• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اسين سنڌي سدائين گڏ

رنجيت

سينيئر رڪن
اسين سنڌي سدائين گڏ،
هڪ ٻئي لاءِ ڪرڪي هڏ
اچي جي ڪنهن مٿان اوکي
سڻي سڪ مان اوٺايون سڏ
اسين سنڌي سدائين گڏ.

ڪري سر فخر سان اوچو
چئون ”اسين سنڌي آهيون“
ملون جت پاڻ ۾ سنڌي
ته سنڌيءَ ۾ ئي ڳالهايون
کلي کيڪاري، هٿ هٿ ۾
اسين پنهنجو ملايون گڏ...................اسين سنڌي

وساريو ڪين سنڌڙيءَ کي
لنگهي ڪيڏو ويو عرصو
سچل، شاه، ساميءَ جو
”وفا“ سانڍي رکيو ورثو.
سنڌي سنتن فقيرن جا
جنم ڏڻ ٿا ملهايون گڏ.................اسين سنڌي

شاعر پرڀو ”وفا“ عمر 94 سال
 
ڪري سر فخر سان اوچو
چئون ”اسين سنڌي آهيون“
ملون جت پاڻ ۾ سنڌي
ته سنڌيءَ ۾ ئي ڳالهايون
کلي کيڪاري، هٿ هٿ ۾
اسين پنهنجو ملايون گڏ...................اسين سنڌي

واه ادا رنجيت، پرڀو صاحب جا قومي جذبا ۽ ٻوليءَ سان پيار ڀريا بيت​

shal judy hujeen

sindhsalamatsaathsal
 
ادا رنجيت، شاعر پرڀو وفا جي شاعري ۾ واقعي وفا جي جهلڪ نظر آئي۔۔۔۔۔ مهرباني ادا ونڊ ۡڪرڻ لاءِ لکين قرب اوهان جا۔
 
Back
Top