جواب: اسلام عليڪم
اڙي يار سعيد احمد، ائين اهڙي ڪنجوسي، بس سلام ۽ ٻيا خئير، تعرف جو مقصد سلام ڪرڻ نه پر پنهنجي مطلق اهم ۽ ضروري معلومات ڏيڻ هوندو آهي ته جيئن سنڌ سلامت تي ايندڙ دوست اوهانکي پنهنجي دوستي ۾ شامل ڪن ۽ اوهانجي شخصيت کان پوري طرح آگاهه ٿين،
ممڪن اوهانکي لکڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي هجي پر پو به ڪوشش ڪاميابي جي ڪنجي آهي، سنڌي لکڻ ۽ پڙهڻ ئي اسانجو مقصد ۽ منزل آهي ته جيئن سنڌي ٻولي جي جيئاپي جا سڀ جتن ٿي سگهن ۔۔۔ اميد ته اوهان هن ساٿ ۾ اڳ کان اڳرا ٿي ڪم ڪندا ۽ دوستن سان دوستيون وڌائي سنڌ سلامت ساٿ سلامت جي نعري کي ڪامياب ڪندا ۔۔۔
اوهانکي سنڌ سلامت تي دل جي گهراين مان ڀليڪار ۔۔۔
جي ايندي چوني آ، ويندي چوني ويهه
ڇڏي سارو ڏيهه، اڻ اچج انهن جي۔
دعائن ۾ گڏ