هر تباهي سنڌين جو ئي مقدر ڇو…!؟

'شل سنڌ ۽ سنڌو آباد رهي' فورم ۾ عرس پريو طرفان آندل موضوعَ ‏23 سيپٽمبر 2011۔

  1. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    ”اوهان عوامي آواز آهيو؟- اسان جا 9 ڳوٺ پاڻيءَ ۾ ٻڏي چڪا آهن. ٻارين ٻچين روڊ تي ويٺا آهيون، ڪو به مدد لاءِ ناهي آيو، ڀوتار فقط هڪ ويلو ماني کارائڻ بعد غائب ٿي ويو آهي ته، وري واپس ناهي وَريو!. عوامي حڪومت ڪٿي آهي! اسان جي ڪو به مدد نه پيو ڪري. اوهان ئي ڪجهه ڪريو، اسان جو آواز مٿي پهچايو“. موبائل فون جي وائبريشن تي، 14 سيپٽمبر جي صبح جو سوير اک کلڻ ۽ اڻڄاتل نمبر تان ڪنهن ڳوٺاڻي جي اهڙي درد ڀري دانهن ٻڌڻ بعد، فقط ٻه ٽي ڪلاڪ اڳ سمهڻ لاءِ بستري تي اچڻ باوجود، بعد ۾ مون کي ننڊ اچي نه سگهي. ذهن تي گذريل سال جي ٻوڏ، لکين سنڌين جي دربدر ٿيڻ، ڪيترن ئي مهينن تائين هر سهولت کان وانجهيل ڪئمپن ۾ رهڻ دوران کين ملندڙ ذلتن جا منظر ذهن تي هلڻ شروع ٿي ويا. گذريل سال عيدالفطر واري ڏينهن صبح سوير گڏاپ ٽائون جي ٻوڏ متاثرن جي ڪئمپ مان آيل فون مون کي ياد اچي وئي، جنهن ۾ هڪ مظلوم سنڌي دانهن ڏيندي چئي رهيو هو:”اڄ عيد آهي، ٻارين ٻچين بي گهر ۽ ڪئمپ ۾ ويٺل آهيون. پنهنجن ٻارن کي ٻي ڪا خوشي ڏيڻ ته پري رهيو، پر صبح سان کين هر عيد تي ڏيندڙ سَئيون به ڏئي ناهيون سگهيا. هن وقت تائين ڪئمپ جي سمورن ماڻهن سميت بک تي ويٺا آهيون. خدا جي نالي ڪنهن کي ته چئو، اسان کي ٻيو ڪجهه نه، ته به، کاڌو ئي پهچائي وڃن!“. گذريل سال به اهڙي صورتحال بعد مان پنهنجو مٿو پڪڙي ويهڻ کان سواءِ ڪجهه به نه ڪري سگهيو هوس، نه ئي هينئر ايئن ڪرڻ بنا، ٻيو ڪو رستو نظر آيو! هڪ بي حس سماج ۾، جتي هر ڪو فقط وٺڻ ۽ حاصل ڪرڻ ته چاهي ٿو، ڪو به ڏيڻ لاءِ تيار ٿيندي نظر نٿو اچي، نه کربين رپين جي ڪرپشن جا دروازا کولي ويٺل هيءَ رياست، نه ان جي ڪرپٽ حڪومت، نه ئي ان جا ٻنهي هٿن سان مال ميڙڻ جي هوس ۾ ورتل ارب پتي حڪمران ۽ سياستدان! ماڻهن جي اجتماعي توڙي انفرادي ڏکي گهڙيءَ ۾ ڪنهن کي مدد لاءِ سڏ ڪجي؟، ان سوال جو جواب نه ڪالهه هو، نه اڄ ئي آهي!، پوءِ به اسان خوشنصيب آهيون جو، ”عوامي راڄ“ جو حصو آهيون!- ڇا ٿي پيو جو عوامي راجائن وٽ هڪ ٻئي کي ڏيڻ لاءِ گهڻو ڪجهه هجي، ڀلي انهن ڪجهه سالن ۾ ئي پنهنجن ساٿاري چورن، بدمعاشن، قبضاگيرن ۽ قاتلن کي بدنامي ۽ مفلسي مان ڪڍي اربين رپين جو مالڪ ۽ سماج جو ”معزز“ شهري بڻائي ڇڏيو هجي، پر وٽن عام ماڻهن، مظلوم انسانيت، مصيبتن ۾ گهيريل لکين انسانن لاءِ ڪجهه ڏيڻ لاءِ آهي به ته، فقط نمائشي دعائيه تقريب!، جنهن کي نيڪ خواهش سمجهڻ به مظلوم ماڻهن تي هڪ وڌيڪ ٺٺولي ڪرڻ برابر ئي ٿيندو-لکين ماڻهن کي تباهه ۽ ڪروڙين ماڻهن کان خوشيون کسي کين برباد ڪري ڇڏڻ بعد به هنن ”سخي حڪمرانن“ وٽ کين ڏيڻ لاءِ نمائشي فوٽو سيشن کان سواءِ جي ٻيو ڪجهه به نه هجي ته، پوءِ ڀلي هو پاڻ کي ”عوامي“ سمجهڻ جي غلط فهميءَ جو شڪار رهن، پر اسان کي کين فقط نااهل پارٽيءَ جي ظالم ۽ بي حس حڪمران ٽولي جي نالي سان ئي سڏڻ گهرجي، جن وٽ نه اهڙي دل آهي، جيڪا عوام جي درد کي محسوس ڪندي هجي، نه کين اها پرواهه ئي آهي ته، سندن نااهلي ۽ ڪرپشن لکين ماڻهن جي بي موت مري وڃڻ جو سبب بڻجي رهي آهي!. سندن ڪم جي شيءِ تباهه ۽ برباد ٿيل ماڻهو نه، پر سندن تباهي ۽ برباديءَ جي ورتل اهڙي تصوير آهي، جنهن جي مدد سان هو دنيا کي خيرات ڏيڻ لاءِ قائل ڪري، ان کي پاڻ ۾ حصو پتي ڪري ورهائي کڻن! آفتون ڀلي لکين- ڪروڙين ماڻهن لاءِ جيئري ئي موت جي مُنهن ۾ وڃڻ برابر هجن، پر مها مفاد پرست ”عوامي“ حڪمران ٽولي لاءِ اهي ڪنهن رحمت کان گهٽ نه آهن، جن جي بنياد تي هو ايڏي ته ڪمائي ڪري وڃن ٿا جو، سندن نوڪرن جا ايندڙ نسل به سُکيا سَتابا زندگي گهارڻ جا حقدار بڻجي ٿا وڃن!. قبرستانن مان لاش ڪڍي وڪرو ڪندڙن، اسپتالن مان مريضن جي جسمن جا عضوا ڪڍي ڇڏيندڙن ۽ هنن حڪمرانن ۾ مون کي ڪو به فرق محسوس نٿو ٿئي. سڀ جو سڀ هڪ جيترا ئي بي رحم، بي حس ۽ مفاد پرستيءَ جي چوٽ تي چڙهيل نفسياتي مريض، ڏوهاري ذهنيت ۽ عوام دشمن سوچ جا مالڪ آهن.

    برسات جي حد کان وڌي به وڃي، ته به ان کي زلزلي جهڙي آفت ته نه ٿو چئي سگهجي، جنهن سبب سڀ ڪجهه سيڪنڊن اندر ئي ختم ٿي وڃي ۽ ادارن توڙي حڪمرانن کي ڪجهه ڪرڻ جو موقعو ئي نه ملي!. هڪ سال بعد سنڌ کي هڪ نئين تباهيءَ جو منهن ڏيکاريندڙ چوماسي جي هاڻوڪين برساتن جو سلسلو 10 آگسٽ کان شروع ٿيو آهي، جنهن کي هن وقت مهيني کان وڌيڪ وقت ٿي چڪو آهي. گذريل مهيني جي اخبارن جا پنا اٿلائيندي مون کي فقط 11 آگسٽ جي اخبارن ۾، برسات ڪري ”موسم خوشگوار ٿي وڃڻ“ جي خبر پڙهڻ لاءِ ملي، 12 هين آگسٽ جون اخبارون مٺي، عمرڪوٽ، بدين، سانگهڙ ۽ نوشهري فيروز ۾ ٿيندڙ تباهيءَ جي ڪهاڻي ٻڌائڻ شروع ڪن ٿيون، جتي هزارين ڳوٺ پاڻيءَ هيٺ اچي چڪا آهن. 14 آگسٽ تي شايع ٿيندڙ اخبارون ٽن لک ماڻهن جي دربدر ٿيڻ سميت پنگريي ۽ جهنڊي مريءَ شهر ۾ پاڻي داخل ٿي وڃڻ جو اطلاع ڏين ٿيون. موسميات کاتو هن ڀيري چوماسي جي ڊگهي ۽ نقصانڪار هئڻ جون اڳڪٿيون ڪندو رهيو، پر ڪو به نه هو، جنهن ماڻهن کي ماڻهو سمجهيو! هن رياست ته سنڌين کي هميشه ماٽيلو ٻار ئي سمجهيو آهي، پر حڪمران ”عوامي“ پارٽيءَ کي به سندن ڪا به پرواهه ڇو ناهي رهي؟، سنڌين جي هئڻ ۽ نه هئڻ، پنهنجن پيرن تي بيٺل هئڻ يا تباهه حال هئڻ جو فرق محسوس ڪرڻ جي ضرورت ڇو نه ٿي محسوس ڪئي وڃي؟، قدرتي آفتون هجن يا حق پرستن جون دهشتگرديون ۽ زور آوريون، اها پنهنجن جي ڀر ٿي بيهڻ ۽ سندن ڏک سورَ ۾ شريڪ ٿيڻ جي ضرورت ڇو محسوس نٿي ڪري!؟، ڪٿي اسان جو رويو ئي ڌارين ته ڇڏيو، پر ”پنهنجن“ حڪمرانن کي به ان سطح تي پهچائڻ جو سبب ته نه بڻجي رهيو آهي؟، ٻن سالن دوران ٻه ڀيرا سنڌ کي تباهه ۽ برباد ڪرائيندڙ حڪمران ٽولو، اسان جي نظر ۾ اڃا تائين ”عوامي“ ڇو آهي؟، اسان اڃا تائين ان ٽولي جو ذڪر ڪرڻ کان اڳ بي حس ۽ بي رحم جهڙن نالن جو اضافو ڇو نه ڪري سگهيا آهيون؟، اڃا پوئتي ڇا بچيو آهي؟، اڃا ڪهڙي تباهي رهجي وئي آهي، جنهن بعد ئي اسان پنهنجي سوچ جو محور تبديل ڪري سگهنداسين!؟، شايد اسان اها ڳالهه وساري ڇڏي آهي ته، مڪمل تباهيءَ کان پوءِ اسان جي ڪجهه سوچڻ ۽ سمجهڻ سان فرق پوڻو ئي نه آهي. جَي زخمن سان چچريل جسم آخري گهڙيءَ کان اڳ قاتل کي سڃاڻي به وٺي، تڏهن به هو نه ته پنهنجي موت کي ٽاري سگهي ٿو، نه ئي قاتل جو ڪجهه بگاڙي سگهي ٿو.

    هاڻوڪي برسات ۽ ان کان بچاءَ جا ڪي به اڳواٽ اپاءَ نه وٺڻ سبب ٿيل تباهي، بربادي ۽ بي حسيءَ جا سڀ منظر جديد ميڊيائي دور به اسان جي سامهون آڻي ناهي سگهيو. ٽي وي اسڪرينون ۽ اخبارن جا پنا، اوهان تائين جيڪو ڪجهه به پهچائي رهيا آهن، صورتحال ان کان به گهڻي بدتر ۽ افسوسناڪ آهي. حقيقتن تي غور ڪجي ته، اڄ به اسان قبلِ مسيح کان اڳ واري اهڙي انساني غلاميءَ واري دور جو حصو ئي آهيون، جنهن دوران جنگي بحري ٻيڙا هلائيندڙ سوين غلامن کي، جهاز تباهه ٿيڻ جي صورت ۾ پيرن ۾ پيل زنجيرن سميت سمنڊ ۾ غرق ٿيڻ لاءِ ڇڏيو ويندو هو. پاڻ پچائيندڙ سپاهين ۽ سندن سالارن کي اهو احساس هوندو ئي نه هو ته، جهاز جي هيٺين حصي ۾ زنجيرن ۾ ٻڌل جيوَ ڪي حيوان نه پر انسان آهن، کين به جيئرو رهڻ جو اوترو ئي حق آهي، جيترو هو پنهنجي لاءِ سمجهي رهيا آهن!. جَي اسان سمجهي رهيا هئاسين ته، ڌرتيءَ تي ايندڙ لڳاتار مسيحائن ڪري، اسان ان دور مان نڪري چڪا آهيون ته بلڪل غلط هئاسين، سوا لک نبي ۽ پيغمبرَ به، اسان جو ڪجهه به بگاڙي نه سگهيا!، اسان ڪالهه جتي هئاسين، اڄ به اُتي ئي آهيون ۽ سڀاڻي به اتي ئي رهڻ چاهيون ٿا، نه ته انساني ڪارنامن ۽ ڪاميابين جو ثبوت سمجهي ويندڙ 21 هين صدي ۾ به، ٻارين ٻچين زنجيرن ۾ جڪڙيل سوين خاندانن جي برساتي ٻوڏ ۾ لڙهي وڃڻ جا اطلاع، اسان تائين ڇو پهچن هاٰ!.

    ٽنڊي الهيار جي گڙنگ زميندار (مرحوم) غلام حسين کوکر جي جاگير ۾ قيد ڪيل اڻ ڳڻين خاندانن کي ظاهر ٿئي ته ڪافي وقت گذري چڪو آهي پر اسان جي انسانيت ۽ سمورا قانون به ”ڪاري دور“ جي ان باقيات جو خاتمو نه ڪري سگهيا، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو سانگهڙ، بدين، عمرڪوٽ، ميرپور خاص، حيدرآباد ۽ مٽياري ضلعن ۾ بادشاهه بڻيل زميندارن جا ڪمدار ۽ هٿياربند واٺا ان وقت تائين غلام ڪري ويهاريل خاندانن تي ٻارين ٻچين چُرڻ پُرڻ تي ئي پابندي لڳائي ويٺا رهيا، جيستائين پاڻي سندن سِر تي اچي نه ڪڙڪيو!. بعد ۾ هو پاڻ ته پنهنجو سر بچائڻ لاءِ محفوظ هنڌن ڏانهن روانا ٿي ويا، پر پير ڪڙيون لڳل انيڪ خاندانن کي پاڻي ۾ لڙهي وڃڻ لاءِ اُتي ئي ڇڏي ويا!. انهن غلام خاندانن بابت ڪا به خبر ناهي ته، انهن مان گهڻا مئا ۽ گهڻا بچيا، گهڻين غلام عورتن پنهنجن معصومن کي ڇاتيءَ سان لڳائي موت کي ڳلي لڳايو ڇڏيو؟، هن وقت ڪا به خبر نه آهي!،جنهن ڪري پاڻي سُڪي وڃڻ کان پوءِ به وڏي عرصي تائين مٽيءَ ماءُ ملندڙ انساني هڏاوان پڃرا انسانيت جي چهري تي دانگي مليندي نظر اچڻ باقي آهن-ڪربلا جا ڪيترا ميدان برسات جو پاڻي سڪڻ بعد ظاهر ٿيڻا آهن؟، ان جي هن وقت اڳڪٿي ڪرڻ آسان نه آهي.

    اسان آباد هجون يا برباد، پر پاڻ کي مُدي خارج طبقاتي نظام جا هر حال ۾ وفادار رهندڙ ثابت ڪري چڪا آهيون!. پنهنجي بي گهري ۽ بربادي تي ڀل هر انسان جي اک هڪ جهڙي ئي آلي ٿي هجي، سڀن جا هٿ ڀلي ساڳي انداز سان ئي ماتم لاءِ کڄيا هجن!، پر پاڻ بچائڻ جا رستا ڳوليندي، مجال آ جو اسان پاڻ جهڙي ئي مصيبت ۾ ورتل ماڻهن کي انسانُ سمجهيو هجي!. مسلمانن جي ڪئمپن ۾ هندن کي پناهه ڏيڻ ڏوهه ئي سمجهيو ويو، جڏهن ته سرنديءَ ۽ اوچي ذات وارن هندن به پنهنجين ننڍين ذاتين جي ڀائرن کي پنهنجين ڪئمپن ۽ محفوظ هنڌن جي ڀر ۾ بيهڻ ئي نه ڏنو!، جنهن ڪري غريب ڪولهين ۽ مينگهواڙن جو ڇا ٿيو؟، انهن ان عذاب کي ڪيئن منهن ڏنو؟، اُهي ڏئي پاڻ بچائي به سگهيا يا نه؟، هن وقت ان جي به ڪا خبر نه آهي.

    سنڌ ۾ هن مصيبت جي گهڙيءَ دوران هڪ ٻي بدعت به سامهون آئي آهي. اسان ڀلي پاڻ کي هڪ جهڙو احرام ٻڌي ڪعبي جا ڦيرا پائيندڙ قرار ڏيون، پر عملي طور اسان هڪ مذهب اندر ڪيترائي مذهب ٺاهي، پنهنجي مخصوص طريقي سان ئي خدا کي به ڏسندڙ آهيون ته، ان جي خدائي کي به! ٻي حالت ۾ ايئن ٿيڻ ممڪن نه هو ته، برسات متاثر شيعا مسلمانن لاءِ الڳ امدادي ڪئمپون قائم ٿيل هجن ۽ سني مسلمانن لاءِ الڳ!. سعودي عرب ۽ ايران سميت مسلم دنيا جا اڪثر ملڪ به پنهنجي حامي فرقي وارن کي ئي سڌي امداد ڏيندي ڏٺا ويا آهن. بلڪل ايئن ئي جيئن پيپلزپارٽي جا حڪمران پنهنجن جيالن ذريعي پرمٽون، ٺيڪا، نوڪريون ۽ نلڪا ورهائيندي ڏٺا ويندا آهن. اجتماعي تباهي عام طور ماڻهن ۾ اجتماعي ڏک، درد ۽ سمجهه پيدا ڪندي آهي پر اسان وٽ ان جو اثر بلڪل ابتڙ نڪتو آهي. اجتماعي سوچ جون سڀ دعوائون ڪوڙيون ثابت ٿيندي نظر اچي رهيون آهن، ڀلي اهي مذهبي بنياد تي هجن يا قومي بنياد تي! نه ڪا خوشي اسان کي هڪ ڪري سگهي، نه ئي ڪو اجتماعي ڏک اسان جي متڀيدي سوچ ختم ڪري سگهيو. هيتريون مصيبتون سَهڻ ۽ ڏسڻ باوجود به اسان بلڪل ايئن ئي آهيون، جيئن ڪالهه هئاسين.

    مردِ نادان پِي ڪلامِ نرم و نازڪ، بي اثر.....!!

    سنڌ جي 23 ضلعن، انهن جي 84 تعلقن، 549 يونين ڪائونسلن، انهن ۾ واقع 29 هزار 302 ڳوٺن ۽ اُتي رهندڙ 53 لک، 56 هزار کان وڌيڪ عورتن، ٻارن ۽ مردن جي هڪ مهيني اندر برباد ٿي وڃڻ جا سرڪاري انگ اکر ۽ ان عرصي دوران سنڌ ۽ وفاقي حڪومت توڙي نجي ادارن طرفان ساڻن امداد جي نالي ۾ ڪيل ”مذاق“ جا سمورا تفصيل موجود هئڻ باوجود، مان انهن ۾ وچڙڻ نٿو چاهيان-اهڙا انگ اکر اوهان کي ٻين ڪيترن ئي ليکڪن جي لکڻين مان ملي ويندا، ان ڪري اچو ته، پاڻ اهي ڳالهيون ڪيون، جيڪي ٻين هنڌن تان ٿيڻ جو آسرو نه آهي، يا بنهه نه هئڻ جي برابر آهي. سنڌ ۽ سنڌين تي آيل هيءَ تباهي نه ته پهرين آهي، نه ئي آخري، جي اسان ان مان ڪو نتيجو نه ڪڍي سگهياسين، دشمنن جي سڃاڻپ ڪري، انهن ڏانهن پنهنجا رويا تبديل نه ڪري سگهياسين ته پوءِ، مستقبل ۾ ايندڙ ڪنهن انساني يا قدرتي آفت دوران به اسان وٽ جي ڪجهه هوندو به ته بس روئڻ ۽ ماتم ڪرڻ ئي، جيڪو گذريل سال به ڪيو هو ته اڄ به ڪري رهيا آهيون! ڇا اسان مستقبل ۾ به فقط روئڻ ۽ پٽڻ ئي چاهيون ٿا، يا هن تباهيءَ کي پنهنجي سوچ ڪارائتي پاسي وٺي وڃڻ جو بنياد ٿا بڻايون؟ جي اسان ان سوال تي پهچي سگهياسين، ان جو جواب ڳولي ورتوسين ته شايد، اسان جو مستقبل ايترو غير محفوظ نه رهي، جيترو ڪالهه هو ۽ جيترو اڄ آهي.

    سنڌ تي ٻن سالن کان آيل لڳاتار تباهي، سنڌين جي ڪيترن ئي دشمنن جي شڪل بلڪل چٽي ڪري سامهون آندي آهي، جهڙوڪ : 1: متحده/مهاجر قومي موومينٽ 2: سنڌ جو مالدار طبقو، چاهي اهو ڪنهن واپاري ۽ صنعتڪار جي روپ ۾ هجي يا وڏيري ۽ جاگيردار جي شڪل ۾ 3: پاڪستان پيپلز پارٽي 4: رياست ۽ ان جا طاقتور ادارا-اچو ته انهن جي ڪردار تي ڪجهه نظر ڦيري وٺون:

    1: ” نئين سنڌي“ هئڻ جي هام هڻندڙ ۽ پاڻ کي وچولي طبقي جي نمائندا سڏائيندڙ متحده يا مهاجر قومي موومينٽ، دنيا جي امير ترين پارٽين مان هڪ آهي، ان تنظيم جي خوشحاليءَ جو هڪ اندازو، الطاف حسين طرفان پنهنجي گهرواريءَ کان الڳ ٿيڻ تي هڪ ملين پائونڊ ادا ڪرڻ مان آساني سان لڳائي سگهجي ٿو. 2005 جي زلزلي دوران ڪشميرين جي مدد لاءِ ان تنظيم کي ڪراچيءَ جي هر روڊ، رستي ۽ چوڪ تي امدادي ڪئمپون لڳائي، روزانو سوين ٽرڪون سامان آزاد ڪشمير موڪليندي اسان سڀ ڏسي چڪا آهيون. گذريل سال آيل مها ٻوڏ پوري سنڌ کي تباهه ڪري ڇڏيو، هزارين ماڻهو پنهنجا لڏا کڻي پناهه جي آسري ۾ ڪراچي به پهتا، پر ان ”نون سنڌين“ جي تنظيم نه رڳو اهڙي تباهيءَ تي اکيون بند ڪري رکيون پر ڪراچي پهتل ماڻهن کي پنهنجن ٻُڏل علائقن ڏانهن واپس موڪلڻ لاءِ طاقت جو هر طريقو استعمال ڪيو، جنهن ۾ سٽي حڪومت جي اختيارن کان وٺي دهشتگردن جو رسو کولڻ به شامل رهيو!.

    سنڌين کي ٻوڏ جي تباهيءَ بعد پاڻ سنڀالڻ جي وٿي به نه ملي هئي جو، هاڻوڪين برساتن کين وري تباهيءَ جي ان ئي هنڌ تي پهچائي ڇڏيو آهي، جتي هو هڪ سال اڳ بيٺل هئا. متحده ان سڄي عرصي ۾ پاڻ کي سنڌين جي تباهيءَ کان مڪمل طور پري رکي، عملي طور ان خواهش جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي ته، اها سنڌين لاءِ ۽ سنڌين جي سنڌ لاءِ ڪهڙا ارادا رکي ٿي. مون کي انتهائي افسوس سان اهو به لکڻو پوي ٿو ته، پاڻ کي سنڌين جي مزاحمتي قوت جو مورچو قرار ڏيندڙ ڪجهه قوم پرست ڌريون به مڪمل طور، ان ئي سنڌي دشمن لساني ٽولي طرفان ماهوار ملندڙ لکها رپين جي ڏڍ تي جيئريون آهن!. (قوم پرستيءَ جي نالي ۾ قوم دشمنيءَ تي ٻڌل ان سازش جون ڪيتريون ئي ڳالهيون پڙهندڙن تائين پهچائڻ جهڙيون آهن، جن کي ايندڙ ڪنهن ڪالم ۾ سامهون آڻڻ جي ڪوشش ڪندس). ان ڪري سنڌي جيترو جلد ان معاملي تي پنهنجو اڳ ئي صاف ذهن، وڌيڪ واضح ڪري وٺن، اوترو ئي سندن مستقبل محفوظ ٿيڻ يقيني بڻبو.

    2: سنڌ جي برسات ڪري تباهه ٿي ويل ضلعن ۾ انيڪ ارب پتي خاندان موجود آهن. اهڙا خاندان جن کي شايد، پنهنجي جائيداد ۽ ڌَن دولت جو به صحيح اندازو نه رهيو هجي، پر ڪنهن طرفان به پنهنجي مصيبت ماريل راڄ ڀاڳ ۽ ڀائرن جي مدد ڪرڻ جي ڪا ڪوشش ڪندي نظر نه آئي آهي!. ڪٿي به ارب پتي جاگيردارن اهڙيون ڪئمپون قائم ناهن ڪيون، جتي سندن علائقي جا ماڻهو ئي ڪجهه آسيس وٺي سگهن! سڀ جو سڀ ان سرڪاري، عالمي ۽ نجي ادان جي امداد ملڻ جو اوسيئڙو ڪندي نظر اچي رهيا آهن، جنهن مان به اڪثر امدادي سامان سندن ذاتي گدامن ۾ ئي منتقل ٿيڻو آهي. سڀني کي خيرات ئي گهرجي، جيئن ان مان سندن پنهنجو حصو به نڪري سگهي! ڪو به مظلومن جي مدد ڪرڻ نٿو چاهي، سندن سوچ عوامي خدمت جي ڪنهن به جذبي کان نا آشنا آهي. جيڪڏهن سنڌين اهڙي ڪلاس جي مفاد پرستي، موقعي پرستي ۽ خسيس پڻي کي سمجهي ورتو، تڏهن به آيل هي مصيبت اجائي نه، پر سجائي ٿي ويندي.

    3: پاڪستان پيپلز پارٽي جي چاهي ها ته پنهنجي جاگيردار لڏي ذريعي ئي، سنڌين کي فقط پنهنجو ووٽر سمجهي ئي، گهڻو ڪجهه ڪري ٿي سگهي! گهڻن ئي مصيبتن کي ٽاري ۽ ماڻهن کي جياري پئي سگهي، پر سنڌ تي آيل مصيبت جي ٻنهي دورن دوران حڪمران هئڻ باوجود، اها سنڌين جي وجود کان مڪمل لاتعلق نظر آئي آهي!. لڳي ئي نٿو ته سنڌين جي هئڻ يا نه هئڻ جو، مٿس ڪو فرق پوڻو آهي!. گذريل ڪجهه سالن کان اها پارٽي هر موقعي ۽ مَهل تي سنڌين کي ناڪامي ۽ مايوسي ئي ڏئي سگهي آهي!. ضياءَ جي آمريت، نوازشريف جي پنجابي پروري ۽ مشرف جي مهاجر دوستي جي ڀيٽ ۾ هيءَ حڪومت به سنڌين ۽ سنڌ لاءِ ڪيئن گهٽ خطرناڪ آهي؟ ان لاءِ ڪو دليل منهنجي ذهن ۾ ته نٿو اچي، ويتر ان جي وڌيڪ خطرناڪ هئڻ جا ڪيترائي ثبوت سامهون آڻي سگهجن ٿا!. جَي سنڌين پاڻ کي ان پارٽيءَ جي غلاميءَ مان آزاد نه ڪرايو ته، ماضي ۽ حال جيان سندن مستقبل به ايئن ئي روئڻ، پٽڻ ۽ ويساهه گهاتين جي نظر ٿي ويندو. مان پيپلز پارٽي ۾ گڏ ٿيل مفاد پرست ٽولي مان، سنڌين جي ڀلي جي ڪا به اميد رکڻ لاءِ تيار نه آهيان. ان ڪري ڪافي عرصي کان مان ان پارٽي ۽ ان جي حڪمرانن کان، سنڌ جي مفادن جو سودو نه ڪرڻ جي، ڪا اپيل ڪرڻ به ڇڏي ڏني آهي، پيپلز پارٽي جو حڪمران ٽولو پاڻ کي بار بار غدار ابنِ غدار ثابت ڪري چڪو آهي. سنڌين کي اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي يا نه؟، سندن مستقبل جي بربادي يا بهتريءَ جو هڪ بنياد، اهو فيصلو به بڻجڻو آهي.

    4: هيءَ رياست ۽ ان جا ادارا، ڪنهن به سطح تي سنڌ جي ٿيندڙ تباهيءَ تي ايئن خاموش نظر اچن ٿا، ڄڻ سنڌ هن رياست جو حصو نه پر دشمن ملڪ هجي!، اسان گذريل 64 سالن کان اهڙي تباهيءَ کي خاموشي سان ڏسي رهيا آهيون!. جن ماڻهن ان رويي تي چڙ جو ڏيکاءُ ڪيو، اڄ اهي پنهنجو ”حصو پتي“ وٺي چين جي بينسري وڃائيندي ڏسي سگهجن ٿا. سنڌ ڪن جاگيردارن يا ڪنهن مخصوص قومي ۽ وفاقي سياست جي ٺيڪيدارن جي جائيداد نه، پر پنجن ڪروڙ سنڌين جو وطن آهي. وقت اچي ويو آهي ته سنڌي هاڻي هن رياست ۽ ان جي ادارن سان پنهنجي وجود بابت نئين سر ڳالهائي، ڪي نوان فيصلا ڪرائين يا پاڻ ئي پنهنجا فيصلا ڪري ڏيکارين. ايئن ٿيڻ ۾ هڪ وڏي رنڊڪ سنڌين جي مفادن جي بچاءَ لاءِ ڪنهن به حد تائين وڃڻ جي صلاحيت ۽ خواهش رکندڙ ڪنهن تنظيم جو نه هئڻ آهي، نه ئي سنڌي پنهنجي عوامي رد عمل ۽ ڪاوڙ کي ان انداز سان سامهون آڻي سگهيا آهن جو، ڪنهن کي به سندن مفادن جي ابتڙ وڃڻ جي همت ئي نه ٿئي.جَي اسان ان ڏس ۾ نه ته سوچي سگهياسين ۽ نه ئي ڪجهه ڪري سگهياسين ته، هن رياست اندر سنڌي پهرين قوم هوندا، جيڪي پنهنجو وجود وڃائي ويهندا.

    وقت اچي ويو آهي ته اسان پنهنجين سمورين بربادين مان اهو سبق سکي وٺون ته، ”دشمن فقط دشمن هوندو آهي، ان کي پنهنجو يا پرائو قرار ڏئي، پنهنجي تباهيءَ کي پاڻ ئي ويجهو آڻڻ واري روَش ڇڏي، هر ٻولي ۽ نسل جي دشمن کي هڪ ئي ڪئمپ جو حصو سمجهي، پاڻ بچائڻ واري سوچ، سمجهه ۽ عمل جا سمورا رستا کولي ڇڏيون. اسان کي پنهنجو قومي وجود عزيز آهي يا ڪي مفاد پرست، منافق ۽ ازلي غدار ٽولا!؟ سنڌ اسان جي جواب جي اوسيئڙي ۾ آهي“.


    اسد چانڊيو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو