ڇا سنڌي ماڻهو بيوسي سان گڏ بي حسي ڏانهن پيا وڌن. محمد سليمان وساڻ [JUSTIFY]ان ڏينهن مان جيئن ئي آفيس کان موٽي گهر آيس ته ملڪاڻي شريف جي برسات متاثرن جي ڪجهه فيمليز سچل ڳوٺ پهتيون هيون. اهي بيوس نظر اچي رهيا هئا. سندن ٻڌايل ڳالهيون ٻڌي مان سڪتي ۾ اچي ويو هوس ته ڪيئن سنڌي ماڻهو ايثار ۽ قرباني واري جذبي کي ڇڏي بي حسي طرف پيا وڌن. انهن فيمليز جو سربراهه ٻڌائي رهيو هو ته ڪيئن ۽ ڪهڙن به ڏکين حالتن ۾ هو جڏهن وسندڙ مينهن ۾ حيدرآباد تائين پهتا ته ڪوبه ڪوچ وارو يا بس وارو کين ڪراچي جي لاء کڻڻ لاء تيار ڪونه هو. پو جڏهن هڪ بس واري کي سڄي صورتحال ٻڌائي وئي ته هن کين بس جي آخري سيٽن تي جاء ڏني پر بس ۾ سوار سفيد پوش ۽ پڙهيل لکيل سڏجندڙ پنهنجي ئي سنڌي ماڻهن جا بي تُڪا ۽ بي سُرا ئي نه پر طنزيه سوال ٻڌي روئڻهارڪو ٿي ويس. هن وڌيڪ اهو به ٻڌايو ته لڏ پلاڻ ڪندڙ ماڻهن کان رات جي وقت ڦر لٽ ڪئي وڃي ٿي. حڪومت اسان سنڌين جي آهي، انتظاميه اسان سنڌين جي آهي، ماڻهو اسان جا پنهنجا سنڌي آهن پوء هي هيڏي بي حسي ؟؟؟ ڇو اسان پاڻ پنهنجي ماڻهن جي مدد ڪرڻ لاء تيار ناهيون ؟ ڇا اسان جا سماجي قدر ختم ٿيندا پيا وڃن ؟ بي حس ته اهي متاثرين به آهن جيڪي هڪ ڪيمپ ۾ رهندي يا گڏ رهندي به ٻئي جو خيال رکڻ بجاء پنهنجي ڀڀ ڀرڻ جو سوچي پيل سامان به خراب ڪري ٿا ڇڏين۔ انهن کي ڪائونسلنگ سان گڏ سمجهه جي به ضرورت آهي پر اهو سڀ ڪير ڪري ؟ ڏک ته اهو آهي جو سيٺيون ۽ امير امراء يا زميندار ته پنهنجي بنگلن ۾ محفوظ هجڻ سان گڏ امداد جا حقدار به ٿي پيا آهن ۽ هنن جا گودام ڀرجڻ لڳا آهن پر ڪيمپن ۾ موجود يا کليل آسمان هيٺ ويٺل اهي غريب هاري، مزدور جيڪي زمين کيڙي ۽ محنت ڪن ٿا اڄ ئي بکيا، اڃيا، دربدر ۽ بيوس آهن. ٽي وي تي پيش ٿيندڙ ۽ ميڊيا ۾ آيل منظڙ اڏا ته درديلا آهن جو جيء جهوري ٿا وجهن پر پوء به هن دفعي سول سوسائٽي پنهنجو اصل ڪردار ادا ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي. اتي اهو ڏٺو ويو آهي ته هڪ گهر ۾ ته طعام ٿا پچن ۽ اهي ڪانون ڪتن کي به ٿا ملن پر ساڳئي ئي گهٽيء جي ڪنهن گهر ۾ يا ڪنهن موڙ تي ڪي بکيا ۽ خالي پيٽ رهن ٿا پر ڪوبه انهن کان ڪونه ٿو پڇي. سنڌ جي موجوده حالتن کي ڏسي گهڻي مايوسي ٿي رهي آهي پر پوء به سول سوسائٽي کي عرض آهي ته ميدان ۾ اچي ۽ حڪومت ۽ انتظاميه کي مجبور ڪري ته جيئن صحيح رخ ۾ فيصلا ڪري سنڌ جي وجود کي بچائي سگهجي. [/JUSTIFY]
جواب: ڇا سنڌي ماڻهو بيوسي سان گڏ بي حسي ڏانهن پيا وڌن سائين اسان جي نگري۔۔۔پيار محبت جي نگري آھي۔۔۔پر افسو جو ھتان جو راجه چرٻٽ جو به بابو آ۔
جواب: ڇا سنڌي ماڻهو بيوسي سان گڏ بي حسي ڏانهن پيا وڌن الله سائين اسان جي سنڌ تي رحم ڪري۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هي بي حسي، هي ڏک سور پنهنجن جا آهن اسان کي ئي انهن جو احساس نه ٿيندو ته ٻيو ڪير ڪندو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڇا اسان جي قوم ائين ئي پئي ڌڪا ٿاٻا کائيندي ؟؟۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔هن وقت ته ائي محسوس ٿي رهيو آهي ته روانڊا، سوماليا وانگر سنڌي قوم جو ڪو والي وارث ڪون آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ حالات کي ڏسي ڪري تمام گهڻي مايوسي ٿي آهي۔۔۔۔