تنهنجي مرڪ جي لاٽ بنا (شبنم ًگل)

عرس پريو

سينيئر رڪن
جيڪو هوندو اک جو تارو
ماڻهو هوندو سو تو پارو

تنهنجي مرڪ جي لاٽ بنا
اونداهو آهي جڳ سارو

توکي ڌاريو چوڻو پيم
ڪونه هيو ٻيو ڪوئي چارو

پڪي گهر ۾ سڪ نه ڪائي
جيڪو ڪچي گهر جو گارو

ڪنهن سان پنهنجو سور سليان
شهر ۾ هرڪو هو ويچارو

جنهن جو تن هو اڇو اجرو
ڪيڏو هو سو من جو ڪارو
(شبنم گل)
346xmjm.jpg
[/center][/img]
 
Back
Top