بُت بڻجي ويل شخص (رضوان گل)

'ڪهاڻيون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏6 آڪٽوبر 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    بُت بڻجي ويل شخص
    رضوان گل
    [​IMG]

    [JUSTIFY]منهنجي موبائيل تي ميسيج رنگ وڳي ميسيج ڪنهن نئين نمبر تان آيل هو کولي ڏٺم ته ميسيج خالي هو...

    مان ان وقت پنهنجي آفيس جي شيشي مان ٻاهران جو من موهيندڙ منظر ڏسي رهيو هوس ڪارا گھاٽا بادل برسات جون هلڪيون بوندون ۽ پکين جو آکيرن ڏانهن پناهه وٺڻ لاءِ اڏامڻ .. موسم ۾ تبديلي اچي رهي هئي.. مان پنهنجي روالونگ چيئر کي ڦيرائي ٽيبل تي رکيل ليپ ٽاپ تي آڱريون ڦيرڻ لڳس..

    دل چيو ته ڪوئي خوبصورت گانو ٻڌجي.. هڪ دفعو ٻيهر موبائيل تي ميسيج جي رنگ وڳي ميسيج پڙهڻ لاءِ کوليو ... ساڳي اڻ ڄاتل نمبر تان خالي ميسيج...

    مان اڪثر اهڙن ميسيجز کي اهميت نه ڏيندو آهيان.. پر نه ڄاڻ ڇو ان نمبر تي who r u لکي سينڊ ڪري ڇڏيو.. ..

    ترت ئي جواب آيو I m anam and u r my jaan مون اهو پڙهي .. پڇتايو .. سوچيو ته رپلاءِ ڏيڻ نه گھربو هو مونکي..

    مان آفيس جي ڪم ڪار سان لڳي ويس.. ٽيبل تي رکيل موبائيل تي ان اڻ ڄاتل نمبر تان ڪيترائي ميسيج ايندا رهيا.. جڏهن آفيس کان واپس گھر آيس ته اهي سمورا ميسيج پڙهي اندازو ٿيو ته جيڪو به آهي سندس ٽيسٽ ڏاڍي لاجواب آهي..

    صبح منجھند شام رات اڌ رات ان نمبر تان ميسيج ايندا رهندا هئا .. مان ڪوبه رپلاءِ نه ڪندو هوس.. مونکي پڪ هئي ته اهو يا ته منهنجو ڪو دوست آهي يا وري ڪوبه واقفڪار جيڪو ڇوڪري بڻجي تنگ ڪرڻ ٿو چاهي...

    ڪافي ڏينهن ۽ مهينا گذري ويا چيٽنگ ڪندي.. هڪ دفعي مون پنهنجي هورا کورا لاهڻ لاءِ کيس ميسيج ڪيو جيڪڏهن تون واقعي به ڪا فيميل آهين ته پوءِ بلڪل هن وقت مونسان ڳالهاءِ...
    واپسي ۾ ميسيج بجاءِ ڪال اچڻ لڳي... اٽينڊ ڪئي...

    پريان ڇوڪري جو آواز آيو ..”ڇا اوهان هن وقت تائين مونکي ميل سمجھندا رهيا آهيو؟!!“

    نڙيءَ مان لفظ نڪري نه سگھيا.. مون فون ڪٽي ڇڏي....

    هاڻي مان سوچڻ تي مجبور ٿيس ته هي ڪير ٿي سگھي ٿي؟! جنهن کي مونسان ايڏي دلچسپي آهي..

    مون کيس ميسيج ڪيو: ”اوهان مونکي ڪيترو ٿاسڃاڻو؟ ۽ مونکي آخر ايترا سارا ميسيجز ڇو ٿا ڪريو؟“

    جواب آيو : ”مان اوهانکي ايترو سڃاڻان ٿي ته اوهان سرڪاري آفيسر آهيو، ڊفينس فيز ٽو جي 3 نمبر اسٽريٽ ۾ پهرئين ڪارنر تي اوهانجو گھر آهي، بليڪ ڪلر جي سٽي ڪار اٿوَ، اوهان شادي شده آهيو ٻه ٻار اٿوَ، فري ٽائيم ۾ سنگنگ به ڪندا آهيو، اوهانجا ڪجهه سانگس مون يوٽيوب تي به ڏٺا آهن. نالو شاهد اٿوَ پر مون لاءِ منهنجي جان آهيو توهان.... ۽ ها! اوهان کي حاصل ڪرڻ منهنجي زندگيءَ جو واحد مقصد آهي.

    سندس اهو جواب پڙهي مان هڪ هنڌ ڄمي ويس، هيڏي ساري ڄاڻ ڪنهن کي ٿي سگھي ٿي؟ سوچي سوچي ٿڪجي پيس ڳالهه سمجھه ۾ نه آئي..

    ڪيترائي ذهن ۾ آيل سوال کانئس ميسيج ذريعي معلوم ڪيا، جن مان اندازو ڪري سگھجي ته هو ڪير آهي پر هر سوال جي جواب ٻڌڻ کانپوءِ منهنجي پريشاني ويتر وڌندي ٿي وئي... نه صرف پريشاني پر تجسس پڻ وڌڻ لڳو ان ڳالهه جي تهه تائين پهچڻ جي لاءِ نه چاهيندي به مون ساڻس ميسيجز ذريعي رابطو جاري رکيو..

    مان رات جو جڏهن ڪمري جي لائيٽ آف ڪري سمهندو هوس ته پنهنجي موبائيل کي به سائلينٽ تي رکي ڇڏيندو هيس.. ڇالاءِ ته ان اڻ ڄاتل نمبر تان پوري رات به مختلف وقتن تي شاعري ۽ مختلف ڪوٽيشنس وغيره وارا ميسيجز ايندا رهندا هئا... اهو سلسلو مهينن تائين هلندو رهيو .. هاڻي مان به سندس ڪيل پنجاهه ميسيجز جي موٽ ۾ پنج ميسيج موڪلڻ لڳو هوس.. اهو سوچيو ته صرف ميسيج ڪرڻ ۾ ڀلا ڇا ٿو ٿئي!!

    ان وقت آسمان ۾ گجگوڙ سان گڏ کنوڻ به تجلا ڏئي رهي هئي، جڏهن مان پنهنجي دوست اعجاز جي اوطاق تي ويٺو هوس، ڪجهه گھڙين بعد تيز برسات به لهي پئي.. مان نرم آرامده سنگل صوفا تي ويٺل هوس.. اعجاز بينڪ ۾ آفيسر آهي اسان ننڍي لاءِ جا سنگتي آهيون.. مان اعجاز سان ڪچهري دوران موبائيل تي ايندڙ ميسيجز به پڙهندو رهيس... اعجاز پڇيو يار تون ڪجهه وقت کان موبائيل ۾ ڪجهه گھڻو ئي مصروف نه ٿي ويو آن؟!! ڪير ٿو ڪرئي ايڏا ميسيج ڀائو؟؟

    مان منهن پڪو ڪندي چيو بس مختلف ماڻهو ڪن ٿا.. يار ٽائيم ئي نه ٿو ملي سڄو ڏينهن موبائيل جا ميسيج پڙهجن يا ٻيا ڪم ڪار ڪجن.. بس هاڻي هتي وقت مليو آهي سو ڏسان پيو ويٺو..

    پر مونکي ائين نه ٿو لڳي، منهنجي دوست چيو...

    ته پوءِ توکي ڇا ٿو لڳي ڀلا؟؟

    مونکي لڳي ٿو ڪنهن ڇوڪري جو چڪر آهي..

    هاهاها !! مون هلڪو ٽهڪ ڏيندي چيو: ڇوڪري ۽ مان !! ڇڏ يار .. مان اهڙو آهيان جو توکان ڪجهه لڪايان؟

    ٻاهر برسات تيز وسڻ سبب ڇتين جا نيسارا وهڻ لڳا هئا..

    مان وس ڪندي به پنهنجي ڪوڙ کي لڪائڻ لاءِ .. چپن تي آيل مرڪ لڪائي نه سگھيس.. اهو شايد ان ڪري به ته مان اعجاز کان اڄ تائين ڪابه ڳالهه لڪائي نه هئي..

    اعجاز جي پڇيل سوال واري انداز مونکي وڌيڪ ڪوڙ ڳالهائڻ کان جيئن روڪي ورتو..

    چيائين .. الاءِ ڀائو اسان به گھاٽ گھاٽ جو پاڻي پيتو آهي .. سڄو ڏينهن ٿا ماڻهن سان ملئون.. ۽ توکي ته مان هونئن به چڱيءَ ريت ٿو سڃاڻان... سو مونسان چالاڪي ڪيئن ڪري سگھندين!!

    مان هاڻي سنجيده ٿيندي اعجاز سان سموري ڳالهه شيئر ڪرڻ لڳس ۽ کيس اهو به ٻڌايو ته لڳ ڀڳ سال ٿيڻ تي آهي هن ڇوڪريءَ جنهن جو نالو انعم آهي، مون سان ميسيجز ذريعي رابطي ۾ آهي هن مونسان پنهنجي بلڪل ذاتي نوعيت جون ڳالهيون به شيئر ڪيون آهن... ها! مون به کيس پنهنجي متعلق ڪافي ڪجهه ٻڌايو آهي .. ڪافي ڳالهيون ٿيون آهن.. هاڻي ته يار منهنجي به عادت بڻجي وئي آهي هوءَ... جيستائين ساڻس ميسيج تي رابطو نه ٿو ٿي اٻاڻڪو ٿو ٿي پوان..

    منهنجي منهن ۾ گھوريندي اعجاز پنهنجو سڄو هٿ پنهنجي چپن تي رکي منهنجون ڳالهيون ٻڌي رهيو هو... ملازم ٽيبل تي ٻاف نڪرندڙ گرم گرم ڪافي اچي رکي....

    مون سمورو سربستو احوال اعجاز کي ٻڌايو..

    پهريون سوال ڪيائين: تون نمبر ڇو نه تبديل ڪيو؟

    چيو مانس پهريون سوچيو هو، پر پوءِ دل چيو پڙهيل لکيل ڇوڪري آهي، فارغ وقت ۾ ساڻس ڳالهيون ڪندس وقت سٺو گذرندو..

    پوءِ هاڻي ڳالهه ڪٿي پهتي آهي ؟؟ مون ڏانهن شڪ وارين نظرن سان نهاريندي پڇيائين!!

    چيو مانس. ادا مان هن وقت تائين ساڻس مليو به نه آهيان .. ڳالهايو به صرف هڪ ڀيرو ئي اٿم .. سا به اها پڪ ڪرڻ لاءِ ته ڇوڪري آهي يا ڪو سنگت دوست يار.. بس ٻيو ڪجهه به نه!!

    ته پوءِ هاڻي اهو قصو آخر ڪٿي پورو ٿيندو؟؟

    بس ائين ئي جيستائين ان جي شادي نه ٿيندي هلندو رهندو پوءِ هوءَ نمبر مٽائي ڇڏيندي .. يار ائين منهنجو فري ٽائيم به ڏاڍو سٺو ٿو گذري.. ڀلا صفا ڳالهه حد کان وڌي وئي ته پوءِ نمبر مٽائي ڇڏبو کڻي... مون پنهنجي چهري تي اطمينان آڻيندي چيو.

    پر تو ته ٻڌايو ته: هوءَ توسان ٿي شادي ڪرڻ گھري... منهنجي ڳالهه کي اڌ ۾ ڪٽيندي اعجازڪراس ڪوسچن ڪيو..

    ها! پر مان سمجھان ٿو هوءَ اهو صرف ڳالهه ڪرڻ جي حد تائين چوندي آهي ائين ٿيندو ڪونه..

    ادا ڳالهه ٻڌ ڀائو: اڄوڪي ڏينهن ۾ وڃي شرافت سان نمبر مٽاءِ .. نه ته ........

    مون وڏو ٽهڪ ڏيندي .. ڳالهه مَٽائيندي چيو : يار موسم واه جي ٿي وئي اٿئي .. گاڏي ڪڍراءِ ته سي ويو تي ٿا هلئون..

    هاڻي برسات ڪجهه جھڪي ٿي چڪي هئي .. موسم لاجواب ٿي وئي هئي.. هوا ۾ ٿورڙو سيئاندو به محسوس ٿي رهيو هو..

    اعجاز هلڻ کان لاچاري ڏيکاريندي چيو نه يار موڊ ناهي ڪنهن ٻئي دفعي...

    پوءِ ڀلا مونکي اجازت ڏي.. مون اعجاز کان موڪلايو..

    تڪڙو تڪڙو گھر پهتس .. اهڙي رومانٽڪ موسم ۾ ڪنهن اڻ ڏٺل ۽ تصور ۾ سوچيل حسينه سان رومانٽڪ ڳالهيون ڪرڻ به پاڻ کي رليڪس ڪرڻ جو هڪ بهتر طريقو آهي ... اها ڳالهه ذهن ۾ رکي مان ساڻس ڪچهريون ڪرڻ لڳس..... اهي ڪچهريون وڌنديون رهيون... پهريون دائري جي اندر ۽ پوءِ دائرن ۽ حدن کان نڪرندي به.....!!

    هاڻي جنهن ڏينهن ساڻس رابطو نه ٿيندو هو، مزو نه ايندو هو.. کيس ڪال ڪندو هوس ته اٽينڊ نه ڪندي هئي، ان وچ ۾ مون کيس آزمائڻ لاءِ ٻين به ڪيترن ئي نمبرن تان ڪالز ڪيون پر هن ڪڏهن به اهي ڪالز اٽينڊ نه ڪيون.. ٻين نمبرن تان کيس رومانٽڪ ميسيجز به ڪيا پر ڪابه موٽ نه ملي..

    ان ڳالهه مان مونکي اها دلجاءِ ٿي ته هن جو تعلق صرف مونسان ئي آهي، هوءَ صرف منهنجي ذاتي نمبر تي ئي ميسيج ڪندي هئي.. کيس مون هر طرح سان آزمائڻ جي ڪوشش ڪئي پر هن جو ڪردار مونکي ڪٿي به ڪريل نظر نه آيو..

    رات جو سمهڻ تائين گڊ نائيٽ صبح جو اٿڻ سان گڊ مارننگ جا ميسيج ايندا رهيا... ڳالهين ڳالهين ۾ هو مونکي پنهنجو محبوب ڪري پيش ڪندي هئي.. گڏ رهڻ جو ڳالهيون.. لانگ ڊرائيو ۽ ڪينڊرل لائيٽ ڊنر جون ڳالهيون... سمنڊ تي هٿ هٿ ۾ ڏئي ڇولين جي ڇهاءَ جا مزا ... ۽ جيڪو هڪ شادي شده زندگي کانپوءِ ٿيندو آهي اهو سڀ ڪجهه ... هن پنهنجي ڳالهين ۾ بار بار ٿي ورجايو... هاڻي مان صرف ٽائيم پاس ڪرڻ لاءِ نه پر اڪثر پنهنجي آفيس ۾ ڪم سيڙائي به کيس وقت ڏيندو هوس. مونکي جن ۾ به شڪ هئا هو انهن مان هڪ به نه هئي..!!

    اهو سوال منهنجي ذهن ۾ پهرئين ڏينهن کان ڦِرندو ئي رهيو... پر ڪوبه مطمئن ڪندڙ جواب ڪونه مليو.. مان جڏهن به کانئس سندس باري ۾ اهو پڇندو هوس ته آخر تون پنهنجو مڪمل تعارف ڇو نه ٿي ڪرائين؟ ڪٿي رهندي آهين؟ مونکي ايترو ڪيئن ٿي سڃاڻين؟ يا پنهنجي ڪا تصوير ايم ايم ايس يا اي ميل ذريعي ڇو نه ٿي اماڻين!! ته هوءَ موٽ ۾ هميشه ڳالهه کي تبديل ڪري وٺندي هئي .. بار بار ساڳيو سوال ڪرڻ تي چڙي به پوندي هئي..

    هڪ سال ٻه مهينا چار ڏينهن اسان جون ڪچهريون ٿينديون رهيون .. مون ڪيترائي ڀيرا ملڻ لاءِ کيس مجبور ڪيو پر ملڻ واري ڳالهه تي کيس ڳالهائڻ ئي پسند نه هو.. چوندي هئي ملندا سين ته پوءِ ڪڏهن به الڳ نه ٿيندا سين.. پر اڄ اچانڪ هن ميسج ڪيو ته مان توسان ملڻ ٿي گھران... !!

    مون کيس ٺهه پهه جواب ڏنو: ڪڏهن ۽ ڪٿي؟

    لکيائين: ”تنهنجي آفيس جي سامهون واري ريسٽورنٽ ۾“

    مون لکيو: مان ڪيئن سڃاڻيندس توکي؟

    لکيائين: مان ته توکي سڃاڻان ٿي نه! بس توکي هٿ سان اشارو ڪنديس.. پر ملڻ کان اڳ منهن جو اهو ئي ساڳيو شرط آهي ته پاڻ ملڻ کانپوءِ ڪڏهن به نه وڇڙندا سين ۽ ان لاءِ ضروري آهي ته تون.. اڄ ئي پنهنجي زال کي طلاق ڏي... طلاق وارا پيپر اتي کڻي اچ مان ٺيڪ 4 بجي اتي توسان ملنديس...پوءِ پاڻ شادي ڪندا سين.

    مان کيس بغير ڪجهه به سوچڻ جي لکيو: ها ٺيڪ آهي.

    سندس ميسيج آيو: مان توکي ڪنهن ٻئي سان شيئر ڪرڻ نه ٿي گھران جانو.. تون صرف منهنجو آهين..
    مون موبائيل ٽيبل تي رکي اکين تي هٿ رکي ڇڏيا .. سمجهه ۾ ڪجهه به نه ٿي آيو.. هوش خطا ٿي ويا هئا... اها حسينه جنهن سمورو سال خوبصورت ۽ من موهيندڙ ڳالهيون ڪيون هيون اها اڄ مونسان ملي رهي هئي... جنهن سان ڪيترائي سپنن جا خيالي محل ميسيجز جي ذريعي اڏيا هئا سا اڄ پاڻ ملي رهي آهي سا به هميشه لاءِ..... هڪ طرف مان خوشيءَ ۾ نه ٿي ماپيس.... ٻئي طرف سندس لڳايل شرط مٿي ۾ هٿوڙا بڻجي لڳي رهيو هو.. گھڻي دير کانپوءِ اهو سوچي طلاق نامو تيار ڪري ورتو ته اهو صرف انعم کي ڏيکارڻ لاءِ ئي هوندو..

    بس! اندر ۾ نه بيان ٿيندڙ اُڻ تُڻ هئي انعم کي ڏسڻ جي...

    نه ڄاڻ ڪهڙو جادو هو، جنهن ڪري مون وٽان سوچڻ جي صلاحيت غائب ٿي وئي...

    جيئن چار وڳا ته مان روڊ ڪراس ڪري شاندار ريسٽورنٽ ۾ داخل ٿيس.. عجيب محسوس ٿي رهيو هو سڀ ڪجهه... طلاق جا ڪاغذ لفافي ۾ وجھي کڻي آيو هوس ... دل جي ڌڙڪن تيز ٿي وئي هئي ... ريسٽورنٽ اندر هلڪي روشني هئي سامهون ڪنڊ تي نقاب ۾ ويٺل پنڪ ڪلر جا ڪپڙا پهريل حسينه مونکي اشارو ڪيو تڪڙا قدم کڻندو سندس آڏو اچي بيٺس. لفافي ڏانهن هٿ وڌايائين .. مون سندس حوالي ڪري ڇڏيو.. هڪ دم کولي ڏٺائين ... پني تي نظرون ڦيريندي سندس نقاب لهي ويو.. ۽..... منهنجي پيرن هيٺان زمين نڪري وئي.. وهندڙ پاڻيءَ مان برف جو پهاڙ بڻجي ويس، ها مان ان وقت بت بڻجي ويس ... ڇو ته هوءَ منهنجي زال هئي..
    [/JUSTIFY]
     
  2. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: بُت بڻجي ويل شخص (رضوان گل)

    واھ واھ انتھائي بھترين ليک۔ دل کي موھيندڙ ۽ سسپينس ڀريل، سبق آموز، موبائيل جي ذريعي جيڪا ميسيجز جي ڏي وٺ ٿئي ٿي ان کي چٽي ۽ واضع طور بيان ڪيو آھي ادا رضوان۔ تمام خوبصورت جيتري تعريف ڪجي گھٽ آھي۔ مھرباني ادا سليمان اوھان جي۔

    سھڻا ماڻھو سھڻي انھن جي چونڊ۔
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: بُت بڻجي ويل شخص (رضوان گل)

    واقعي هي ڪهاڻي سسپينس سان ڀريل هئي ۽ آخر تائين پڙهي نتيجي جي انتظار ۾ هياسين۔

    مان جڏهن ادا رضوان گُل کان فون تي پڇيو ته ڪهاڻي ۾ ڪجهه سچائي هوندي آهي ۽ ڪجهه پنهنجو مشاهدو ته هي ڪهاڻي ڪنهن جي هئي؟ پاڻ وڏا ٽهڪ ڏنائون ۽ ٻڌايين ته هي ڪهاڻي 70 في صد صحيح آهي ۽ ڪنهن دوست جي ڪهاڻي آهي۔
     
  4. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: بُت بڻجي ويل شخص (رضوان گل)

    موجوده ۽ دور جي اهڙي ڪهاڻي جنهن کي جيڪڏهن موجوده دور جي تناظر ۾ پڙهجي ته انجام ڪهاڻي جي اختتام تي پهچڻ کان اڳ ئي معلوم ٿي ويندو آهي۔۔۔ هڪ مشهور واقعو آهي ته ڪنهن بکايل کان پڇيو ته 2 ۽ 2 گهڻا ٿيا ته هن جواب ڏنو 4 مانيون۔۔۔ سو ڪهاڻي پڙهندي ۽ اڳتي وڌندي وڌندي پڪ ٿيڻ لڳي ته همراه سان ڏاڍي ٿيندي۔۔۔ پر ڪهاڻي جو انت بلڪل به توقع جي خلاف مليو۔۔۔
    ليکڪ ادا رضوان گل ڪهاڻي جو عنوان به انجام کي ڏسي ڏنو آهي۔۔۔ جيڪڏهن اها 70 فيصد ڪهاڻي به سچي آهي ته همراه جا پوءِ به وڻ وڄي ويا هوندا۔۔۔
    انڊيا جون فلمون ڊگهيون هجڻ ڪري هميشه ڏسڻ کان لنوائيندو آهيان جو ايترو وقت ئي نه هوندو آهي پر هن ڪهاڻي تي ياد آيو ۔۔۔ ته هڪ دفعي ڳوٺ کان ڪراچي واپس ويندي ڪوچ ۾ نه چاهيندي به هڪ فلم ڏسڻي پئجي وئي۔۔۔ جنهنجو پلاٽ ذري گهٽ ساڳيو آهي۔۔۔ پر هتي وڻ وڄيا ته زال جا۔۔ مائي آخر تائين مڙس کي سڃاڻي نه سگهي۔۔۔ اها به ڪهڙي زال چئبي۔۔۔ خير فلم ۾ هن گيت واري سين موهي وڌو هو۔۔

     
  5. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: بُت بڻجي ويل شخص (رضوان گل)

    پوري ڪهاڻي پڙهڻ ۾ اهڙو سسپينس هيو جو پورو پڙهڻ کان پوء سوچيم ته مان ڀلو ڪندو آهيان جو ان نون نمبر کي جواب ئي ڪون ڏيان

    ادا واه جي ڪهاڻي پيش ڪئي آهي ۔۔۔۔۔۔ هن معاشري ۾ اهڙا واقعا ٿيندا رهن ٿا جتي موبائين جي دنيا جا فائدا آهن اتي سائيڊ افيڪٽ به آهن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ خوشفهميء ۾ همراهه سان ڏاڍي ٿي وئي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    سليمان جي هڪ وڌيڪ بهترين پيشڪش


     
  6. مصور عالم

    مصور عالم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    572
    ورتل پسنديدگيون:
    679
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    چيف ايڊيٽر ڪيسوُٻاء مئگزين
    ماڳ:
    مٺي ٿرپارڪر
    جواب: بُت بڻجي ويل شخص (رضوان گل)


    ڏاڍي بهترين ڪهاڻي
    آخر تائين نتيجي جو انتظار هيو۔۔۔
     
  7. رضوان گل۔

    رضوان گل۔
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    67
    ورتل پسنديدگيون:
    33
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    جواب: بُت بڻجي ويل شخص (رضوان گل)

    مهربانيون پيارا دوستو
     
  8. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: بُت بڻجي ويل شخص (رضوان گل)

    ادا رضوان گل۔اڄ ڪله جي حالت کي مدنظر رکندي توهانجي ڪهاڻي جي سچائي تي يقين ڪرڻ تي دل آماده ٿئي ٿي۔هڪ ڳاله جيڪا اسان توهان کان سمجهڻ گهرنداسين ته جيڪڏهن هئي ڪهاڻي سچي آهي ۽ توهان جي دوست جي هئي ته هن جڏهن ان عورت سان ٽيلفون تي ڳالهيو ته ڇا پنهنجي زال جو آواز نه سڃاڻي سگهيو۔ جڏهن راتين جو توهان جو دوست پنهنجي زال سان گڏ هوندو هو ته هو ڪنهن جا مسيجز رسيو ڪندو هو،ڇاڪاڻ ته لکڻ واري پاڻ هن سان گڏ هوندي هئي۔بهرحال ڪهاڻي تمام سٺي ۽ سيسپنس سان ڀريل آهي۔توهانجون مهربانيون۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو