پنهنجا رستا پاڻ ٺاهيو دوستو! قافلي کي تيز ڪاهيو دوستو! ڄاڻ پهتو دُور ناهيو دوستو دل نه لاهيو، دل نه لاهيو دوستو ***** وطن جا ولولا، ڪن ۾ لڪائين ٿو صدين جا قافلا جهٽ ۾ رلائين ٿو ڏنو مختيار نالو ڪنهن لکي توکي اسان جو آئيندو اڄ ئي کپائين ٿو ***** مڃان ٿو سنڌ، سينڌ تنهنجي کي رت جي ضرورت آ مگر رت کي وري ڀاڄي، ڳڀي، ڀت جي ضرورت آ پڇن ٿا سنڌ ۽ سنڌين جي ڇو تسبيح پيو سورين چيم هاڻي پڇاڙي آ، عبادت جي ضرورت آ ***** نه مان جابر نه جادوگر زمانا نه مان پرور نه پيغمبر زمانا مان آهيان ٻڙڪندڙ ڌرتي جو شاعر برابر باهه جو ساگر زمانا ***** ڪهرام ۾ اچي ڪيئن استاد آهين ڦاٿو ماتم ڪندو پٽيندو پنهنجي خوشي ٿو ڳوليان مقتل کان ٿورو اڳتي محفل جو ڏس مليو آ مان موت کي لتاڙيندو، زندگي ٿو ڳوليان ***** چوٽ تي چوٽ زماني جي پراڻي عادت عزم اڻموٽ، آ منهنجي اباڻي فطرت سمنڊ سنسار ۽ سنسار جي پنهنجي هستي آءٌ طوفان ۽ طوفان جي پنهنجي طاقت ***** اچبو ته جگر شير جو ڌاري اچبو، هر ديو ۽ راڪاس کي ماري اچبو. او منزلِ مقصود، هي واعدو آهي هر حال ۾ انجام کي پاري اچبو. ***** جو ظلم ڪندڙ آهه، اهو آ اشيطان، جو ظلم سهي، ڪين ڪُڇي سو حيوان. جو امن ڏئي، امن گهري، امن وٺي هن دور جو انسان اُهو آ انسان. ***** سون بازر مان ڳِني وٺبو آ، فيض رهبر کان پِني وٺبو آ. جو به سمجهو ته اوهان جو حق آ، حق مڙسي سان ڇِني وٺبو آ. ***** دوست ٿيو درهم پوي، ڀاءُ ٿيو برهم پوي. هرڪو مُنهن موڙيو ڇڏي، شل نه ڪنهن ۾ ڪم پوي! ***** متان مايوس ٿيو آهين، متان مسڪين دل لاهين! ڳهيلا ڳاهه ڳڻتين جا ٻَڌي ٿو جند کي ڳاهين. عقيدت جي اذيت جا، غريبت جي مصيبت جا، تون پنهنجا ڄار پنهنجي لاءِ ويٺو پاڻ پيو ٺاهين. ***** اسان به عشق ڪيو هو، اُهو نه ٿو وسري، مچن ۾ شوق نچيو هو، اهو نه ٿو وسري. بَلا تي پير نه پيو هو جو ڇال ڏئي بچجي، کِنوڻ کي ٻانهن ٻکيو هو، اهو نه ٿو وسري. ***** تنهنجي هٿ ۾ قهري ڦٽڪا، مون وٽ سُنهرا ڪِرڻا آهن. تون جت ڪڙڪين ريهون، سُڏڪا، مان جت گونجان، جهِرڻا آهن. ***** نانءُ تنهنجو وٺي شاعري ٿو ڪريان، نانءُ تنهنجو اکر آخري ٿو ڪريان. جيترو وڌ ۾ وڌ ڪير سوچي سگهي، آءٌ تنهنجي ثنا ايتري ٿو ڪريان. ***** جو قوم جياري اهو جيئندو رهندو جو عام اجاري، اهو جيئندو رهندو مون کي تاريخ ۽ تقدير ڏني پڪ آهي جو سنڌ سنواري اهو جيئندو رهندو.