[justify]سنڌ سلامت جي لوڪل فقير (ڦلپوٽو فقير) جو اتفاق سان ڪراچيء ۾ اچڻ ٿيوان سان ملڻ لاء دل آتي هئي دوستن سان گڏجي سچل ڳوٺ آيا سين جتي سائين نثار ابڙو جي رهائش گاهه تي فقير سان ملياسين ملي ڏاڍي خوشي ٿي ۔۔۔۔۔ پوء وري سليمان وساڻ جي اوطاق تي آيا سين اتي فقير ڪجهه تصويرون ڪڍيون ۔۔۔۔ جيڪي فيس بوڪ تي فقير ونڊ ڪيو آهن پر دل چيو ته سنڌ سلامت جي ڪچهري سنڌسلامت تي به ونڊ ڪجي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ [/justify] [/center][/img] ساڄي کان ڦلپوٽو فقير سيد بشارت حسين شاه، عرس پريو ء عبدالرشيد سمون[/center][/img] [/center][/img] [/center][/img] [/center][/img] [/center][/img] سليمان وساڻ، عبدالرشيد ء ڦلپوٽو فَقير [/center][/img] [/center][/img] [/center][/img] ساڄي کان سيد بشارت حسين شاه، عبدالرشيد سمون، نثار ابڙو، سليمان وساڻ ء ڦلپوٽو فقير
جواب: سنڌ سلامت جي لوڪل فقير ساڻ ڪراچيء ۾ گڏجاڻي پر ٽن تصويرن ۾ ته فقير آهي ئي ڪونه۔۔۔۔ توهان کي گهرجي ته پيرائتي رپورٽ پيش ڪريو۔۔۔ ۽ دوستن اڳيان وضاحت ڪيو ته ۔۔ ڇا هي ملاقات هئي يا گڏجاڻي۔۔۔؟ جي ملاقات هئي ته فقير ڪراچي ۾ توهان ڏانهن آيو يا توهان شڪارپور ساڻس مليو۔۔؟ جي گڏجاڻي هئي ته ايجنڊا ڪهڙي هئي۔۔۔ ؟ تصويرن ۾ ڪجهه وڌيڪ چهرا به نظر آيا۔۔۔ ڇا اهي ملاقاتي هئا يا گڏجاڻي جا ميمبر۔۔۔؟ تصويرون ونڊڻ ڀلو لڳو۔۔۔ پر منهنجي خيال ۾ توهان کي ڪجهه وڌيڪ لکي به دوست کي ٻڌائڻ گهرجي ها۔۔ ان سلسلي ۾ توهان کي سائين نثار ناز ۽ طاهر سنڌي جن کان رپورٽنگ جو سبق سکڻ گهرجي۔۔۔
جواب: سنڌ سلامت جي لوڪل فقير ساڻ ڪراچيء ۾ گڏجاڻي عرس پريي جو ونڊ ته تمام سهڻو آهي ۽ کلمک دوستن جي ڪچهري ۾ جيڪو سڪون مليو سو لفظن ۾ بيان ڪرڻ مشڪل آهي، مٿان وري ادي رشيد جي ايجنسين وارا سوال، اڙي يار رشيد پاڻ مست ملنگ ماڻهون آهيون، عرس پريو ۽ آ رهياسين عاشق ماڻهون سو ڪٿي ڄاڻون رپورٽنگ ڪرڻ۔۔؟ ملاقات ۽ گڏجاڻي ۾ فرق به ڪهڙو؟ ها! جي اوهان ڪنهن تنظيمي خيال کان ٿا پڇو ته بيشڪ سنڌ سلامت جون ڳالهيون ٿيون، انجي واڌ ويجهه جون صلاحون ٿيون ان خيال کان گڏجاڻي ڪوٺجي ته به ڀلو ۽ فقير سائين سان ڪچهريون ٿيون، خيالن جي ڏي وٺ ٿي ۽ دوستن سان کل ڀوڳ ٿيا ته ان کي ملاقات جا لفظ ڏيو ته به ٺهي ٿو ۔۔۔ مطلب ته فقير سائين ، ڏاڏل ، سليمان ، عرس پريي ۽ رشيد سهڻي سان اهڙيون ملاقاتون ڪي هر روز ٿورئي ٿينديون آهن سو انکي يادگار ملاقات چئجي ته اڃان به سهڻو لڳندو ۔۔۔ تصويرون ته يادگار آهن ئي پر اهي لمحا وڌيڪ يادگار ۔۔۔ واه فقير سائين ميلا لڳن، دوست ملن، دلڙيون ٺرن ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: سنڌ سلامت جي لوڪل فقير ساڻ ڪراچيء ۾ گڏجاڻي سائين عرس پرئي صاحب جي مهرباني جو ان اهي تصويرون ونڊ ڪيون سائين ابڙا صاحب ڪافي ٽائيم کان اها چنتا هئي ته سائين ڪڏهن ٿو ڪراچي اچي ته سائين جو درشن ڪيان هڪ ته درشن جي ضرورت هئي ٻيو وري اتفاقي طور تي انٽريو به هيو ۽ وري اچانڪ توهان سان ۽ سائين غلام مصطفي ميمڻ صاحب ملي ڪري سرپرائيز به ڪرڻ پئي چاهيم اتفاق سان ان رات جڏهن مان ڪراچي لا۽ نڪتس ته صرف سائين غلام مصطفي ميمڻ صاحب فون ڪئي ۽ مان ان کي ٻڌايس ته مان ڪراچي لا۽ نڪتل آهيان سنگت سان ملاقات ٿئي جن ۾ سائين ابڙو صاحب ۔ رشيد سمون صاحب ۔ سائين سليمان وساڻ صاحب ۔ عبدالڪريم چانڊيو صاحٍب محفل جو مور عرس پريو صاحب ڏاڍي اصل دل خوش ٿئي ٿڪ لهي ويا پر سائين ميمڻ صاحب سان ملاقات نه ٿئي سگهي شايد هن ڀيري سان سائين سان ملاقات نصيب نه هئي واقعي به اهي لمحا هڪ يادگار لمحا هئا ان ڪري ئي انهن لمحن کي سانڍي ڪري رکيو آهي سنڌ سلامت ساٿ سلامت سدائين گڏ
جواب: سنڌ سلامت جي لوڪل فقير ساڻ ڪراچيء ۾ گڏجاڻي سائين نثار اصل دل جي ڳالهه ڪري دل ٺاري ڇڏيو۔۔۔۔۔۔۔۔ رشيد کي ته ڪو پوليس وارو ٿيڻ گهرجي ها اهڙا سوال اچي ٿو پڃي جو منجهائي ڇڏي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ فقير سان ملاقات ٿي ڏاڍو مزو آيو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اهڙيون ملاقاتون قائم هجن شال
جواب: سنڌ سلامت جي لوڪل فقير ساڻ ڪراچيء ۾ گڏجاڻي ادا عرس پريو صاحب اسلام عليڪم۔توهان جون تمام گهڻيون مهربانيون جو توهان دوستن جي انفارمل ننڊي گڏ جاڻي جي تصويري ڪهاڻي اسان جي سامهون آندي۔ادا سائين اسان کي به ڪافي افسوس آهي ته سائين ڦلپوٽو فقير ضاحب سان ملاقات نه ٿئي سگهي ۽ نه واري انهن جهڙي ڏاهن جي گفتگو مان ملحوظ ٿيء سگهياسين۔ادا انهن تصورين ۾ ڪجه اهڙا مهربان به آهن جن کي اسان اڳ ۾ نه ڏٺو آهي ۔اسان ادا رشيد جي ڳاله کان متفق آهيون ته اوهان کي هر ڦوٽو جي هيٺن ان ڦوٽو ۾ موجود مهربانن جو نالو لکڻ گهرجي هان ته جيڪر سڃاڻڻ ۾ آساني ٿي وڃي هان۔مهرباني ڪري ٻڌائيند ته ان تصورين ۾ ڦلپوٽو فقير صاحب ۽ عبدالڪريم چانڊيو صاحب جن ڪهڙا آهن۔ناراض نه ٿيندا اسان جا ان جسارت ته۔
جواب: سنڌ سلامت جي لوڪل فقير ساڻ ڪراچيء ۾ گڏجاڻي سائين ماشاءِ الله اوهان جون بهترين ڪچهريون هن فورم زريعي الله ڪري صدائين اهي ڪچهريون آباد رهن ، وسلام
جواب: سنڌ سلامت جي لوڪل فقير ساڻ ڪراچيء ۾ گڏجاڻي ادا ان ڏينهن هڪ ٻي شخصيت سان به ملاقات ٿي هئي جنهن کي سڀني دوستن بيدردي سان وساريو آهي!!!!
جواب: سنڌ سلامت جي لوڪل فقير ساڻ ڪراچيء ۾ گڏجاڻي ادا توهان وسارڻ جهڙا ته ڪون آهيو اسان جي پهچڻ کان پهريائين توهان هليا ويا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پوء به معافي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
جواب: سنڌ سلامت جي لوڪل فقير ساڻ ڪراچيء ۾ گڏجاڻي ابا اوهان کي ڪير وساريندو پر يار ان ڏينهن اوهان بي واجبي ڪئي۔ ماني کائڻ کانپوء اوهان واهه جو ڀڳا ۔۔۔۔ جيتوڻيڪ اوهان کي دوستن جي اچڻ جي پڪ به هئي۔ پر پوء به طاهر سنڌيء سان سِر لڳي ۔۔۔
جواب: سنڌ سلامت جي لوڪل فقير ساڻ ڪراچيء ۾ گڏجاڻي ماني کائجي وئي ته پوءِ وقت ڇو وڃائجي۔۔۔ ٻين دوستن جي دعوتن تي به جو وڃڻو هوندو۔۔۔ :redface:
جواب: سنڌ سلامت جي لوڪل فقير ساڻ ڪراچيء ۾ گڏجاڻي ها ادا طاهر توهان کي وري ٻئي دعوت تي به وڄڻو هو ؟؟؟؟؟؟؟؟ يار طاهر پر اها خبر ادا رشيد کي ڪئين پئي ته توهان وري ٻئي دعوت تي وڄڻا آهيو ؟ ههههههههههه ادا طاهر توهان وسارڻ جهڙا نه آهيو وري به عرس پرئي وانگر معافي سدائين گڏ