سنڌ سلامت جي دوستن کي ڊاڪٽر جو سلام،
دوستو اڄ مان توهان کي Ghost جي ذريعي Window جي اميج فائل ٺاهڻ ۽ پوءِ ان کي Ghost سان انسٽال ڪرڻ سيکاريندس.مان سمجهان ٿو ته سڀني دوستن کي Ghost جي باري ۾ معلومات هوندي پر ڪافي دوست اهڙا به هوندا جن کي شايد خبر نه به هجي ته انهن جي لاءِ مان هي ٽيوٽوريل تيار ڪيو آهي.
اڪٽر دوستن جو ونڊو خراب ٿي ويندو آهي ۽ انهن کي تمام ضروري ڪمپيوٽر تي ڪم به ڪرڻو هوندو آهي.. هاڻي جي ٻيهر ونڊو انسٽال ڪجي ته تمام گهڻو ٽائيم لڳي ويندو آهي ان کان پوءِ اهي سڀ سافٽويئر جيڪي انسٽال ٿيل هيا سي به وري ٻيهر انسٽال ڪرڻ هڪ وڏو مشڪل مرحلو آهي سو ان سڄي مشڪلات کان بچڻ جي لاءِ گهوسٽ استعمال ڪيو ويندو آهي ان جو هڪ ته اهو فائدو هوندو آهي جو توهان جو ونڊو پنج کان ڏهه منٽن جي اندر ٿي ويندو آهي. ۽ ٻيو فائدو اهو هوندو آهي ته جي توهان گهوسٽ جي اميج فائل ٺاهي رکي آهي ته توهان جا جيڪي به سافٽويئر انسٽال ٿيل هيا سي به ونڊو انسٽاليشن سان گڏ انسٽال ٿي ويندا آهن.
پوءِ اچو ته پهرين گهوسٽ جي اميج فائل ٺاهي ٿا ڏسون.
دوستو سڀ کان پهرين توهان فريش ونڊو انسٽال ڪيو ۽ سڀ ڊرائيورز ۽ جيڪي توهان جي پسند جا سافٽوئيرس آهن اهي به انسٽال ڪيو.
هاڻي توهان پنهنجي هارڊ ڊسڪ جي D ڊرائيو ۾ هڪ فولڊر ٺاهيو جنهن جو نالو Ghost رکو. هاڻي ان ۾ پنهنجي گهوسٽ جي سي ڊي مان گهوسٽ جي exe فائل کي ان گهوسٽ نالي سان ٺهيل فولڊر ۾ ڪاپي ڪيو. ان کان پوءِ ڪمپيوٽر کي ريسٽارٽ ڪيو.پوءِ ڪنهن به بوٽ ايبل سي ڊي سان پنهنجي سسٽم کي بوٽ ڪرايو. Start with CD rom support هاڻي توهان هيءَ ڪمانڊ لکي :A:\>d اينٽر ڪيو.
هاڻي توهان D:\cd ghost لکي اينٽر ڪيو.
وري ٻيهر D:\ghost>ghost لکي اينٽر ڪيو.
هاڻي جيڪا اسڪرين توهان جي سامهون ايندي اها ڪجهه هن طرح جي هوندي ....
وڌيڪ هيٺ ڏنل تصويرن ۾ ڏسو۔۔