اي پي سي کانپوءِ ڇا؟؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عمران درويش سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏9 آڪٽوبر 2011۔

  1. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    اي پي سي کانپوءِ ڇا؟؟
    ۽ خير سان اي پي سي به گذري ويئي!! تمام پارٽيون گڏ ٿي ويٺيون، ڀلي اختلاف ڪيترائي هجن پر ڪانفرنس ۾ آيل سياسي اڳوڻ هڪ ٻئي سان ٻک ڏئي مليا. پر هن ڪانفرنس جا فائده ڪهڙا آهن اهو سمجهڻ بلڪل آسان آهي هن ڪانفرنس مان هڪ فائدو ٿيو. جيڪو شايد ئي ”عملي“ ثابت ٿئي پر هن وقت اهو فقط (Perception) تاثر جي صورت ۾ آهي. اهڙو تاثر جنهن کي آسان لفظن ۾ پيغام به چئي سگهون ٿا جيڪو امريڪا جي عسڪري ۽ سياسي قيادت کي موڪليو ويو. ته پاڪستان جي اندروني طاقتون اهي سياسي هجن يا عسڪري اهي ڀلي اندروني طور پاڻ ۾ وڙهي مرنديون هجن پر جڏهن ملڪ جي ڳالهه ايندي آهي ته سڀ هڪ هنڌ گڏ ٿي پونديون آهن ۽ هر غلط عمل جو در عمل ايندو رهندو. مطلب ته هن اي پي سي جا ملڪي سطح تي ڀلي هزارين فائده هجن پر عالمي سطح تي ان جي اهميت هڪ تاثر يا پيغام کان وڌيڪ نه هئي ۽ هاڻي بال امريڪا جي ڪورٽ ۾ آهي ته امريڪا ان ”تاثر“ کي اهميت ڏئي يا نه!! سڀ کان پهريان اي پي سي جي قرارداد ڏانهن هلجي جنهن ۾ ڪجهه اهم ڳالهيون اٿاريون ويون آهن جنهن ۾ امريڪا پاران حقاني نيٽ ورڪ جي آئي ايس آئي سان لاڳاپن جي امريڪي الزامن کي مڪمل طور تي رد ڪيو ويو آهي، ٻيو ملڪ جي سالميت تي سمجهوتو نه ڪيو ويندو ۽ ٽئين جيڪا هڪ بهتر ڳالهه آهي ته اسان کي ايڊ نه پر ٽريڊ کپي مطلب امداد نه پر ڪاروبار کپي . جيڪڏهن عالمي طور تي هن قرارداد کي سنجيدگيءَ سان ورتو ويو ته پاڪستان ۽ امريڪا جي وچ ۾ لاڳاپن ۾ بهتريءَ جي اميد رکي سگهجي ٿي. ۽ امريڪا جي لاءِ به هي سوچڻ جو وقت آهي . ڇوته امريڪا لاءِ پاڪستان جي عوام جي حمايت تمام ضرورت آهي. پاڪستان ۾ جيڪو (Anti Americanism) يعني امريڪا مخالف سوچ جو اڪثريتي وجود آهي ان کي ختم ڪرڻ امريڪا جي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ عمل آهي. پر هلندڙ ڪجهه عرصي دوران پاڪستان جي عوام ۾ امريڪا مخالف جذبات ۾ اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي جيڪو امريڪا جي لاءِ شايد ڳڻتيءَ جوڳو عمل آهي. اي پي سي ۾ اٿاريل اهم مسئلو يعني حقاني گروپ جي باري ۾ امريڪا جي الزامن جي ترديد هئي. عسڪري اختيارين پاران اها تريد اڳ ۾ به سامهون اچي چڪي آهي تنهن ڪري هي بحث گهڻي دير هلڻو نه هيو پر ان موضوع ۾ گرمي تڏهن آئي جڏهن نواز ليگ سربراه نواز شريف هڪ ٻه سٽو پر معني رکندڙ جملو چيو ته ”سڄي دنيا شور ڪري رهي آهي، دال ۾ ڪجهه ته ڪارو آهي“ نواز شريف جا اهي لفظ ان ڳالهه جي عڪاسي ڪري رهيا آهن ته سندس فوج ۽ ادارن مخالف سوچ اڃا برقرار آهي. نواز شريف جي لفظن ۾ لڪيل سوچ کي شايد آرمي چيف سڃاڻي ورتو ۽ اڳڀرو ٿي هي جملا وراڻيا ته توهان جا خدشا آئون ختم ڪريان ٿو. ته مٿان وري جماعت اسلامي جي منور حسين آرمي چيف جو ٻانهن ٻيلي ٿيندي وراڻيو ته حالات جي صورتحال جي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريو ميان صاحب. پر نواز شريف جو لهجو نه بدليو ۽ جواب ۾ هن ڊرون حملن ۽ ايبٽ آباد آپريشن کي پاڪستان جي سالميت تي ڌاڙو قرار ڏينهن چيو ته پاڪستان دنيا ۾ اڪيلو ٿي ويو آهي ۽ اسان الزامن جي ڪٽهڙي ۾ بيٺل آهيون. نواز شريف جي لاءِ اهو سوچڻ ضروري آهي ته سندس فوج ۽ ادارن مخالف سوچ سندس سياسي مستقبل تي ڪهڙا اثر وجهندي. اي پي سي جي ٽئين اهم ڳالهه جنهن ۾ اهو بحث ڪيو ويو ته پاڪستان کي امداد نه پر ٽريڊ گهرجي. ان مسئلي جي ماضي جي پسمنظر کي اٿارڻ جي ضرورت آهي ڇو ته وڪي ليڪس جي مطابق اين ڊبليو پيٽرسن جي هڪ مراسلي ۾ اهو ڄاڻايو ويو آهي ته امريڪي سينٽر جان ڪيري جي صدر آصف زرداري سان ملاقات ٿي جنهن ۾ صدر جان ڪيري سان هر هر ان ڳالهه جو اسرار ڪيو ته اسان کي امداد نه پر ڪاروبار کپي، پاڪستان امريڪا سان فري ٽريڊ ايگريمينٽس چاهي ٿو. شايد ميڊيا کي اها ڳالهه نظر نه آئي آهي يا ميڊيا کي صرف حڪومت مخالف خبرن جي ڳولا هوندي آهي. ٽريڊ نو ايڊ جي پاليسيءَ کي جيڪڏهن هٿي ڏني وڃي ها ته ملڪي معيشت اڄ هن صورتحال ۾ نه هجي ها. پر اسان جي ملڪ جا سياستدان سندن سياسي انا کي برقرار رکڻ جي لاءِ اختلافن جي انتهائي حد تائين پهچي وڃن ٿا جنهن سان عوامي جذبات ۾ هڪ وڏي تبديلي اچي ٿي پر وقت ڪجهه گذرڻ کانپوءِ ساڳيا ئي ليڊر ڀاڪر پائي ويهن ٿا جنهن جي ڪري عوام جي جذبات جي توحين ٿئي ٿي. اهڙڻ سياسي جهيڙن ۾ سرمائيداري کي وڏي پئماني تي هاڃو رسي ٿو. مارڪيٽن ۾ ٻاڙائيءَ سبب معيشت کي پڻ خساري کي منهن ڏيڻو پوي ٿو جنهن جي نتيجي ۾ مهانگائي ۾ به اضافو ٿئي ٿو ۽ خساري جي پورت جي لاءِ امريڪي امداد لازمي بڻجي پوي ٿي. هڪ ڳالهه واضع ٿي ته ڪنهن ڪنهن طرح سان ملڪ کي امداد جي بيساکيءَ تي آڻڻ جون ذميوار ملڪ جو تمام پارٽيون آهن ڇوته سياسي جهيڙن جي وجهه سان سرمائيدار انويسٽمينٽ ڪرڻ کان ڪيٻائين ٿا جنهن سبب معيشت کي هاڃو رسي ٿو. جنهن جو وڏو وزن مهانگائيءَ جي صورت ۾ عوام جي مٿان اچي ٿو. اي پي سي تي ميڊيا ۾ اڃا بحث جاري ئي آهي ته امريڪي وزير خارجا هيلري ڪلنٽن جو اهو بيان سامهون آيو آهي ته پاڪستان سان مضبوط ۽ ڊگهي عرصي وارا لاڳاپا چاهيون ٿا. پر پاڪستان کي دهشتگردن جا محفوظ ٺڪاڻا ختم ڪرڻا پوندا. هيلريءَ جو هي بيان مطلب هن طرح سان وٺي سگهجي ٿو ته امريڪا پاڪستان جي ترديد کي اهميت نه ڏني آهي ۽ هو سندن موقف تي مضبوط آهن. حيرت جي ڳالهه آهي ته ان اي پي سي ۾ ڊرون حملن جي حوالي سان ڪا ڳالهه ٿي آهي يا نه؟ ان ڳالهه جو تبصرو نه ڪي ميڊيا ۾ ۽ نه ئي ٻئي ڪنهن سياسي اڳواڻ پاران ڪيو ويو. اها ڳالهه قابل غور آهي پاڪستان هڪ طرف سندس سالميت جا نعرا هڻندو رهندو ۽ ٻئي طرف امريڪا ڊرون حملن ۾ اضافو ڪري اي پي سي جو جواب ڏيندو. ان سان گڏ ڪجهه خدشاتي سوال اڃان به اٿن ٿا ته ڇا امريڪا حقاني نيٽ ورڪ کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏئي پاڪستان ۾ اڪيلي سر آپريشن جو رستون هموار ڪندو؟؟؟ پاڪستان جي هڪڙي اداري جي ڀيٽ ۾ امريڪا جا مک ادارا پينٽاگون، سي آئي اي، ڪانگريس، نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل ۽ وائيٽ هائوس سندن بيانن تان پوئتي هٽندا؟ جيڪڏهن هٽي به ويا ته سندن شرطون ڇا هونديون؟؟؟ پر ٻئي پاسي اهڙن خدشن جي بلڪل ابتڙ هڪ مثبت منظر نامو به آهي ته جيسيتائين امريڪا افغانستان ۾ موجود آهي ان وقت تائين پاڪستان سندس اهم ضرورت آهي ان لاءِ هو پاڪستان جي خلاف ايڪشن نه پر مضبوط لاڳاپا چاهيندو. ٻيو پاڪستان ، امريڪا وچ جي تازي ڇڪتاڻ سبب پيدا ٿيل امريڪا مخالف ماحول کي تبديل ڪرڻ جي لاءِ سي آئي اي پاڪستاني ادراي آئي ايس آئي سان گڏجي ڪو جوائنٽ آپريشن ڪرن ۽ ٻئي ڌريون اهو ظاهر ڪرن ته اسان جي نيت صاف آهي جنهن سان سندن اعتماد بحال ٿي سگهي ٿو. هاڻي امريڪا جي سامهون اهي ٻئي رستا آهن. هڪ طرف ڇڪتاڻ ۾ اضافو ته ٻئي طرف لاڳاپن جو نئون سلسلو..!! پاڪستان اي پي سي ذريعي ڏنل موقف کان پوءِ امريڪا جي فيصلي جو انتظار ڪري رهيو آهي. ۽ لاڳاپن جو مسقتبل امريڪا جي هٿ ۾ آهي.
    عمران درويش سومرو

    [​IMG]
     
  2. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: اي پي سي کانپوءِ ڇا؟؟

    ادا عمران تمام بهترين ڪالم لکي اسان جي معلومات ۾ اضافو ڪيو آهي ليڪن اگر حڪومت مخلص آهي ته ان جو پنهنجو موقف ميڊيا تي واضح هئڻ گهرجي مثلا ايم ڪيو ايم تي مرزا صاحب هيترا الزام هنيا جنهن ۾ ملڪ ٽوڙڻ جو به بليم شامل ان متعلق حڪومت ڪهڙي حڪمت عملي جوڙي شايد ان متعلق ڪا مخفي حڪمت عملي آهي جنهن جو اظهار عوام سامهون ضروري نه آهي يا ڊرون حملن متعلق به حڪومت جو رد عمل واضح نه ٿو اچي حڪومت جي خاموشي ڪهڙي معني رکي ٿي اگر ان متعلق ڪا معلومات هجي ته واضح ڪندا۔
     
  3. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: اي پي سي کانپوءِ ڇا؟؟

    ادا رحيم بخش جيسيتائين ڳالهه آهي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي بيانن جي جن کي الزام چيو وڃي ٿو۔ اهي پنهنجي جا تي 110 سيڪڙو ٺيڪ آهي ۽ صدر به ان سان متفق آهي۔ پر صدر جي اها پاليسي هئي ته مارچ 2012 تائين ان بَمَ کي بچائي رکجي ۽ سينيٽ اليڪشن کانپو اهو بم ڦاڙجي ۽ ان سان گڏ وگڏ ڪراچي واري پارٽي جي خلاف ڪائي ڪاروائي به ڪئي وڃي۔ ڀلي ان ۾ پ پ حڪومت نه رهي ها پر سندن اهو ڪارنامو پ پ جي لا عوام حمايت جو سبب بڻجي ها۔ اها پاليسي مرزا صاحب اڳيان به آندي ويئي هئي ان لا هو خاموش هيو۔ پر جڏهن ڪراچي جي ديوارن تي (مهاجر صوبي) جا نعرا لکجڻ لڳا ته پو مرزا تمام گهڻو جذباتي ٿيو۔ پر کيس وڏي منٿ ميڙ سان ٿڌو ڪيو ويو۔ ڳالهه تڏهن بگڙي جڏهن لياري ۾ رينجرز ڪنهن سياسي پارٽي جي ڪارڪنن سان گڏ اچي انهن جي نشاندهي تي آپريشن ڪيو فقط اهو ئي نه پر رينجرز لياري جي ٽن 3 عورت جي ڄنگهن ۾ گوليون هيون۔ پو مرزا جي لا پاڻي مٿي کان گذري چڪو هيو ۽ کيس ڪجهه ڪرڻو هيو ۽ هنن خودڪش حملو ڪيو۔۔ جنهن سبب صدر صاحب کي پريشانين کي منهن ڏيڻو پيو ۽ سندس منصوبه بندي تباهه ٿي ويئي۔۔ هاڻي سينيٽ جي اليڪشن تائين هلڻ هن حڪومت جي پهرين ترجيح ۽ هڪ وڏو چئلينج آهي۔ ڇو ته ان ڳالهه جا 100 منهنجا 99 سيڪڙو چانس آهن ته ن ليگ سينيٽ اليڪشن کان پهريان پنجاب ۾ سندن حڪومت ختم ڪري اسيمبلي جي سيٽن سان استعفي ڏين ۽ نواز ليگ جي جاگير يعني لاهور هائي ڪورٽ ۾ پٽيشن آڻي سينيٽ اليڪشن ملتوي ڪرائي سگهن ٿا۔۔۔ صدر زرداري وٽ مرزا جو بم هڪ اهم مهرو هيو جنهن سان ميڊيا جو ۽ عوام جو ڌيان نواز ليگ کان هٽائي سگهي ها۔ پر اهو مهرو به اڳ ۾ ئي پاڻ کي کيڏي چڪو هيو۔۔ هاڻي صدر ڪهڙي طرح سان سينيٽ جي اليڪشن تائين پهچي اهو سندس سياسي پاليسين ۽ منصوبه بندين تي ڊپينڊ ڪري ٿو۔۔۔
    ۔۔۔۔۔
    ٻئي ڳالهه اوهان ڊرون حملن تي پاليسي واضع ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي اها هن سول حڪومت جي اختيار ۾ نه آهي۔ پاڪستان جي خارجه پاليسي ايوانن ۾ نه پر ڪنهن ٻئي جا تي ٺهندي آهي ۽ اهو نظام گهڻي وقت کان هلي رهيو آهي۔ اسان جي دفاعي ادارن جون ڳالهيون ميڊيا ۾ ڪجه ٻيون ته اندر ڪجهه ٻيون هونديون آهي۔۔۔

    مهرباني۔۔۔


    دعا ۾ ياد۔
     
  4. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: اي پي سي کانپوءِ ڇا؟؟

    ادا عمران بهترين ڪالم لکيو اٿو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پر ڀلي اهڙيون 10 اي پي سي گزي وڃن ٿيندو ڪجهه به ڪون هي سڀ سياستدان مڙئي عوام کي پيا بيوقوف ٻڻائن باقي پاڻ ۾ سڀ هڪ آهن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سورن ۾ ويچارو عوام۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو