• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

منهنجا ٻچڙا ٻوڏ ۾،

منهنجا ٻچڙا ٻوڏ ۾
ذولفقار علي ڪنڀر
هي هڪ وڏي آکاڻي آهه،
سچي پچي ڪهاڻي آ هه.
سانوڻ تي افسوس نه ڪر،
چئو ڪرتا ڌرتا ڪوس نه ڪر.
منهنجو مال مري ويو آهه ،
تنهنجو سال وري ويو آهه .
واڳ ڌڻين لا وسڪارو،
لاڙ وچولي لابارو.
لڙهندي ڪيئي ساهه ڏٺم،
ويچار بنان ويساهه ڏٺم.
مــارهيڏو مجبــور آهــه،
اڃان ته ساڳيو سور آهه.
ڪڙهي ڪڙهي خلام ٿيو،
ويڄ ساڳين جو غلام ٿيو.
ٻوڏ ۾ ٻچڙا ڪشــتي ناهي،
خشڪ هتي ڪو وستي ناهي.
هي ڌرتي ڪنهن تي ڪيس ڪري،
ڪهڙو ويس ديس ڪري.
هي انگ اگهاڙا ٻارڙا،
ڪيهون ڪن پيا ڪارڙا.
لڙهندي پنهنجو رت ڏٺم،
جهٽ پلڪ ۾ ڪت ڏٺم.
سنڌ وڃي پئي ساهه کڻي،
ارمان اندر ۾ آهه کڻي.
ڪنڀر هي ڪلورڏس ،
ماري لا تلــــور ڏس.
بڊي جي هي برسات،
شڪاري لا سڻڀي رات.
مون جا هڪڙي رات ڏٺي،
رڳ رڳ ۾ ڪات ڏٺي.
سم نالن کي گهـــارا،
واهـــه وريــاڙي وارا .
پاڻهي تون ووٽ ڪندين،
کِلي ڪُڏي گهوٽ ڪندين.
هي رڌڻي جو رولو آهه،
ڪم صفا سولو آهه.
پريو مڙس ته پني کائي،
ڳڀرو جي ڇا وني کائي.
هي جا خلق ٻوڙي نه نابين،
اڃان سُڻائين بالم بين.
جاوا ڏسو جيالن جا،
پيٽ ڦريا نو نهالن جا.
روڙي ويندا هي راڪاس،
خلق خدا جي آهه اُداس.
مون جا هڪڙي قوم ڏٺي،
شوال مهيني ثوم ڏٺي.
ٻڌو اٿم لاوارث لاش،
اڄ نه روئي وري آڪاش.
جهور پوڙهي لڙهندي وئي،
ڪا قوم توکي پڙهندي وئي.
تنهنجا بنهه وڏا بيان،
زاري ڪر ڪندا ضيان.
ڪنهنجي ماني ڪنهنجا ڀورا،
ڇا ڪندا هي ڇنا ڇورا.
هو جو بُک ۾ پاهه ڏسين پيو،
اوٻاسين ۾ ساهه ڏسين پيو.
ادا هُن جي تند ٽٽي پئي،
منهنجي جان جند ڇٽي پئي.
کــايا پــيــا سڀ هــضـــم،
ڪڏهن چيو هو قائد اعظم.
دل کي ڏي دســتخــط ،
کُلي لکان ٿو هي خط.
سورن جو سوال آهه،
اڻميو احوال آهه.
ماري ٿي هي مجبوري،
سڻڀي ڪر هي سُوريءَ.
هڪڙي خواهش آهي ادا،
مون جهڙو توکي ٺاهي خدا.
پوئي پاڻهي افسوس ڪندين،
دل جو مون کي دوس ڪندين.
پوئي ملندو مونکي ڇا،
ڳڀرو ٿيندو ٻيو ڪو گهاءُ .
هن هيڻائي جو حل ڪهڙو،
جيجل کي ٻيو جل ڪهڙو.
منهنجا ٻچڙا ٻوڏ ۾،
گنجي ۽ ڪي گوڏ ۾ .
وجود جو آهه وهلور،
ملڪ سڄو آهه منصور.
هئي اُ ٿوڙي اوٻاسيون،
ڪهڙا ماما ۽ ماسيون.
ڪنهنجو تون محتاج نه ٿي،
اک کول اپهاج نه ٿي.
اٿي آرس ڀڃ ” ارمــــــــــان“،
هــــي لٿـــي جــــي آذان.



نالو؛ ذولفقار علي ڪنڀر
ولديت؛ قائم الدين ڪنڀر
ڳوٺ قائم ڪنڀر ميرپورخاص۔
Email: z.a.kunbhar@gmail.com
 
جواب: منهنجا ٻچڙا ٻوڏ ۾،

ادا ذوالفقار اوهان جا احساس ۽ اوهان جو درد سٺي سنڌ جو درد آهي۔

اوهان پنهنجي اندر جي اڌمن ۽ احساسن کلي سٺي انداز سان لفظن ۾ سمايو آهي۔

دعا آهي ته سنڌ جا سُک موٽن ۽ مارو ٻيهر خوشحال ٿين۔
 
Back
Top