
فيسبوڪ تي محترم باري ڀٽي جي وال تي سندس سٽون لکيل ڏسي سوچيم ته سڀني دوستن سان به ونڊ ڪجن۔
مون ڏني آ راھ کي منزل نئين،
دوستن جي شھر ۾ پٿر ڏسي،
سب ڌرم مذھب لڳن ٿا کوکلا،
پاڻ ئي خود ۾ خدا اندر ڏسي،
اڄ وري ڪنھن سوچ ۾ الجھي پيس،
چرچ مسجد ۽ ڪٿي مندر ڏسي،
ڇو مسافر جا قدم رڪجي ويا،
ڳوٺ ۾ ويران ھڪڙو گھر ڏسي،
اي مصَوَر ! ڇو قلم تنھنجو ٽٽو،
سنڌ ۾ سيلاب جو منظر ڏسي ـ
دوستن جي شھر ۾ پٿر ڏسي،
سب ڌرم مذھب لڳن ٿا کوکلا،
پاڻ ئي خود ۾ خدا اندر ڏسي،
اڄ وري ڪنھن سوچ ۾ الجھي پيس،
چرچ مسجد ۽ ڪٿي مندر ڏسي،
ڇو مسافر جا قدم رڪجي ويا،
ڳوٺ ۾ ويران ھڪڙو گھر ڏسي،
اي مصَوَر ! ڇو قلم تنھنجو ٽٽو،
سنڌ ۾ سيلاب جو منظر ڏسي ـ