ڪجهه ڏيڻ جي لطف کان وانجهيل ماڻهون۔۔۔

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏8 آڪٽوبر 2011۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    هڪ مشهور واقعو آهي ته ڪنهن ماڻهون جي هڪ لک جي لاٽري نڪتي ۔۔۔ ان جي زال پاڙي واري مسجد جي ملان ڏي وئي ۔۔ ۽ کيس شريف سمجهي چيائين ته ۔۔ ”سائين منهنجي مڙس جي هڪ لک جي لاٽري نڪتي آهي ۔۔ هُو دل جو مريض آهي جي اها خبر ٻڌندو ته خوشي ۾ دل جو دورو نه پئجي وڃيس۔۔ “
    ملان کيس پنهنجو خدمتون پيش ڪندي چيو ته هو پاڻ کيس اها خبر آهستي آهستي ڪري ٻڌائي؟
    عورت جي راضي ٿيڻ تي هو همراه سان مليو ۽ کيس چيائين ۔۔ ”جيڪڏهن تنهنجي هزار جي لاٽري نڪري ته ۔۔؟“
    همراه ورندي ڏني ته ۔۔۔”مهانگائي وڌي وئي آهي ڪم ته پوء به ڪرڻو پوندو۔۔۔“
    ”ڀلا جي 10 هزار نڪري ته ۔۔“ ملان رقم کي وڌائيندي چيو۔۔ همراه پوءِ به ڪنهن خاص خوشي جو اظهار نه ڪيو۔۔۔
    جنهن تي ملان رقم کي احتياط سان وڌائيندي پنجاهه هزار ۽ پوءِ هڪ لک روپيه ٻڌائي۔۔۔
    ”جيڪڏهن منهنجي هڪ لک جي لاٽري نڪري ته مان پنجاهه هزار توکي ڏئي ڇڏيندس۔۔۔۔“ همراه وراڻيو۔۔
    ملان کي اهو ٻڌندي ئي دل جو دورو پئجي ويو۔۔۔

    خير اهو ته هڪ واقعو هو۔۔۔ هتي مان توهان کي هڪ حقيقت ٻڌائڻ چاهيندس۔۔ مشهور فوربس ميگزين دنيا جي سمورن ارب پتي ماڻهن جي فهرست جاري ڪئي آهي۔۔۔ بدقسمتي يا خوش قسمتي سان ان ۾ ڪو به پاڪستاني ناهي ۔۔۔ پر انهن ارب پتين جي فهرست ۾ انڊيا جا 55 ارب پتي شامل آهن۔۔۔ 55 ارب پتي ۔۔؟ آهي نه حيران ڪن ڳالهه ۔۔۔ پر توهان کي ان کان وڌيڪ حيران ڪن ڳالهه ٿو ٻڌايان۔۔۔

    دنيا جي ٻئين نمبر ارب پتي مائڪروسافٽ ڪمپني جي مالڪ بل گيٽس سوچيو ته ڇو نه سمورن ارب پتين جي هڪ گڏجاڻي ڪوٺائي کين ان ڳالهه تي راضي ڪجي ته پنهنجي ملڪيت مان معمولي رقم فلاحي ڪمن تي خرچ ڪجي۔۔۔ ۽ حيرت جي ڳالهه اها آهي ته ۔۔۔ انڊيا جي انهن 55 ارب پتين مان ڪو هڪ به ان گڏجاڻي ۾ شريڪ نه ٿيو ۔۔۔۔ ڪو هڪ به نه۔۔۔۔۔!

    آهي نه حيرت جي ڳالهه ۔۔۔ !!!

    اسان حاصل ڪرڻ، کٽڻ ۽ وٺڻ جي معاملي ۾ ڪيڏو نه خوش ۽ پرجوش هوندا آهيون ۽ ڏيڻ جي معاملي به بلڪل به نه۔۔۔ هالانڪه ضروري نه آهي ته ڏيڻ لاءِ توهان وٽ رڳو رقم ئي هجي۔۔۔
    اسان وقت ڏئي سگهون ٿا۔۔۔
    اسان مشورو ڏئي سگهون ٿا۔۔۔۔
    اسان محبت ڏئي سگهون ٿا۔۔۔
    ايسيتائين جو اسان هڪ مسڪراهٽ به ڏئي سگهون ٿا۔۔۔ ۽ ٻڌايو ڀلا ان ۾ ڇا خرچ ٿيندو۔۔۔ ؟

    ياد رکو ته ڪجهه به ڏيڻ جي صورت ۾ توهان وٽ ڪڏهن به گهٽتائي نه ايندي ۽ وري ڏيڻ سان جيڪا توهان کي روحاني تسڪين حاصل ٿيندي اها لک لٽائڻ سان به نه ملندي۔۔۔۔!
     
  2. حڪيم عبدالقادر

    حڪيم عبدالقادر
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏5 فيبروري 2011
    تحريرون:
    30
    ورتل پسنديدگيون:
    129
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ڪجهه ڏيڻ جي لطف کان وانجهيل ماڻهون۔۔۔

    ادا زبردست ونڊ آهي۔
     
  3. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: ڪجهه ڏيڻ جي لطف کان وانجهيل ماڻهون۔۔۔

    ادا بھترين ونڊ آهي۔ اسان کي واقعي اللھ جي راھ ۾ به پنھنجي وس آھر خرچ ڪرڻ گھرجي۔۔
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڪجهه ڏيڻ جي لطف کان وانجهيل ماڻهون۔۔۔

    يار رشيد اهو حال هتي به آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    حاليه بارشن ۾ آيل تباهي تي اسان جي ڪروڙ پتي ماڻهن پنهنجي پاڙيسرين يا پنهنجن ماڻهن جي جيڪا مدد ڪئي آهي اها به سڀني سامهون آهي۔ ڪاش اهي سڀ ماڻهو اوهان جي هن ليک کي پڙهن۔
     
  5. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ڪجهه ڏيڻ جي لطف کان وانجهيل ماڻهون۔۔۔

    بلڪل درست ڳالهه آهي ادا


    بهترين شيئرنگ آهي

    جاري رکجو

    سدائين گڏ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو