جواب: دادن جو خط هڪ هي خط ڇا ڪو دردن جو داستان هيو۔۔۔ ها هي سنڌ جو داستان هيو۔۔ يقينن هن وڊيو دوران دادن جي خط جي سٽ سٽ سڏڪي سنڌ جا سور وائکا ڪري رهي هئي۔۔۔ پر ۔۔۔ پر حڪمرانن ته هن وڊيو مان به پاڻ وندرايو هوندو انهن لاءِ ته شايد ڪا تفريحي وڊيو هوندي۔۔ افسوس صد افسوس
جواب: دادن جو خط هڪ اڙي ابا درويش، ڇو ٿا اهڙيون درد ڀريون آکاڻيون ڏيکاري فقير ماريو ۔۔۔۔ اسانجو اڳ ئي دل ڪچڙو ۽ سنڌ جي سورن ۾ سڙيل آهي ۔۔۔۔ مٿان وري دادن جون رڙيون، جيڪي وس وارا ته ڪون ٻڌاندا پر اسانجو حينئون لڙهي ويندو ۔۔۔۔ سنڌ سان جيڪيون ويڌنون ٿين پيون سي به خدا جي ڪاغذن ۾ درج هونديون ۔۔۔۔ الامان ۔۔۔ هيءَ وڊيو ڏسي چرين جهڙي حالت ٿي وئي، ڪڏهن اکين ۾ ڳوڙها ته ڪڏهن پنهنجي بي وسيءَ تي ڪاوڙ ته ڪڏهن سنڌ جي موجوده صورتحال تي ٽهڪ ٿي نڪتا ۔۔۔۔ لفظ ساٿ ڪون ٿا ڏين ۔۔۔۔ بس لطيف جا لفظ ئي آسرو آهن بَندي ٻِيا قرارِ، اسِين لوچُون لوهَ ۾؛ مٿي تَنَ ترارَ، سدا سانڀِيڙَنِ جي. اَڄُ پڻ چِڪِيَم چاڪَ، وَنهِيَن ويِڙيچَنِ جا؛ سُورَنِ اچِي سُومِرا! اَندَرِ ڪي اوطاقَ؛ مارُوءَ جي فِراقَ، هَڏَ مُنهِنجا ڪَپِيا.
جواب: دادن جو خط هڪ محترم عمران درويش صاحب۔توهان جو ونڊ ڪيل ويڊيو جنهن جو عنوان دادن جو خط آهي ،جنهن ۾ عام ماڻهن کي پيش ايندڙ تڪليفون ۽ انهن جي داد رسائي صاحب اختيار جي هٿان نه ٿيڻ کي فوڪس ڪيو ويو آهي کي ڏسي اسان جي اکين مان لڙڪ بيهي نه سگهيا ۽ اسان کي صاحب اختيار جي بي حسي تي ڪاوڙ ۽ افسوس ٿيو۔اهئي ماڻهو ٿوري وقت لاء پنهنجي پاڻ کي ان مظلوم جي جاء تي رکي اهو ڇونه ٿا سوچين ته جيڪڏهن صبحاڻي اهئي سڀ تڪليفون انهن کي پيش اچن ۽ ڪير به انهن جي مدد نه ڪري ته انهن جون ڇا فلينگس هونديون۔بس اسان ايترو چئي سگهون ٿا ته ***ماندي نه ٿئي ماروئي،تنهنجو الله به آهي۔***
جواب: دادن جو خط هڪ دادن جو سنڌ جي دردن سان ڀريل هي خط ڪنهن مصيبت جي پهاڙن کان گهٽ نه آهي جنهن کي ٻڌڻ کان بعد يقينن اکيون آليون ٿيو وڃن ۽ سنڌ جي انهن حڪمرانن خلاف دل ۾ بغاوت ۽ بد دعا جي بو به اچڻ لڳي