• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جي سافٽويئر ٓAdd \ Rrmove پروگرام ۾ شو نه ٿئي ته۔۔۔۔؟

Doctor

سينيئر رڪن
سنڌ سلامت جي دوستن کي ڊاڪٽر جو سلام ،
دوستو اڄ مان توهان کي ٻڌائيندس ته جي توهان ڪوئي اهڙو سافٽويئر انسٽال ڪيو آهي جيڪو Add/Remove ۾ نظر نٿو اچي ۽ توهان چاهيو ٿا ته ان سافٽوئير کي Uninstall ڪرڻو آهي. پر مسئلو اهو آهي ته جي اهو سافٽويئر Add/Remove ۾ نظر ئي نه پيو اچي ته پوءِ ان کي Uninstall ڪيئن ڪجي؟
ته دوستو ان جو حل اهو آهي ته Start Menu ۾ اچي Run تي ڪلڪ ڪيو پوءِ ان ۾ C:\Windows\Installer لکي ok تي ڪلڪ ڪيو هاڻي جيڪا ونڊو کلندي ان ۾ انهن سافٽويئرن جا انسٽالر هوندا جيڪي توهان جي ونڊو ۾ انسٽال هوندا.
توهان پنهنجي ان سافٽويئر جي سڃاڻپ ڪرڻ جي لاءِ ڪنهن به هڪ انسٽالر کي سيليڪٽ ڪري ان تي رائيٽ ڪلڪ ڪيو پوءِ ان جي پراپرٽيز تي ڪلڪ ڪيو هاڻي جيڪا ونڊو کلي ان ۾ Summary ٽيب تي ڪلڪ ڪيو پوءِ ان سافٽوئير جو نالو ڏسي ان جي سڃاڻپ ڪيو. جڏهن توهان ان طريقي سان پنهنجو مطلوبه سافٽوئيرَ جو انسٽالر ڳولي وٺندو پوءِ ان کي Uninstall ڪرڻ جي لاءِ ان تي رائيٽ ڪلڪ ڪري اَن انسٽال تي ڪلڪ ڪيو پوءِ هي توهان کان پڇندو ته۔۔
Are you sure you want to uninstall this product توهان جيئن ئي Yes تي ڪلڪ ڪندو ته اهو سافٽوئير اَن انسٽال ٿيڻ شروع ٿي ويندو .. وڌيڪ هيٺ ڏنل تصويرن ۾ ڏسندا....
دوستو اميد آهي ته ڪنهن به سافٽوئير کي اَن انسٽال ڪرڻ جو هي طريقو توهان کي پسند ايندو ان سان گڏ پنهنجي دوست ڊاڪٽر کي اجازت ڏيندا الله حافظ...


5mhm41.jpg


2dj1bgj.jpg


21axzyc.jpg


nexrna.jpg


33nj91y.jpg
 
جواب: جي سافٽويئر ٓAdd \ Rrmove پروگرام ۾ شو نه ٿئي ته۔۔۔۔؟

ڊاڪٽر صاحب لک قرب تمام بھترين ونڊ پيا ڪريو اميد ٿا ڪريون ته اھو سلسلو جاري رکيون ايندا
 
جواب: جي سافٽويئر ٓAdd \ Rrmove پروگرام ۾ شو نه ٿئي ته۔۔۔۔؟

ڊاڪٽر صاحب لک قرب وڏي پريشاني دور ڪري ڇڏيئي
 
جواب: جي سافٽويئر ٓAdd \ Rrmove پروگرام ۾ شو نه ٿئي ته۔۔۔۔؟

ادا ڊاڪتر تمام سٺي ونڊ شيئر ڪئي اهي مهرباني
 
جواب: جي سافٽويئر ٓAdd \ Rrmove پروگرام ۾ شو نه ٿئي ته۔۔۔۔؟

سڀني دوستن جي مهرباني جن منهنجي شيئرنگ کي پسند ڪيو آهي۔۔۔
 
Back
Top