سنڌي ٻوليءَ جي فڪري اوسر : نبي سوهو

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏24 سيپٽمبر 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]
    [/center]


    سنڌي ٻوليءَ جي فڪري اوسر
    نبي سوهو

    [justify]ڪنهن به قوم يا تهذيب جي دائري هيٺ ٻولي ان سماج جي ماضي، حال يا مستقبل جو معروضي توڙي موضوعي انداز ۾ هڪ اقتصادي، سياسي، ثقافتي ۽ فڪري اظهار آهي. ٻولي انسانن جي سماج جي جدلي تاريخي ارتقا دوران ذهني توڙي جسماني محنت جو هڪ پڪل ميوو آهي. ٻولي ڪنهن به سماج جو بنيادي ايڪو آهي جيڪو آواز، علامتن، اشارن ۽ تحريرن ذريعي پنهنجو وجود برقرار رکي ٿو. جيئن هڪ فرد پنهنجي انفرادي توڙي اجتماعي خوشين ۽ غمن، حاصلاتن ۽ ناانصافين، جو اظهار ٻولي وسيلي ڪري ٿو. اهڙي طرح سياسي، اقتصادي، قومي ۽ ثقافتي مسئلن ۽ انتشار جو اظهار فرد ملي جلي ڪري هڪ سماجي زندگي جي روپ ۾ اظهار ڪن ٿا. ٻولي نه صرف ڪنهن قوم جي سماجي مسئلن جي نمائندگي ڪري ٿي پر سماجي شعور جي واڌ ويجهھ، جبر ۽ استحصال جي سمورين شڪلين نسلي، مذهبي، جنسي، قومي ۽ طبقاتي متڀيد خلاف تحريري مواد جي صورت ۾ يا لوڪ قصن ۽ آکاڻين جي صورت ۾ شهادتون گڏ ڪري ٿي. نه رڳو ايترو پر ان جبر ۽ استحصال جي خلاف منظم صورت ۾ هڪ عملي جدوجھد جي واٽ ڏيکاري سماجي شعور جي ترقي، اوسر جي پچي راس ٿيڻ جي ڏاڪي به ڏاڪي واٽ ڏيکاري ٿي. جنهن پٺيان ڪيترائي سماجي مظهر ڪردار ادا ڪن ٿا.

    قومن جو شاندار ماضي تهذيب ۽ تمدن ، اوائلي سماجن جي تاريخي اوسر متعلق ڄاڻ سان ماضي سان فطري ڳانڍاپو، نه صرف تاريخ سان جڙت ۾ ڪردار ادا ڪري ٿو پر حب الوطني، قرباني ۽ پنهنجي قومي شناخت کي روشناس ڪرائڻ لاءِ دائمي اتساهه جو ڪارڻ بڻجي ٿو.

    آرين کان ويندي عرب فاتحن، ترڪ، منگول، افغانين، مغل، ارغون ۽ ترخانن طاقت جي هوڏ تي گروهي، قبيلائي، نسلي ۽ مذهبي برتري ڏيکاري سدائين هن خطي جي اقتصاديات کي نيست ۽ نابود ڪندا آيا آهن ۽ ڪڏهن سنسڪرت ڪڏهن فارسي، عربي هتي جون سرڪاري زبانون رهيون آهن ۽ سنڌ جو مٿيون طبقو هميشه کان سندن درگاهه طور پنهنجي ذاتي غرض لاءِ ساڻن ٺاهه ڪندو آيو آهي.

    انگريزن جي دور ۾ هندستان جي آزادي لاءِ وڙهندڙ عوام به قومي ۽ طبقاتي شڪل اختيار ڪري ورتي جنهن کي دٻائڻ لاءِ انگريزن عالمي سازش طور مذهبي ۽ نسلي تضاد کي هٿي ڏني.

    ورهاڱي کان پوءِ اڄ تائين سنڌ ۽ بلوچستان ۾ رياستي جبر خلاف قومي، طبقاتي ۽ جھموري جدوجھد پيش پيش رهي آهي.

    انگريزن پهريون ڀيرو سنڌي رسم الخط کي الڳ نئون روپ ڏئي سنڌي ٻولي جي شعوري اوسر لاءِ هڪ پليٽ فارم جوڙڻ ۾ مدد ڪئي ۽ سنڌي ٻولي پهريون ڀيرو پنهنجي زنده تاريخي وجود جي شناخت طور قومي شعور حاصل ڪيو ۽ آزاد سنڌ جو مطالبو ڪيو. ان کان اڳ سنڌ مختلف پرڳڻن، قبيلن ۽ نسلن ۾ ورهايل هئي.

    ننڊي کنڊ ۾ سڀ کان پهرين بنگالي قوم هڪ ترقي پسند ۽ مزاحمتي ڪردار پنهنجي قديم زرخيز ٻولي ۾ لکيل مواد ۽ عوامي جدوجھد جي ذريعي ادا ڪيو. انهن اردو ٻولي کي تسليم نه ڪري منظم جدوجھد وسيلي قومي ۽ طبقاتي جبر خلاف پنهنجو ڪردار ادا ڪيو.

    پاڪستان جون ٻيون قومون پنجابي، پختون، سرائيڪي ۽ بلوچ پنهنجي ٻولين جي رسم الخط مڪمل ڪرڻ جي تاريخي اوسر کان قاصر رهيو اتي اڄ به اردو ۾ لکڻ پڙهڻ سندن مجبوري آهي.

    پاڪستاني رياست جي تاڃي پيٽي ۾ اها وسعت ۽ فراخدلي نه آهي جو الفابيٽ جي ڪم جو اهو تاريخي فريضو ادا ڪن. ايستائين جو هو سنڌي ٻولي کي به اڄ تائين قومي ٻولي مڃڻ لاءِ تيار نه آهن جڏهن ته هندستان ۾ سنڌين جي ڪا رياست نه هوندي به اتي سنڌي ٻولي کي سرڪاري طور هتي کان وڌيڪ حيثيت آهي، ٿي سگھي ٿو ته جلد ئي اتي سنڌي کي قومي ٻولي جو درجو ملي وڃي.

    ڪامريڊ لينن ٻولين جي ترقي جي سلسلي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن مارڪس جي ان جملي ’دنيا جا پورهيتو هڪ ٿيو‘ ۾ جدلي انداز ۾ اضافو ڪيو ته دنيا جا پورهيتو ۽ مظوم قومون هڪ ٿيو، 1917 جي بالشويڪ انقلاب کان پوءِ قومن جو هڪ وسيع تر فيڊريشن سوويت يونين آف رشيا جي نالي سان قائم ٿيو ۽ زارشاهي جي رجعتي جاگيردارانه بادشاهت ۽ مهاروسي قوم جو مظلوم قومن مٿان جبر جو مڪمل خاتمو آندو.

    بالشويڪ انقلاب نه صرف 50 ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏنو پر سرڪاري طور تي انهن ٻولين جي واڌ ويجهه ان جي نصاب تيار ڪرڻ، ادب، شاعري تحقيقي ڪم کي سرڪاري طور سڄي دنيا جي ٻولين ۾ ترجمو ڪرائي انهن کي ڇپرائي مفت ۾ تقسيم ڪيو ويو.

    سنڌ ۾ ان جو مثال اسان کان اڳ واري ٽهيءَ وٽ موجود آهي وڏي تعداد ۾ روسي ادب جي ترجمي هتي جي سياسي ۽ سماجي شعور جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ان جي نتيجي ۾ ڪيترين ئي انقلابي تحريڪن جنم ورتو. اڄ به سنڌي توڙي اردو ادب تي روسي ادب جو گھرو اثر موجود آهي.

    لينن قومن جي حق خود اراديت بشمول حق خود علحدگي تي عمل ڪري ڏيکاريو، اسٽالن ان ڪم کي اڳتي وڌائي روس کي دنيا جو طاقتور ملڪ بڻايو. سوويت يونين جيتوڻيڪ سوشلزم جي ابتدائي شڪل يا ڪميونزم ڏانهن پتڪڙو قدم هجڻ ڪري ڪيترن ئي مسئلن ۾ ڦاسي پيو پر 70 سالن جي تاريخي سلسلي انسان ذات کي گھڻو ڪجهه ڏنو. سوويت يونين جي ٽٽڻ دوران سڀئي قومون لينن جي ان حق خود علحدگي جي اصول هيٺ بنا ڪنهن وڏي خون ريزي جي آزاد ٿي ويون اڄ به اقتصادي طور دولت مشترڪه ۾ اهي سموريون رياستون ڳنڍيل آهن.

    ايوب جي آمريت هيٺ قومن ۽ ان جي تاريخي حيثيت ۽ ٻولين کي جبري طور مسخ ڪرڻ جو منصوبو جوڙڻ لاءِ ون يونٽ مڙهيو ويو. ان خلاف مزاحمتي تحريڪ وقت مظلوم قومن خاص طور سنڌ جي سياسي ۽ سماجي شعور جو گراف بلند هو. ان جو اظهار ون يونٽ دوران لکيل مزاحمتي ادب ۽ شاعري ۾ ملي ٿو، ٻولي جي اوسر ۽ ترقي ان وقت عروج تي نظر اچي ٿي.

    هڪ سازش طور حڪومت ۽ اين جي اوز طرفان پرائيويٽ اسڪولن ۾ انگريزي کي بنيادي ۽ سنڌي کي ثانوي حيثيت ڏني پئي وڃِي ڪراچي سميت سنڌ جي وڏن شهرن ۾ ته سرڪاري اسڪولن ۾ اردو ئي بنيادي ٻولي طور پڙهائي وڃي ٿي. ڌارين جي آبادڪاري سنڌ جو سڀ کان حساس ۽ بنيادي اشو آهي جنهن تي ڪافي ساريون قوم پرست پارٽين توڙي ڪميونسٽن جو موقف واضح نه آهي.

    پرائمري جو ٻار هڪ وقت تي انگريزي ۽ سنڌي ٻولي نه ٿو پڙهي سگھي نه ئي سياسي طور ڀرتي ٿيل ڪاپي ڪلچر هيٺ ڊگريون وٺندڙ استاد ۾ اها صلاحيت موجو د آهي ۽ نه ئي جديد طرز تعليمي مهارت آهي.
    پ ٽ الف ۽ گسٽا سميت استاد تنظيمن جيتوڻيڪ ماضي ۾ استادن جي حقن لاءِ ۽ سنڌي ٻولي جي خدمت ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو پر اڄڪلهه سياسي تنظيمن جي بي جا مداخلت ڪري گوسڙو استادن کي تحفظ فراهم ڪرڻ لڳيون آهن.

    هاڻي فيس بوڪ ۽ انٽرنيٽ جي دنيا ۾ ماجد ڀرڳڙي ايم بي سنڌي سافٽ ويئر دريافت ڪري سنڌي ٻولي کي نئين حياتي ڏني آهي. هاڻي سنڌي ٻولي جو دائرو قومي سرحدن کان وڌي عالمي حيثيت اختيار ڪري ويو آهي. هندستان توڙي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙيل سنڌي پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا آهن. ڪافي سنڌي ادب ته ديوناگيري ۽ رومن رسم الخط ۾ ڇپجي رهيو آهي ۽ تيزي سان دنيا ۾ ٻولين جو هڪ ٻئي سان فطري ڳانڍاپو جنم وٺي رهيو آهي.

    ٻولي جي ترقي به سماج جي مجموعي ترقي سان آهي. ٻي صورت ۾ ٻوليون پنهنجي بقا جي جنگ وڙهندي آخر ٻين ٻولين ۾ ضم ٿي پنهنجو وجود وڃائي ويهن ٿيون. جيئن رومن زبان اٽالين کي جنم ڏنو ۽ اينگلو سيڪسن قبيلن جي ترقي يافته صورت انگريزي زبان آهي ۽ برطانيه جي انگريزي جيڪا اسان وٽ پڙهائي وڃي ٿي آمريڪي انگلش جي ڀيٽ ۾ پراڻي حيثيت رکي ٿي. پر اهو ٻولين جي بقا جو مسئلو پوري دنيا جي مظلوم قومن سان ساڳئي ريت لاڳو آهي.

    ڪامريڊ لينن جي بقول دنيا قومن جو قيدخانو هجڻ بجاءِ قومن انهن جي ثقافت ۽ ٻولين جو گلدستو هجڻ گھرجي.
    [/justify]

    عبرت ادبي صفحي ۾ ڇپيل
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو