دوستو اڄ نيٽ گردي دوران هڪ تصوير تي نظر پئي ۔۔۔ توهان به ڏسو۔۔۔ هي جاپان جو هڪ وڏو حال آهي جتي ننڍا ننڍا ڪيبن ٺاهي ڪلاس روم بڻايا ويا آهن ۽ اتي سونامي ۽ زلزلي جي دوران نه صرف رهائيش جو انتظام پر تعليم کي جاري رکڻ جو پڻ انتظام ڪيو ويو آهي۔۔۔۔
ياد رهي ته مارچ ۾ ايندڙ ان طوفان سموري جاپان کي تباهه ڪري ڇڏيو هو۔۔۔ ٻين تباهين سان گڏ 7000 تعليمي اسڪول پڻ لڙهي ويا يا وري ڊهي ويا پر هن ملڪ پنهنجي ٻارن جي تعليم کي جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ۽ عمل ڪري ڏيکاريو۔۔۔ ياد رهي ته جاپان ۾ تعليم جي شرح 99 سيڪڙو آهي ۽ سونامي جي تباهين کان پوءِ به اها شرح گهٽي نه آهي۔۔۔
دوستو تعليم جي اهميت جو مثال رڳو جاپان ۾ نه آهي پر هڪ مشهور واقعو جيڪو پرويز مشرف جي دور ۾ اخبارن ۾ پڻ آيو هو ته 3 نومبر 2003 ۾ اسان جو صدر چين جي دوري تي هيو جتان هن کي ڏکڻ ڪوريا وڃڻو هو۔۔۔ جهاز بس ٽيڪ آف ڪرڻ وارو هيو ته جهاز کي روڪيو ويو۔۔۔ جڏهن ڏيڍ ڪلاڪ گذري ويو ۽ جهاز روانو نه ٿيو ته صدارتي عملي سميت صدر سبب جي پڇا ڪئي۔۔۔ ته بيجنگ انتظاميا ٻڌايو ته ڏکڻ ڪوريا جي شهر سيول ۾ پرائمري اسڪولن جا امتحال هلي رهيا آهن ۔۔ ۽ امتحانن دوران جڏهن جهاز اسڪول مٿان گذرندا آهن ته جهاز جي شورزده آواز ڪري ٻار پيپر جي دوران ڊسٽرب ٿيندا آهن ان ڪري اتان جي حڪومت امتحاني پيپرن دوران جهازن جي اڏام تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي۔۔۔ ۽ جيسيتائين پرائمري جا اهي پيپر ختم نه ٿيندا سيول جي فضائن ۾ جهاز نه ٿو اڏاري سگهجي چاهي اهو جهاز دوست ملڪ جي مهمان صدر جو ئي ڇو نه هجي۔۔۔
دوستو هاڻي توهان انهن ٻنهي مثالن کي نظر ۾ رکي پاڪستان جي تعليمي ادارن جو حال ڏسو ته اسان جو ڳاٽو شرم کان جهڪي ويندو۔۔۔ رڳو هن سال بجٽ تي نظر گهمايون ته تعليمي بجٽ ۾ صرف 50 لک جو اضافو ڪيو ويو جڏهن ته رڳو صدر ۽ وزير اعظم جي غير ملڪي دورن لاءِ 22 ڪروڙ رقم وڌائي وئي۔۔۔
ڀلا ڇڏيو ان مثال کي رڳو سنڌ کي ڏسو ته گذريل ٻن مهينن کان وٺي برساتن جي ڪري لڳ ڀڳ 55 لک ماڻهون بي گهر ٿي ويا آهن ۽ حڪومت اسڪولي عمارتن کي ڪيمپون بڻائي ماڻهن کي اتي رهايو آهي۔۔۔
ٻين ملڪن ۾ تعليم جي لاءِ ڪيمپ لڳائي ويندي آهي ۽ اسان وٽ اسڪولن کي ڪيمپ بڻايو ويندو آهي۔۔۔ اسان وٽ تيز بارشن ڪري تعليمي ادارن کي ٻه ٻه ڏينهن موڪل ڏني ويندي آهي۔۔ پنجاب ڊينگي مڇر جي ڪري 10 ڏينهن موڪل ڪئي ويندي آهي۔۔
اهو مڃجي ٿو ته قدرتي آفتن جي ڪري ٻارن کي محفوظ ته رکيو وڃي پر متبادل حل به ته حڪومت ڪري سگهي ٿي۔۔۔ ٻه ڏينهن اڳ جڏهن منهنجي سنڌ سلامت جي ايڊيٽر ۽ هاءِ اسڪول ٽيچر محترم رحيم بخش جن سان فون تي گفتگو ٿي ته انهن ٻڌايو ته سندن اسڪول ته اڃان تائين ڪيمپ لڳو پيو آهي ۽ وڌيڪ مهيني تائين کُلڻ جو امڪان ئي ناهي۔۔۔
ٿورو سوچيو ته جتي مارچ ۾ سالانه امتحان ٿيندا هجن ۽ اسڪول نومبر تائين کليل ئي نه هجن اتي ڪهڙي تعليم ٿيندي۔۔۔
جيڪڏهن جاپان تعليم خاطر ايترو ڪجهه ڪري سگهي ٿو ڇا اسان جي حڪومت اهڙو قانون ئي نه ٿي ٺاهي سگهي ته کڻي ڪيتريون به آفتون اچن تعليم جاري رهي۔۔ جي اسڪول ٻڏي يا ڊهي وڃن ته اسڪول عارضي طور مسجدن يا ڊي سي او آفيسز ۾ منتقل ڪري سگهجن۔۔ ؟