عرس پريو
سينيئر رڪن
جنهن ساڻ اوچتو ئي منهنجي دل لڳي هئي
ان وٽ سٺو سڀاءُ هيو، سادگي هئي
چاهت سان هو جڏهن مليو محسوس ٿيو ائين
هن ساڻ ڄڻ صدين کان وٺي دوستي هئي
هو موڪلائي ويو، ته ويا رنگ روپ سڀ
هڪ خالي ڪينواس منهنجي زندگي هئي
ڳوڙها مليا ته سڏڪا ڀي، ڏک درد گهاءَ ڀي
مون وٽ نه ڪنهن به چيز جي ڪائي ڪمي هئي
ماڻهن چيو ته پريت محبت ۾ آهي ڇا؟
چئي ڪير تن کي منهنجي اها بندگي هئي
مون کي ته آهي عشق مان انسانيت ملي
دنيا ڏٺي مون اهڙي نه جا اڳ ڏٺي هئي
مون کي نه مات رات ڪري ڪنهن طرح سگهي
هي داغ دل جا جلندا رهيا روشني هئي
دنيا وڏي ڪهاڻي بڻائي ڇڏي ’بشير‘
مون دل ڏني ۽ ڳالهه فقط ايتري هئي
ان وٽ سٺو سڀاءُ هيو، سادگي هئي
چاهت سان هو جڏهن مليو محسوس ٿيو ائين
هن ساڻ ڄڻ صدين کان وٺي دوستي هئي
هو موڪلائي ويو، ته ويا رنگ روپ سڀ
هڪ خالي ڪينواس منهنجي زندگي هئي
ڳوڙها مليا ته سڏڪا ڀي، ڏک درد گهاءَ ڀي
مون وٽ نه ڪنهن به چيز جي ڪائي ڪمي هئي
ماڻهن چيو ته پريت محبت ۾ آهي ڇا؟
چئي ڪير تن کي منهنجي اها بندگي هئي
مون کي ته آهي عشق مان انسانيت ملي
دنيا ڏٺي مون اهڙي نه جا اڳ ڏٺي هئي
مون کي نه مات رات ڪري ڪنهن طرح سگهي
هي داغ دل جا جلندا رهيا روشني هئي
دنيا وڏي ڪهاڻي بڻائي ڇڏي ’بشير‘
مون دل ڏني ۽ ڳالهه فقط ايتري هئي
بشير سيتائي