دوستو سلام
سنڌ جي ڀلوڙ شاعر اياز گُل جو هڪ غزل پيش آهي۔ اميد ته دوستن کي پسند ايندو
سنڌ جي ڀلوڙ شاعر اياز گُل جو هڪ غزل پيش آهي۔ اميد ته دوستن کي پسند ايندو
وقت ڪيا ويرانا ماڻهو
تنهنجا ڪي ديوانا ماڻهو
توکي ارپڻ آيا آهن
لڙڪ کڻي نذرانا ماڻهو
مان جو اڄڪلهه هيکل آهيان
جوڙن ٿا افسانا ماڻهو
منهنجو هُو هڪڙو ڀي ناهي
تنهنجا سڀ زمانا ماڻهو
وڇڙي ويندا جي وڇڙڻ جا
ڳولن روز بهانا ماڻهو
ڪهڙا جڳ سان ليکا ڪرڻا
يار اسان مستانا ماڻهو
تنهنجا ڪي ديوانا ماڻهو
توکي ارپڻ آيا آهن
لڙڪ کڻي نذرانا ماڻهو
مان جو اڄڪلهه هيکل آهيان
جوڙن ٿا افسانا ماڻهو
منهنجو هُو هڪڙو ڀي ناهي
تنهنجا سڀ زمانا ماڻهو
وڇڙي ويندا جي وڇڙڻ جا
ڳولن روز بهانا ماڻهو
ڪهڙا جڳ سان ليکا ڪرڻا
يار اسان مستانا ماڻهو
