيٺيون جملا هر ذيشعور انسان جون اکيون کولڻ لاء ڪافي آهن۔۔۔۔۔۔۔


    انسانيت جي ايڏي تذليل ڏسي مان سُڏڪي ويٺس مان تڙپي پيس، دل چاهيو ته مقبري جي هن جابلو سلسلي جي ڪنهن بُلند چوٽي تي چڙهي حڪمرانن جي بي حسيءَ ۽ اک پور جي خلاف احتجاج طور خود ڪشي ڪري ڇڏيان پر ائين ڪري نه سگهيس ، ۽ تاريخ جي هن موڙ تي پنهنجي پاڻ کي بزدل ثابت ڪري صرف ان معصوم ٻار جي انگ اگهاڙي تصوير ڪڍي معاشري جي مُنهن تي هڪڙو ڀونڊو وهائي ڪڍيم۔


    توهان جا پيسٽ ڪيل ڦوٽون ڏسي اسان جي دل ڏاڊي غمگين ٿي ويئي آهي جڏهن ته توهان ته انهن ماڻهن کي پنهنجي اکين سان ان حالت ۾ گذريندي ڏٺو آهي ۽ انهن جا ڏک ۽ تڪليفن کي پنهنجي ڪنن سان ٻڌو آهي۔تواهان جي دل جي ڪفيت ڇا هوندي۔ان جو اسان کي ٿورو ٿوري اندازو آهي۔ٍجس آهي هر ان انسان کي جيڪو پنهنجي محدود وسئلن جي باوجود به هن مشڪل گهڙي ۾ انهن مصيبت زاده ماڻهن جي مدد ڪن ٿا۔بيشڪ توهان به انهن مان هڪ آهيو۔۔۔۔۔۔۔۔۔الله سائين اوهان کي ان جو آجر ڏيندو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔آمين۔
     
  6. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: جُهريل جهوپڙن ۾ ٽُٽل آسرو آ

    تمام جامع مضمون ونڊ ڪري خدمت م حصو شامل ڪيو اٿو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ تصويرن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڪيتري تباهي ٿي آهي۔۔۔۔۔۔ توهان جي ان ڊاڪومينٽريء جي زريعي من ڪنهن حڪمران کي ڪو رحم پوي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    توهان جي جدوجهد کي سلام
     
  7. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: جُهريل جهوپڙن ۾ ٽُٽل آسرو آ

    توهان جي جدوجهد کي سلام
     
  8. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: جُهريل جهوپڙن ۾ ٽُٽل آسرو آ

    سائين محترم نثار احمد ناز صاحب جتي سنڌ ۽ ماروئرن جي ڳاله هجي انهن کي ڪا تڪيلف اچي غيرت مند فرزند جو اهو ئي فرض آهي ته هو پهنجي وس آهر پهنجي انهن ڀائرن جي ڪم اچي ۽ انهن جي ڏک سک ۾ شريڪ ٿي اوهان جو هي تفصيلي مضمون پرهي ڪري مون کي ائين لڳو ته شايد اسان اگرچه اوهان سان گڏ نه هئا سين پر اسان انهن ماروئڙن جي تڪليف کي اوهان جي احساسن ذريعي ضرور محسوس ڪيو سين ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔اوهان جو هي تفصيلي ونڊ يقينن سنڌ سلامت جي لاء باعث احترام جو سبب بڻيو جو اوهان سنڌ سلامت جي نمائندگي ڪري پهنجي ڏکايل ماروئڙن کي اسان سڄي ٽيم جا احساس پهچايا اوهان جا لک ٿورا ۽ قرب اوهان جي هر ونڊ اوهان وانگر لاجواب ۽ قابل فخر هوندو آهي مولا اوهان کي خوش رکي آمين ​


    .....................................

    سائين محترم نثار احمد ناز صاحب جتي سنڌ ۽ ماروئرن جي ڳاله هجي انهن کي ڪا تڪيلف اچي غيرت مند فرزند جو اهو ئي فرض آهي ته هو پهنجي وس آهر پهنجي انهن ڀائرن جي ڪم اچي ۽ انهن جي ڏک سک ۾ شريڪ ٿي اوهان جو هي تفصيلي مضمون پرهي ڪري مون کي ائين لڳو ته شايد اسان اگرچه اوهان سان گڏ نه هئا سين پر اسان انهن ماروئڙن جي تڪليف کي اوهان جي احساسن ذريعي ضرور محسوس ڪيو سين ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔اوهان جو هي تفصيلي ونڊ يقينن سنڌ سلامت جي لاء باعث احترام جو سبب بڻيو جو اوهان سنڌ سلامت جي نمائندگي ڪري پهنجي ڏکايل ماروئڙن کي اسان سڄي ٽيم جا احساس پهچايا اوهان جا لک ٿورا ۽ قرب اوهان جي هر ونڊ اوهان وانگر لاجواب ۽ قابل فخر هوندو آهي مولا اوهان کي خوش رکي آمين
     
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: جُهريل جهوپڙن ۾ ٽُٽل آسرو آ

    سائين نثار ناز سلام

    سنڌ جو درد ، سنڌي ماڻهن جي پيڙا اهوئي محسوس ڪندو جيڪو هن ڪٺن گهڙين کي پنهنجو سمجهندو۔ حآليه بارشن سنڌ جي اڌ حصي خاص ڪري لاڙ وارن سرسبز ۽ زرخيز علائقن ۾ جيڪا تباهي آندي آهي انهن جو هڪ سبب ته قدرتي آفت بارش آهي پر ٻيا انيڪ سبب اسان جي ڪامورن، حڪومتن ۽ سول سوسائٽي جي ناقص منصوبه بندي پڻ آهي۔ سنڌ جي مارن ڪڏهن اهڙي بربادي جو سوچيو به ڪونه هو۔

    پنهنجي ئي ڌرتيء تي اهڙا بيوس مارو مون ڪڏهن ڪونه ڏٺا۔ اوهان جي سٺي رپورٽ جنهن ۾ جتي تباهيون ڏيکاريل آهن ته اتي دلڪش منظر به ڏيکاريل آهن۔ اوهان سميت، خدمت سنڌ فائونڊيشن ۽ؤ ناري تحريڪ انهن سڀني دوستن کي سلام آهي جيڪي هن ڏکيي وقت ۾ پنهنجي مارن سان گڏ آهن۔ مان باري ڀٽي جون هي سٽون پيش ڪندس جيڪي مون ڪالهه رات شيئر ڪيون هيون :

    مون ڏني آ راھ کي منزل نئين،
    دوستن جي شھر ۾ پٿر ڏسي،
    سب ڌرم مذھب لڳن ٿا کوکلا،
    پاڻ ئي خود ۾ خدا اندر ڏسي،
    اڄ وري ڪنھن سوچ ۾ الجھي پيس،
    چرچ مسجد ۽ ڪٿي مندر ڏسي،
    ڇو مسافر جا قدم رڪجي ويا،
    ڳوٺ ۾ ويران ھڪڙو گھر ڏسي،
    اي مصَوَر ! ڇو قلم تنھنجو ٽٽو،
    سنڌ ۾ سيلاب جو منظر ڏسي ـ
     
  10. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: جُهريل جهوپڙن ۾ ٽُٽل آسرو آ

    محترم مصطفي ميمڻ صاحب جا ٿورا جو اسان جو لکيل هنن مڪمل مضمون پڙهيو، ادا ساري زندگي اسان ائين ئي ويهي وقت وڃايو آهي پنهنجي جيجل ڌرتي جي ڏُکن سورن جو مشاهدو ڪرڻ سکيا ئي ڪونه آهيون ، جيڪڏهن شروع کان ئي اسان سنڌي پنهنجي غمي پنهنجي خوشي کي دل جي گهرائين سان جانچيون ها ته ڪابه مشڪلات اسان طرف اچي ڪونه سگهي ها، جيڪڏهن مشڪلات اچي به ها ته اسان پنهنجي اتحاد ۽ حوصلن سان ان کي مُنهن ڏيون ها، خير اڃان به ويل ڪانه ويئي آهي ، تقدير جيڪڏهن پنهنجا ستم اسان مٿان روا رکي ٿي ته ان کي به همت سان جوان مردي سان منُهن ڏيئي سگهون ها، ۽ باقي رهيا هتي جا زميني خُدا انهن سان اسان کي ويڙهاند ڪرڻي آهي مظلوم سنڌي ماڻهن ۽ ڏتڙيل سنڌي ماڻهن جا حق انهن کان وڙهي وٺڻا آهن۔ جيڪا صورتحال موجوده سنڌ جي آهي ان جا جملي ذميوار اهي زميني خُدا آهن اهي اقتدار جي نشي ۾ مست حڪمران آهن جن جا ڇاڙتا غريبن جون امدادون به پنهنجي ڀڀ ڀرڻ جي استعمال ۾ آڻين ٿا، ليڪن انڌيرو آخر به ته ڇٽڻو آهي، روشن اُجالو آخر ته ڦُٽڻو آهي، منهنجي ڪوشش هوندي آهي ته انهن غريبن انهن ڏتڙيل ، انهن مارو ماڻهن جي دک دردن کي ها لائٽ ڪري پوري دنيا جي سامهون آڻيان جيئن دنيا کي خبر پوي ته حڪومت جو ڳالهيون ٺلهيون آهن ، سندن نعرا رڳو سکڻا آهن ۔

    .....................................

    محترم مصطفي ميمڻ صاحب جا ٿورا جو اسان جو لکيل هنن مڪمل مضمون پڙهيو، ادا ساري زندگي اسان ائين ئي ويهي وقت وڃايو آهي پنهنجي جيجل ڌرتي جي ڏُکن سورن جو مشاهدو ڪرڻ سکيا ئي ڪونه آهيون ، جيڪڏهن شروع کان ئي اسان سنڌي پنهنجي غمي پنهنجي خوشي کي دل جي گهرائين سان جانچيون ها ته ڪابه مشڪلات اسان طرف اچي ڪونه سگهي ها، جيڪڏهن مشڪلات اچي به ها ته اسان پنهنجي اتحاد ۽ حوصلن سان ان کي مُنهن ڏيون ها، خير اڃان به ويل ڪانه ويئي آهي ، تقدير جيڪڏهن پنهنجا ستم اسان مٿان روا رکي ٿي ته ان کي به همت سان جوان مردي سان منُهن ڏيئي سگهون ها، ۽ باقي رهيا هتي جا زميني خُدا انهن سان اسان کي ويڙهاند ڪرڻي آهي مظلوم سنڌي ماڻهن ۽ ڏتڙيل سنڌي ماڻهن جا حق انهن کان وڙهي وٺڻا آهن۔ جيڪا صورتحال موجوده سنڌ جي آهي ان جا جملي ذميوار اهي زميني خُدا آهن اهي اقتدار جي نشي ۾ مست حڪمران آهن جن جا ڇاڙتا غريبن جون امدادون به پنهنجي ڀڀ ڀرڻ جي استعمال ۾ آڻين ٿا، ليڪن انڌيرو آخر به ته ڇٽڻو آهي، روشن اُجالو آخر ته ڦُٽڻو آهي، منهنجي ڪوشش هوندي آهي ته انهن غريبن انهن ڏتڙيل ، انهن مارو ماڻهن جي دک دردن کي ها لائٽ ڪري پوري دنيا جي سامهون آڻيان جيئن دنيا کي خبر پوي ته حڪومت جو ڳالهيون ٺلهيون آهن ، سندن نعرا رڳو سکڻا آهن ۔
     
  11. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    تمام بهترين ونڊ گهڻو عرصو پهريان پڙهي هئي اڃ وري ٻيهر پڙهي ته ماروئڙن جي دردن جوداستان اڻ کٽندڙ لڳو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو