• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

قبله سائين مخدوم محمد زمان "طالب المولى

Abdul Wahid Soomro

سينيئر رڪن
پورو نالو ـ مخدوم محمد زمان "طالب المولى
والد جو نالو ـ مخدوم غلام محمد سائين
تاريخ پيدائش ـ 6 آڪٽوبر 1919 ع ـ مطابق 9 محرم 1338 هه
تاريخ وفات ـ 11 جنوري 1993ع
ولادت جو هنڌ ـ هالا نوان سنڌ

مختصر احوال

پاڻ مخدوم غلام محمد سائين رحه ، حضرت غوث الحق مخدوم نوح سرور رحه جي پندرهين سجاده نشين جا فرزند آهن ۽ حضرت غوث الحق مخدوم نوح سرور رحه جي اولاد مان آهن ، جي خليفه اول حضرت ابوبڪر رضه جي اولاد مان آهن. حضرت مخدوم نوح رحه پنهنجي زماني جو غوث ۽ مجدد هو. سندن معاشرتي اصلاح، سلسلي ۽ طريقت جي تبليغ جا تجديدي ڪارناما ، سنڌ جي قديم تنصيفات ، حديقته الاوليا، ارشاد الطالبين، دليل الذاڪرين، رساله فتوحات سنڌي عرف رساله فتحي ۽ تحفته الڪرام ۾ تفصيل سان موجود آهن. حضرت غوث الحق مخدوم نوح سرور رحه جو اهو جاري ڪيل سلسلو ، سروري سهروردي سلسلي جي نالي سان ملڪان ملڪ مشهور آهي. ان سلسي سان وابسته تعداد سندن زماني ۾ نو لک شمار ڪيو ويو، ان ڪري هن سلسلي کي نو لکي گودڙي پڻ سڏيو ويو آهي.
اشاعت ـ هن سلسلي جي اشاعت سنڌ جي چئني ڪنڊن ۾ ٿي، بلڪه ان جي حدن کان ٻاهر؛ اتر ۾ بهاولپور، پنجاب، ملتان ۽ بلوچستان تائين؛ ڏکڻ ۾ ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ گجرات، ان طرح جوڌپور ۽ جيسلمير تائين پکڙيل آهي. ڪيئي گاديون هن درگاه سان وابسته آهن.
تعليم ـ اول قرآن ڪريم پڙهيا ان کان پوءِ فارسي جي تعليم ورتائون زياده تر سندن تعليم ۽ تربيت سندن والد حضرت غلام محمد سائين جي خدمت ۾ ٿي.
سجاده نشيني ـ سندن والد ماجد حضرت غلام محمد سائين ، 30 ذوالحج1363 هه مطابق 16 ڊسمبر 1944 ع تي وفات ڪئي ۽ پاڻ 1945 ع جي اوائل ۾ حضرت نوح سرور جي سلسلي جا سورهان سجاده نشين ٿيا.
شاعري ۽ راڳ ـ شاعري ۽ راڳ سان شغف ۽ ادب سان شوق کين ننڍ پڻ کان گويا ورثي ۾ مليو، 1930 ۾ ناري جي سفر تي شاعرانه ذوق تڪميل تي پهتو. اول بيوس پوءِ فراقي ، زمان شاه ۽ پوءِ طالب تخلص ڪيائون. 1949 کان طالب المولى تخلض اختيار ڪيائون.
علمي ۽ ادبي خدمات ـ علم ۽ ادب جي فرغ لاءِ هالا ۾ الزمان پريس قائم ڪيائون ۽ هفتيوار الزمان ۽ پاسبان اخبارون ڳچ عرصي تائين هليون. 1950 ع ۾ سندن سرپرستيءَ ۾ ماهنامو ”فردوس“ ، 1952 ع ۾ ماستر جمعي خان ”غريب“ جي ادارت ۾ ”طالب المولى“، 1956 ع ۾ رسالو ”شاعر“ نڪتو. 1952 ع کان پاڻ جميعت الشعراء سنڌ جا صدر منتخب ٿيا. پاڻ ريڊيو پاڪستان مشاورتي ڪميتيءَ جا ممبر به هئا ، مخدوم صاحب علم ۽ ادب جون اڻڳڻت خدمتون ڪيون.
تعليمي خدمتون ـ ان سلسلي ۾ طالب المولى هاسٽل هالا ۽ طالب المولى هاءِ اسڪول دادو، يادگار آهن.
ملڪي خدمات ـ پاڻ ون يونٽ کان پهريان سنڌ اسمبلي جا ممبر هئا ۽ ان کان پوءِ ٻه ڀيرا قومي اسمبلي جا ممبر منتخب ٿيا.
تصنيفات ـ (1) امام غزالي جا خط (2) اسلامي تصوف (3) خود شناسي (4) شيطان (5) بهار طالب (6) رباعيات طالب (7) ياد رفتگان (8) مثنوي عقل و عشق (9) ڪچڪول (10) ڪافي (11) سنڌ جو شڪار (12) بياض طالب المولى (13) مصريءَ جون تڙون (14) مضامين طالب المولى (15) سماع العاشقين في سرور الطالبين ۽ ٻيا ڪيترائي ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن.
اعزاز ـ سندن علمي ۽ ادبي ملڪي ۽ سماجي خدمتن جي قدر ڪندي پاڪستان سرڪار کيس ”تمغه پاڪستان“ جو اعزاز ڏنو ويو
رحلت ـ پاڻ 11 جنوري 1993 ۾ هن فانِي دنيا مان لاڏڻو ڪري وي
 
جواب: قبله سائين مخدوم محمد زمان "طالب المولى

سائين مخدوم محمد زمان "طالب المولى جي شاعري ايتري ته لاجواب آهي جو ٻڌڻ سان دل کي سڪون مليو وڃي۔۔۔۔۔۔۔۔

توهان مخدوم محمد زمان "طالب المولى جي باري ۾ تفصيل ڏنو مهرباني
 
Back
Top