عاشق سولنگي
سينيئر رڪن
شاعر (ايوب کوسو)
چونڊ (جنيد ميمڻ)
ڊزائين (عاشق سولنگي)
اول آخر سنڌ (جيئي سنڌ)
سرخ پنن تي سنڌ لکان ٿو۔
ڄڻ ته ڦٽن تي سنڌ لکان ٿو۔
روز اکين جي ننڊ مري ٿي،
روز سڏن تي سنڌ لکان ٿو۔
آڻين ٿو تون جام چپن تي،
آءٌ چپن تي سنڌ لکان ٿو۔
انگ انگ آهي ساڻو ساڻو،
پوء به بدن تي سنڌ لکان ٿو۔
ڇلڪي هن جا نيڻ پون ٿا،
نانء هٿن تي سنڌ لکان ٿو۔
من جو ديبل دانهن ڪري ٿو،
سرد وچن تي سنڌ لکان ٿو۔
هوء سرتين ۾ ٽهڪ ڇڏي ٿي،
آءٌ وڻن تي سنڌ لکان ٿو۔
چونڊ (جنيد ميمڻ)
ڊزائين (عاشق سولنگي)
اول آخر سنڌ (جيئي سنڌ)
سرخ پنن تي سنڌ لکان ٿو۔
ڄڻ ته ڦٽن تي سنڌ لکان ٿو۔
روز اکين جي ننڊ مري ٿي،
روز سڏن تي سنڌ لکان ٿو۔
آڻين ٿو تون جام چپن تي،
آءٌ چپن تي سنڌ لکان ٿو۔
انگ انگ آهي ساڻو ساڻو،
پوء به بدن تي سنڌ لکان ٿو۔
ڇلڪي هن جا نيڻ پون ٿا،
نانء هٿن تي سنڌ لکان ٿو۔
من جو ديبل دانهن ڪري ٿو،
سرد وچن تي سنڌ لکان ٿو۔
هوء سرتين ۾ ٽهڪ ڇڏي ٿي،
آءٌ وڻن تي سنڌ لکان ٿو۔
