• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڳالهه فقط ايتري هئي

عرس پريو

سينيئر رڪن
جنهن ساڻ اوچتو ئي منهنجي دل لڳي هئي
ان وٽ سٺو سڀاءُ هيو، سادگي هئي

چاهت سان هو جڏهن مليو محسوس ٿيو ائين
هن ساڻ ڄڻ صدين کان وٺي دوستي هئي

هو موڪلائي ويو، ته ويا رنگ روپ سڀ
هڪ خالي ڪينواس منهنجي زندگي هئي

ڳوڙها مليا ته سڏڪا ڀي، ڏک درد گهاءَ ڀي
مون وٽ نه ڪنهن به چيز جي ڪائي ڪمي هئي

ماڻهن چيو ته پريت محبت ۾ آهي ڇا؟
چئي ڪير تن کي منهنجي اها بندگي هئي

مون کي ته آهي عشق مان انسانيت ملي
دنيا ڏٺي مون اهڙي نه جا اڳ ڏٺي هئي

مون کي نه مات رات ڪري ڪنهن طرح سگهي
هي داغ دل جا جلندا رهيا روشني هئي

دنيا وڏي ڪهاڻي بڻائي ڇڏي ’بشير‘
مون دل ڏني ۽ ڳالهه فقط ايتري هئي
بشير سيتائي
 
جواب: ڳالهه فقط ايتري هئي

دنيا وڏي ڪهاڻي بڻائي ڇڏي ’بشير‘
مون دل ڏني ۽ ڳالهه فقط ايتري هئي

تمام بھترين جاري رکجو ادا
 
جواب: ڳالهه فقط ايتري هئي

واھ عرس پريا واھ اوھان جي چونڊ جي ڇا ڳالھ ڪجي۔۔۔تمام بھترين شاعري بشير سيتائي صاحب جن جي۔۔۔۔ونڊڻ جي مھرباني مٺا۔
 
Back
Top