[JUSTIFY]دادو ضلعي جي مردن خيز مٽيءَ ڪيئي امر انسان پيدا ڪيا آهن، جن پنهنجي محنت ۽ صلاحيتن بدولت پنهنجي ۽ پنهنجي ديس جو نالو جڳ ۾ مشهور ڪيو آهي. انهن عظيم انسانن ۾ هڪ نالو ”استاد بخاري“ جو به فخر سان وٺي سگھجي ٿو. استاد بخاري (احمد شاهه بخاري) سنڌو درياءَ جي ساڄي ڪپ تي درياءَ واري بچاءَ بنـد ۽ دادو ڪئنال جـي وچ ۾ واقع ڳوٺ غـلام چـانـڊيـو ۾ هڪ سيد گھراڻي ۾، سيد حاجن شاهه جي حويليءَ ۾ 16 جنوري 1930ع تي جنم ورتو. هن پنهنجي پرائمري تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ غلام چـانڊيـو مان حاصل ڪئي. استاد 16 ورهين جي ڄمار ۾ شاعريءَ جي شروعات ڪئي، پاڻ 1944ع ۾ سنڌي فائنل جو امتحان ڦلجي اسٽيشن جي اسڪول مان پاس ڪيائون ۽ 1947ع ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو، تڏهن کان ئي استاد سڏجڻ لڳو. شـروع ۾ ته اهو نالو کيس پيشي جـي حوالي سان مليو، پر پـوءِ اهو تخلص بڻجي ويو. ان کان اڳ استاد شعر ۾ پنهنجو نالو احمد شاهه تخلص طور ڪم آڻيندو هو. جڏهن استاد بخاري سڏجڻ لڳو تڏهن به ڪٿي ڪٿي احمد شاهه لکندو هو. جيئن استاد پنهنجي هڪ شعر ۾ لکي ٿو ته: منهنجو نالو احمد شاهه آهي استاد بخاري سڏجان پيو، تولاءِ رُلان پيو راهن ۾ مونکي رلڻو رلڻو ڪوٺ مٺا استاد بخاري پرائمري کان پوءِ سيڪنڊري استاد ٿيو. 1965ع ۾ هن ايم اي (سـنـڌي) پاس ڪئي ۽ 1966ع ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. استاد پهرين گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو، نوابشاهه، سانگھڙ ۽ آخر ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج دادوءَ ۾ مقرر ٿيو ۽ 1990ع ۾ اتان ئي اسسٽنٽ پروفيسر جي عهدي تان رٽائر ٿيو. استاد بخاري تمام گـھڻو وقت ڊگري ڪاليج دادو ۾ خـدمتون سر انجام ڏنيون، ان ڪري ڪاليج کي ”استاد بخاري ڊگري ڪاليج“ جو نالو ڏنو ويو. استاد بخاري پنهنجي سڄي جواني پنهنجي اباڻي ڳوٺ غلام چانڊيو ۾ گذاري، ان ڪري شاعريءَ ۾ به ڳوٺاڻي ٻولي، چوڻيون ۽ تشبيهون سـڀ ٺيٺ سنڌي لهجي ۾ آهن. استاد بخاري پنهنجي شاعريءَ ۾ عشق، آزادي، وفا ۽ جفا، پنهنجي ڳوٺ، پنهنجي شهر دادو ۽ سنڌ ڌرتيءَ کي تمام سادن ۽ آسان لفظن ۾ لکيو آهي. تون تاريخ ۾ ڳوليندين، ته آئون ڪتاب ٿي ملندس جي خيالن ۾ ڳوليندين، ته آئون خواب ٿي ملندس اي استاد! آئون حـسن جـو ڪو شهـزادو ته نه آهيان پر تون گلن ۾ ڳوليندين، ته آئون گلاب ٿي ملندس استاد بخاري سنڌي ٻوليءَ کان علاوه سرائيڪي شاعري به ڪندو هو. استاد بخاريءَ جا سنڌي ۽ سرائيڪي ٻوليءَ ۾ هيل تائين 24 ڪتاب ڇپجي چڪا آهن ۽ اهڙيءَ طرح ڇپجڻ جـو سلسلو اڃا به جاري آهي. استاد بخاريءَ جـي وڏي ۾ وڏي خوبي اها به هوندي هئي جو استاد شاعريءَ سان گڏوگڏ هڪ سٺو موسيقار پڻ هو، جيڪو پنهنجا گيت پاڻ ڪمپوز ڪري هن ئي شهر جي نامور راڳي منظور سخيراڻي کي ڏيندو هو ۽ اڄ به منظور سخيراڻي جـي سريلي آواز ۾ آڊيو ڪئسٽن ۾ موجود آهن. استاد بخاري مشاعري جي محفلن جو نه رڳو مور هو، بلڪه ڪچهري جو به مور هوندو هو. استاد جـي آواز ۾ ايتري ته مٺاس هوندي هئي جو هر ڪنهن جي دل چونـدي هئي ته سڄي رات ويهي استاد جو آواز ٻڌجي ۽ ان مهل ڪنهن جي به دل نه چوندي هئي ته ان محفل مان اٿي وڃجي. استاد وٽ شعر پڙهڻ جو اهو نه صرف انـداز هو، پر اهو اثر به جنهن ۾ درد، تخليقي ڪمال ۽ بخاريءَ جي جذبن جو جولان به شامل هوندو هو. تمنا ۾ تحريڪ موجود آ ترقي ۾ تاريخ موجود آ جتي آرزو آ، اتي جستجو آ زماني جي تصديق موجود آ استاد بخاري زندگيءَ جـي آخري وقت تائين ماحول ۽ حالات سان حـق ۽ سچ، سونهن ۽ صداقت، حوصلي ۽ همت جي جنگ وڙهندو رهيو، اهوئي سـبب آهي جو سندس شاعري ٻڌڻ کانپوءِ سست ماڻهن ۾ سجاڳي، سجاڳ ماڻهن ۾ حوصلو ۽ حوصلي وارن ۾ همت، محنت ۽ محبت جو شعور اچي وڃي ٿو.[/JUSTIFY] روزانه ڪاوش