جواب: دادن جو خط هڪ
محترم عمران درويش صاحب۔توهان جو ونڊ ڪيل ويڊيو جنهن جو عنوان دادن جو خط آهي ،جنهن ۾ عام ماڻهن کي پيش ايندڙ تڪليفون ۽ انهن جي داد رسائي صاحب اختيار جي هٿان نه ٿيڻ کي فوڪس ڪيو ويو آهي کي ڏسي اسان جي اکين مان لڙڪ بيهي نه سگهيا ۽ اسان کي صاحب اختيار جي بي حسي تي ڪاوڙ ۽ افسوس ٿيو۔اهئي ماڻهو ٿوري وقت لاء پنهنجي پاڻ کي ان مظلوم جي جاء تي رکي اهو ڇونه ٿا سوچين ته جيڪڏهن صبحاڻي اهئي سڀ تڪليفون انهن کي پيش اچن ۽ ڪير به انهن جي مدد نه ڪري ته انهن جون ڇا فلينگس هونديون۔بس اسان ايترو چئي سگهون ٿا ته ***ماندي نه ٿئي ماروئي،تنهنجو الله به آهي۔***