يوٽيوب ذريعي ٻارن جي اصلاح پڻ ممڪن آهي۔۔۔

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏7 آڪٽوبر 2011۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    پي پال (انٽرنيٽ ذريعي واپار جي ڏيتي ليتي جي سهولت ڏيندڙ ڪمپني) جي ٽن ملازمن چاڊ هرلي، اسٽيو چين ۽ هڪ جرمن نزاد بنگلاديشي جاويد ڪريم فيبروري 2005 ۾ يوٽيوب جو آغاز ڪيو..

    [​IMG]

    2006 ۾ مشهور سرچ انجڻ گوگل لڳ ڀڳ 1.65 بلين ڊالرس ۾ خريد ڪئي.. هاڻي يو ٽيوب گوگل جي نگراني ۾ ڪم ڪري رهي آهي... جنهن جو صدر دفتر ڪيلي فورنيا آمريڪا ۾ واقع آهي..

    [​IMG]

    يوٽيوب وڊيو پيش ڪندڙ هڪ اهڙي ويب سائيٽ آهي جتي هرڪو رجسٽرڊ وڊيو پيش ڪري سگهي ٿو .... جنهن ڪري دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان مواد هن سائيٽ تي موجود آهي... يوٽيوب انگريزي زبان کي سواءِ 16 ٻين زبانن ۾ پڻ سهولتون ڏئي ٿو...
    يوٽيوب تي تعليمي وڊيوز جو پڻ ڪافي ذخيرو موجود آهي.. بس تعليم متعلق لفظ ڳوليو ته توهان کي بيشمار وڊيوز ملنديون... جيڪي وڊيوز توهان کي پسند اچن توهان انهن کي پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ پڻ محفوظ بڻائي سگهو ٿا..

    هتي ڪجهه اصلاحي وڊيوز جا لنڪ پيش ڪجن ٿا...
    ٻارن کي نماز جو درس طريقو سيکارڻ لاءِ هن لنڪ تي اچو...


    توهان جي سامهون هڪ وڊيو کُلندي جنهن ۾ رڪوع کان وٺي سجدي ۽ قيام تائين سڀني حالتن ۾ هڪ ٻار کي نماز پڙهندي ڏيکاريو ويو آهي... ان جهڙيون ٻيون وڊيوز پڻ ساڄي پاسي موجود هونديون.. جن ۾ آذان، وضو، دعا ۽ نماز پڙهڻ جو طريقو تلاوت سان سمجهايل هوندو...

    ننڍڙن ٻارن کي هن وڊيو جي ذريعي به سکيا ڏئي سگهجي ٿي
    اي بي سي سيکارڻ لاءِ



    رنگ سکڻ لاءِ


    سائنس جي سکيا لاءِ


    مطلب توهان جيڪو به مضمون ٻارن کي سيکارڻ يا پاڻ سکڻ چاهيو ان لاءِ وڊيوز کي آرام سان ڳولي سگهو ٿا...

    يوٽيوب وڊيوز ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هيٺين ويب سائيٽس تان سڌو سئون يا ڊائونلوڊر جي مددگار ثابت ٿيندا۔۔۔


    سيو وڊيو
    ڊائونلوڊ يوٽيوب
    ڪيپ وڊيو
    زمزار
    ٽيوب ليڪر
    ريئل پليئر
    انٽرنيٽ ڊائونلوڊ مينيجر

    هڪ ضروري احتياط
    انٽرنيٽ جي فائدن کان هر انسان واقف آهي .. سٺا ماڻهون سٺن مقصدن لاءِ انٽرنيٽ استعمال ڪندا آهن ۽ برا ماڻهون بري مقصد لاءِ .... انٽرنيٽ استعمال ڪندي ڪندي اڪثر توهان نه چاهيندي به ناپسنديده شيون ڏسڻ وٽان ملنديون... يوٽيوب جو معاملو به ڪجهه ان طرح آهي .. ان ڪري احتياط جو تقاضو اهو آهي ته ٻارن کي پنهنجي نگراني ۾ انٽرنيٽ استعمال ڪرايو ته جيئن ان جي ڪاٽو اثرن کان ٻار بچي سگهن... ٻيو ته يوٽيوب تي ڳولا لاءِ بهتر رهندو ته ڪنهن ڪاڳر تي خاص لفظ يا وضاحت لکي پوءِ ڳولا ڪجي ته جيئن وقت، مالي ۽ اخلاقي سرمايو بچائي سگهجي..
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو