اسان جي ڪجھ دوستن ڪوشش ڪري هڪ ٽوئيٽر جي ذريعي هڪ موبائيل نيوز نيٽورڪ جوڙيو آھي، جنهن ۾ اسان کي ٿورڙي عرصي ۾ تمام گھڻي موٽ ملي آھي، پنهنجي موبائيل جي ورائيٽ ميسيج ۾ وڃي Follow SindhJoAwaz لکي 40404 تي سينڊ ڪيو، دوستو هن جي ذريعي توهان دنيا جي ڪھڙي به ڪنڊ ۾ ھجو فري خبرون حاصل ڪري سگهو ٿا ۽ الرٽ رهي سگهو ٿا، اميد ته اوهان کي اسان جي ڪاوش پسند ضرور ايندي مهربانيون
جواب: ھاڻي رهو هر خبر کان با خبر۔۔۔۔!!! تمام سٺي ڪاوش ۔۔۔ اوهان دوستن جي محنت کي سلام ۔۔۔۔اميد ته اوهان ان ڪم کي بهتر نموني هلائيندا ۔
جواب: ھاڻي رهو هر خبر کان با خبر۔۔۔۔!!! بس ادا سليمان توهان مٺڙن ڀائرن جو ساٿ سدائين رهيو ته اسان به آھيوم، نه ته قبله اسان جي ڪا حيثيت ئي ڪونهي
جواب: ھاڻي رهو هر خبر کان با خبر۔۔۔۔!!! ســـنگت قــــرب۔۔۔ بـــلڪل فــــري (مــفت) ســروس آھـــي پــوء ھـاڻي ئـــي فـائـدو وٺــــــو۔۔۔۔۔!!!
جواب: ھاڻي رهو هر خبر کان با خبر۔۔۔۔!!! ٽوٽر جو اهڙي سروس ڏيڻ کان پوءِ ڪافي سائيٽس نوٽيفڪيشن طور پنهنجا فيڊس پڻ دوستن جي موبائيلز تائين موڪلي رهيون آهن۔۔ ڪافي وقت اڳ سنڌ سلامت طرفان پڻ ٽوٽر تي کاتو بڻايو ويو هو۔۔ جنهن ۾ هاڻي سنڌ سلامت جا آر ايس ايس فيڊ پڻ شامل ڪيا ويا آهن۔۔۔ اهڙي طرح جيئن توهان سمورن سنڌين تائين خبرن کي پهچائڻ جو ٽوٽر ذريعي بهترين بندو بست ڪيو آهي ۔۔۔ سنڌ سلامت کي فالو ڪرڻ سان انهن جي موبائيل تي سنڌ سلامت طرفان ايندڙ سمورا نوان موضوع نوٽيفڪيشن طور ايندا۔۔۔ سنڌ سلامت جي نواڻ کي هڪ ٻئي طريقي ڪار ذريعي پڻ موبائيل تائين پهچائڻ جي ڪوشش جاري آهي ۔۔ جنهن کي فعال ڪرڻ کان پوءِ آگاهي ڏني ويندي۔۔۔ جديد سروس کي درست طريقي سان استعمال ڪرڻ وارو توهان جو ڪردار انتهائي ساراهه جوڳو آهي۔۔۔
جواب: ھاڻي رهو هر خبر کان با خبر۔۔۔۔!!! ادا۔۔۔ رشيد مڙئي سنڌي ماڻهن کي باخبر پيا رکون باقي ڪو اسان کي اچي ڪير پئسا ته ڪونه ڏئي ويندو آھي، نه ئي هي سروس ڪنهن نيوز جي طرفان هلائي پئي وڃي، مڙئي ڪٍ دوستن جي مهرباني آھي جو هن ننڍڙي ڪوشش کي جاري رکيو پيا اچن۔۔۔۔ قرب قبله
جواب: ھاڻي رهو هر خبر کان با خبر۔۔۔۔!!! ادا عرفان تمام بهترين سروس آهي تمام سٺي ڪاوش آهي جاري رکجو سدائين گڏ
تمام بھترين ادا ،دوستن کي عرض ت ڪو اھڙو ٽوئٽر تي نيٽ ورڪ يا موبائيل نيٽ ورڪ جيڪو خاص ڪري تعليمي حوالي سان خبرون موڪلي ،انھي جي باري ۾ ڄاڻ ڏيندا ت ڪروڙين قرب
اصل ۾ ادي عاشق سولنگي جي ڳاله بلڪل درست آهي مون به هڪ اهڙي ئي سروس کي جوائن ڪيو هو پو ته اصل ان باڪس فاٽي پيو جيسيتائين آئون ان سروس کي ختم نه ڪيو۔۔ پر ها ان سان گڏوگڏ اها سروس تمام گهڻي ڪارآمد پڻ آهي۔