زاهد سومرو
سينيئر رڪن
ماءُ (امڙ جيجل)
ماءُ جهڙي عظيم هستي جي عظمت جي باري ۾ عظيم شخصيتن جون چواڻيون:
1. ماءُ جي بدعا کان بچو ڇو جو خدا ۽ ان جي وچ ۾ ڪوئي پردو نه هوندو آهي. ( حديث نبوي)
2. ماءٌ جي نافرماني ڪرڻ ڪبيرا گناهن ۾ سڀ کان وڏو گناهه آهي. (حديث نبوي)
3. ماءُ جي واتان (منهن مان) نڪتل، گهريل دعا خدا تعالي کي به مڃڻي پوندي آهي. (حديث نبوي)
4. ماءُ جي نافرماني ڪرڻ وارو جنت ۾ داخل نه ٿيندو (حديث نبوي)
5. ماءُ جي پيرن هيٺان جنت آهي. (حديث نبوي)
6. ماءُ کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ (گار گند) ڏيڻ سڀ کان وڏو گناهه آهي.
7. ماءُ جو ٻيو نالو جنت آهي.
8. ماءُ جي خوشنودي دنيا ۾ باعث دولت آهي ۽ آخرت ۾ باعث نجات آهي. (شيخ سعدي)
9. ماءُ کي مصيبت جي وقت جڏهن به ياد ڪندو آهيان مونکي سڪون ملندو آهي. (شيلي)
10. ماءُ زندگي جي اوندانهين راهن ۾ روشني جو مينار آهي. (آرچ لوڊ)
11. ماءُ جي محبت گل کان به وڌيڪ تروتازه ۽ لطيف آهي. (جارج واشنگٽن)
12. ماءُ انسان کي سڀ کان وڌيڪ پيار ڪرڻ واري هستي آهي. (افلاطون)
13. ماءُ دنيا جي عظيم ترين هستي آهي. (ظهير الدين بابر)
14. ماءُ جي بغير ڪائنات نامڪمل آهي. (برناڊشا)
15. ماءُ کان وڌ ڪو وڏو استاد ناهي. (افلاطون)
16. ماءُ جي دعا منهنجي ڪاميابي جو راز آهي. (هٽلر)
17. ماءُ هڪ اهڙي هستي آهي، هڪ اهڙو رشتو آهي جنهنجو ڪو به نعم البدل ناهي (مجاهد علي)