ڪشنچند ”بيوس“ تحرير: ميمڻ عبدالغفور سنڌي ديوان ڪشنچند ”بيوس“ پٽ تيرٿ داس کتري، 7 ڦاڳ سنبت 1941 مطابق 19 مارچ 1885ع تي لاڙڪاڻي شهر جي ”ميمڻ محله“ ۾ ڄائو. سندس پتا حڪيم هو. ننڍپڻ کان ئي هن نينگر جي تربيت نهايت ئي سليقي سان ٿي. مگر پاڻ اڃا سنڌي چوٿون درجو پڙهي رهيو هو، ته سندس پتا پرلوڪ پڌرايو؛ جنهن ڪري هندو نظريي مطابق ڪنهن کان بيک مڱڻ بجاءِ، پاڻ تي انحصار ڪري، سنڌي ورنيڪيولر (فائينل) امتحان پاس ڪرڻ بعد ماستر مقرر ٿيو. ملازمت دوران سکر دادو، جيڪب آباد ۽ لاڙڪاڻي جو چپو چپو گهميو. پڇاڙيءَ ۾ تعلقي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ وليد عباسيءَ ۾ رهي، هيڊ ماستر جي عهدي تان 1944ع ۾ رٽاير ڪيائين. ننڍپڻ کان ئي هن نينگر جي طبيعت موزون هئي؛ جنهن ڪري ”بيوس“ تخلص سان ٺهه پهه شعر جوڙيندو رهيو. سندس شاعري اڻامٽ اُصولن تحت ترتيب ڏنل هئي. ”بيوس“ جيتوڻيڪ لاڙڪاڻي جو رهواسي هو، مگر لاڙڪاڻي جي شاعراڻي اسڪول سان سندس وابستگي نه هئي؛ جنهن سان حاجي محمود ”خادم“، نواز علي ”نياز“ جعفري ۽ ٻيا شاعر وابسته هئا. سندس شاعري حالانڪ عروض جي فن ۾ ضرور آهي، پر مضمون ۽ مقصد جي لحاظ کان بالڪل مختلف نوعيت جي نظر اچي ٿي: عروض جي فن کان ”بيوس“ ڪي قدر اڻ واقف هو؛ انهيءَ ڪري سندس شعر ۾ عروضي قاعدن ۽ ضابطن جون اڪثر اوڻايون ڏسجن ٿيون. البته شعر ۾ مضمون جي خيال کان کيس منفرد حيثيت حاصل آهي. هن پنهنجي شعر ۾ پنهنجي وطن ۽ اُن جي مختلف شين جي جاءِ بجاءِ واکاڻ ڪئي آهي ۽ عوام کي سجاڳ ڪرڻ لاءِ قومي شاعريءَ کي اوليت ڏيندي، عوام جي جذبات ۽ احساسات جي پوري پوري ترجماني ڪئي آهي. اِهوئي سبب آهي جو ”بيوس“ کي ’جديد شاعريءَ‘ جو بنيادي شاعر تسليم ڪيو وڃي ٿو. ديوان ”بيوس“، ايراني شاعريءَ جي تقليد گهٽ ڪري ٿو ۽ ان جي بدران پنهنجي وطن جي شين جون تشبيهون آڻي ٿو. سندس نظمن مان ”جهوپڙي“ هڪ شاهڪار جي حيثيت رکي ٿي. پاڻ علامه اقبال 1877ع – 1938ع) ۽ ڪن ٻين اردو شاعرن جي شعر جا سنڌي زبان ۾ ترجما به ڪيا اٿس. اُن هوندي به سندس شاعري سنڌي شعر جي تاريخ ۾ ”جديد شاعريءَ جو سنگ - ميل“ چئي سگهجي ٿي. ”بيوس“، ڪانگريس ۽ خلافت جي تحريڪن جو به سرگرم ڪارڪن ٿي رهيو. پاڻ مهاتما موهنداس ڪرمچند گانڌي (1869ع – 1948ع) جو بيحد عقيدتمند ۽ شش هجڻ سان گڏوگڏ ”هندو مسلم ايڪتا“ جو حامي پڻ هو. سندس شاگردن ۾ هوند راج ”دکايل“ ۽ پروفيسر رام پنجواڻيءَ جا نالا سر- فهرست آهن. ديس جي شين سان پيار هوس. ولايت جون ٺهيل عمديون شيون به تڇ سمان ڄاڻندو هو. پڇاڙيءَ ۾ پيءُ جي ڇڏيل ورثي (حڪمت) کي باقاعده ڪري ورتائين. مارچ 1933ع ۾ ”سنڌي ساهتيه سميلن“ ۾ سندس ڪارائتن خيالن کي خوب اهميت ملي. سندس ڪلام سنڌ خواهه هند مان نڪرندڙ رسالن ۾ ڪثرت سان ڇپجندو رهيو. ”سيرين ڪلام“ (1933ع) ۽ ”هئملٽ“ (ڊرامو) نصاب طور سنڌ ۾ پاڙهيا ويندا هئا. کيس 23 سيپٽمبر 1947ع تي لاڙڪاڻي ۾ اگني سنسڪار ڪيو ويو. ”محبوب طبع“، ”سامونڊي سپون“، ”ڦولداني“، ”بهارستان“، ”انڊلٺ“، ”پرت پوڄارڻ“ ۽ ”گرونانڪ جيون ڪوتا“ ڪتابن کان علاوه نون ڊرامن جو ليکڪ پڻ هو. هيٺ سندس ڪلام جو نمونو ڏجي ٿو:- رام چئون رحيم چئون، مطلب ته سڌو الله سان آهه، دين چئون يا ڌرم چئون، منشا ته اُنهيءَ جي راه سان آهه، عشق چئون يا پريم چئون، اِنڇا ته اُنهيءَ جي چاه سان آهه، ساڌو بڻون، يا سالڪ ٿيون، مقصد ته دل آ گاهه سان آهه، اکرن جي اوجهڙ ۾ اڙجي مفت نه دل آزاري ڪر؛ جان وجهي بي جان- اکر ۾ ڪجهه مطلب تي ڌيان به ڌر، قومي گيتن کي جنم ڏيڻ ۽ عوامي جذبات ۽ احساسات جي ڀرپور عڪاسي ڪرڻ ۾ ”بيوس“ پيش پيش رهيو آهي. سندس خاص نظمن ۾ ”جهوپڙي“ هڪ شاهڪار جي حيثيت رکي ٿي.
رام چئون رحيم چئون، مطلب ته سڌو الله سان آهه،دين چئون يا ڌرم چئون، منشا ته اُنهيءَ جي راه سان آهه،عشق چئون يا پريم چئون، اِنڇا ته اُنهيءَ جي چاه سان آهه،ساڌو بڻون، يا سالڪ ٿيون، مقصد ته دل آ گاهه سان آهه،اکرن جي اوجهڙ ۾ اڙجي مفت نه دل آزاري ڪر؛جان وجهي بي جان- اکر ۾ ڪجهه مطلب تي ڌيان به ڌر، ڪشنچند بيوس جي ورسيءَ تي ڀيٽا پيش ڪجي ٿي
سنڌ سلامت کي سلام آهي جيڪا اسان جي تعليمي عمل ۾ بيحد بهتين نموني مدد ڪري رهي آهي جنهن به شاعر ۽ ليکڪ جي اسان ڳولا ڪريون ٿا اهو سنڌ سلامت تي مليو وڃي محمد سليمان وساڻ ، سنڌ سلامت جي پوري ٽيم ۽ ميمبرن کي اسان جو سلام
سنڌ سلامت اسان سڀني جو فورم آهي، اوهان جو، منهنجو سڀني سنڌين ..... سڀني جي ڪوشش رهندي ته اسان سنڌي ٻولي جو وڌ کان وڌ مواد سنڌ سلامت تي آڻينداسين
بيوس‘، ڪشنچند: ڪشنچند -تيرٿ- داس کتري ’بيوس‘، جديد سنڌي شاعريءَ کي نئون موڙ ڏيڻ وارو شاعر هو. هن 25 فيبروري 1885ع تي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو، سندس پيءُ -تيرٿ- داس کتري حڪيم هو، بيوس کي ٻه ٻيا ڀائر به هئا، هڪ تولا رام، جيڪو -انگريزي- ماستر هو ۽ ٻيو موتيرام ڪورٽ ۾ ڪلارڪ هو. ٽئي ڀائر اڃا پڙهندا هئا ته سندن پيءُ لاڏاڻو ڪري ويو. -ان- ڪري ڪشنچند لاءِ نوڪريون ڪرڻ ۽ گهر جون ذميواريون سنڀالڻ ضروري ٿي پيو. پيءُ جي وفات کان پوءِ سندس ماءُ گهر ۾ حڪمت ڪرڻ لڳي، کيس پاڙي وارا ”ڏاهي“ ڪري چوندا هئا. بيوس پورهيت ماءُ جي خرچ تي پرائمري ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج ۾ پڙهندو هو، هڪ ڏينهن هاسٽل جي سپرنٽينڊنٽ رات جو دير سان ڪشنچند جي ڪمري جي بتي ٻرندي ڏٺي، وڃي ڏٺائين ته 16 سالن جو نوجوان ڪرسيءَ تي ننڊ پيو هو ۽ پاسي ۾ ڪاغذ جي هڪ -ٽڪري- تي هڪ نظم لکيو پيو هو، جيڪو پڙهي ڏاڍو متاثر ٿيو. ٻئي ڏينهن بيوس جي ڪلاس ٽيچر کيس مبارڪ ڏيندي چيو ته ”تون هڪ ڏينهن ضرور مهان شاعر ٿيندين“. اهو سال 1901ع هو، -ان- کانپوءِ 1925ع کان 1940ع تائين بيوس پنهنجي ابدي ڏات ذريعي سنڌي ٻوليءَ جو بهترين شاعر بڻجي ويو. هن جديد سنڌي شاعريءَ جو بنياد رکيو. -ٽئگور- کان متاثر ٿيو ۽ سندس شاعريءَ جي مطالعي لاءِ انگريزيءَ جي ڄاڻ حاصل ڪيائين ۽ لاڙڪاڻي جي گيان -باغ- ۾ 1940ع کان 1947ع تائين هفتيوار ادبي ڪلاس هلائي، -ٽئگور- جي شخصيت ۽ شاعريءَ تي ليڪچر ڏيندو رهيو. بيوس ٻارن لاءِ نهايت خوبصورت شاعري ڪئي آهي. -ان- زماني ۾ دادا شيوڪ ڀوڄراج، بيوس جي ٻاراڻن ناٽڪن ۾ ڪردار ادا ڪندو هو ۽ اُهي ناٽڪ بيوس جي گهر ٻاهران ٿيندا هئا. اتي ٻالڪن جي ٻاريءَ جا ميڙ به ٿيندا هئا. هن فرشتي صفت -انسان- لاڙڪاڻي ۾ ٻارڙن جو پهريون وڏو ميڙ به ڪوٺايو هو. سندس ٻاراڻن گيتن جو ڪتاب ”موجي گيت“ جي نالي سان ڇپيل آهي. بيوس سنڌي شاعريءَ جي -تاريخ- ۾ سدائين زنده رهندو. هن جي شاعراڻيءَ واٽ تي هلندي، هوند راج دکايل، هري دلگير، نارائڻ شيام ۽ شيخ -اياز- سنڌي ٻوليءَ جا ديو قامت شاعر ٿي اڀريا. بيوس جي شاعريءَ جي ڪتابن جو تفصيل هن ريت آهي: ”سامونڊي سپون“ (1929ع)، ”شيرين شعر“ (1929ع) ”ڦول داني“ (بيوس ۽ ٻين جي شاعري (1939ع)، ”گرو نانڪ جيون ڪوتا“ (1935ع)، ”موجي گيت“ (1935ع) -انڊلٺ- (هڪ فصلا ناٽڪ: 1939ع)، ”شعر بيوس“ (1951ع)، ”بيوس گيتا نجلي (1960ع)، سڏ پڙاڏو ساڳيو (بيوس جي شاعريءَ جو گڏيل ڪتاب: 1984ع)، ڪُليات بيوس (مرتب: محمود شاهه -بخاري- 1991ع)، ”ڇهه ڇهه پئسا، ٻه ٻه پايون“ (مرتب: نصير مرزا 2001ع)، شايع ٿيل آهن. -ان- کان سواءِ سندس شاعراڻي ڏات، شخصيت ۽ فن تي ڪيترائي ڪتاب ترتيب ڏيئي ڇپايا ويا آهن، جهڙوڪ: ”ڪشنچند بيوس“ (ليکڪ: هري دلگير 1982ع)، ”-بيوس جي ڪوتا- جو -جائزو-“ (مرتب: هري دلگير 1993ع)، ”-بيوس هڪ اڀياس- 1972ع)، ”شاعر ته بيوس“ (بلديو گاجرا 1983ع)، ”-بيوس هڪ گلدستو-“ (ليکڪ هري دلگير 1993ع) وغيره. ياد رهي ته ڪشنچند بيوس جي هر شعري ڪتاب ۽ سندس فن ۽ شخصيت تي لکيل ڪتابن جا ڪيترائي ڇاپا شايع ٿي چڪا آهن. ڪشنچند بيوس 23 سيپٽمبر 1947ع تي وفات ڪئي. حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون
رام چئون رحيم چئون، مطلب ته سڌو الله سان آهه، دين چئون يا ڌرم چئون، منشا ته اُنهيءَ جي راه سان آهه، عشق چئون يا پريم چئون، اِنڇا ته اُنهيءَ جي چاه سان آهه، ساڌو بڻون، يا سالڪ ٿيون، مقصد ته دل آگاهه سان آهه، اکرن جي اوجهڙ ۾ اڙجي مفت نه دل آزاري ڪر؛ جان وجهي بي جان- اکر ۾ ڪجهه مطلب تي ڌيان به ڌر، ڪشنچند بيوس