جهرڪي، شڪاري ۽ نصيحت

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏11 آڪٽوبر 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    [JUSTIFY]هڪ ماريءَ هڪ ڏينهن، پوک ۾ وڃي ڍٻي وڌي ۽ مٿان وري اَن ڇٽي ڇڏيائين. هڪ جهرڪي داڻو ڏسي وڃي اتي ڦاٿي، ماريءَ وٺي هن کي قابو ڪيو. جهرڪي ڏاڍي سياڻي هئي، خدا تعاليٰ هن جي آزاديءَ لاءِ سندس زبان ۾ ڳالهائڻ جي قوت وڌي، چوڻ لڳي ته

    اي ماري! تو وڏا وڏا جانور شڪار ڪيا ۽ کاڌا مگر انهن مان توکي ڍءُ ڪونه ٿيو، تڏهن ٻڌاءِ ته مون مان توکي ڪيئن قوت ٿيندو؟ جيڪڏهن تون مون کي آزاد ڪرين، ته مان توکي ٽي اهڙيون مفيد ڳالهيون ٻڌايان، جي توکي هر وقت ڪم اينديون. هڪ ڳالهه ته تنهنجي هٿ ۾ ئي توکي ٻڌائينديس، ٻي ڪم واري شيء توکي انهيءَ وقت ڏيکارينديس جڏهن مون کي ڇڏيندين ۽ ڀت تي وڃي ويهنديس. ٽيون گوهر تڏهن تنهنجي حوالي ڪنديس، جڏهن هن وڻ جي چوٽيءَ تي وڃي ويهنديس.

    ماريءَ دل ۾ پهه ڪيو ته جهرڪي چوي سچ ٿي هن جي کائڻ مان ڪهڙو ڀڀ ڀريندس، هائو هن جون ڳالهيون البت مفيد ثابت ٿي سگهن ٿيون. جهرڪيءَ کي چيائين ته هائو مان توکي آزاد ڪريان ٿو، مون کي تنهنجا ٽئي شرط منظور آهن.

    جهرڪي هن جي هٿ تي ٿي ويٺي ۽ چوڻ لڳي ته:

    1- جا ڳالهه اڻ ٿيڻي هجي، ان تي يقين ڪرڻ نه گهرجي… ايئن چئي جهرڪي ديوار تي وڃي ويٺي.

    2- گذري ويل ڳالهه جو ارمان ڪرڻ نه گهرجي. ڇاڪاڻ ته انهيءَ مان ڪو فائدو ڪونه ٿيندو، اٽلو پريشاني وڌندي.

    ايئن چئي، چوڻ لڳيس ته اي ماري! تون وڏو خوش نصيب هئين تون مون کي ڪُهي پيٽ چيرين ها، ته هڪ موتي پاءُ وزن جيترو پيٽ مان نڪري ها، جو ڏاڍو قيمتي هو، ان مان تون ۽ تنهنجو اولاد پوٽن تائين خوش رهي ها، مگر جا شي هٿن مان وڃي ان جو فڪر نه ڪجي.

    هيءَ ڳالهه ٻڌي ماري چوڻ لڳو، ته اي جهرڪي! تون ڏاڍي مڪار ۽ عيار آهين، تو مون کي دوکو ڏنو.

    جهرڪي مرڪي چوڻ لڳيس ته اي ماري! تون ڏاڍو بيوقوف آهين، ايتري ۾ منهنجون ڪيل ٻه نصيحتون وساري ويهي رهئين؟ خيال ته ڪر، ته منهنجو وزن ئي اڌ پاءُ مس ٿيندو، منهنجي پيٽ ۾ پاءُ وزن جو موتي ڪيئن هوندو… پر جي هجي به، ته به هٿان ويل چيز جو ارمان نه ڪجي…

    اها ڳالهه ٻڌي ماريءَ کي عجب لڳو ۽ چيائين ته اي جهرڪي تو سچ چيو آهي، پر هاڻي باقي رهيل ٽين ڳالهه به ٻڌاءِ، ته ٿئي دلجاءِ. جهرڪي اڏرندي چوندي وئي ته،

    جيڪو بيوقوف ڪنهن جي ٻن نصيحتن تي عمل نه ڪري تنهن کي ٽين ڪهڙي نصيحت ڪجي
    [/JUSTIFY]


    ------------------------------------------------
    حوالو: ڪتاب روميء جون رهاڻيون (سنڌي ادبي بورڊ جي ويب سائيٽ)
    سنڌيڪار : احمد خان آصف مصراڻي
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: جهرڪي، شڪاري ۽ نصيحت

    واه واه ۔۔۔ يار سليمان! ۔۔۔۔ هون به نصيحتون ياد ڪير ٿو ڪري؟ جهرڪي جي هن آکاڻي ۾ به اهو ئي سبق آهي ته جنهنکي نصيحتون ڪجن ۽ هون هڪ ڪن کان ٻڌي ٻي ڪن کان ڪڍي ڇڏي ته ان کي نصيحتون ڪرڻ رڍ آڏو رباب وڄائڻ آهي ۔۔۔ بيشڪ نصيحتون تمام ڀليون ۽ آکاڻي به نصيحت ڀريل آهي ۔۔۔ ٿورا ناهن ٿورا ۔۔۔
     
  3. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: جهرڪي، شڪاري ۽ نصيحت

    ڪهاڻي ته نصيحت ڀريل آهي پر ماريء سان به ڏاڍي ٿي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  4. Moazam Ali

    Moazam Ali
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2011
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    94
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ڌنڌو:
    Private Job
    ماڳ:
    Tando Soomro
    جواب: جهرڪي، شڪاري ۽ نصيحت

    اها سٺي نصيت آهي ڪنهن کي سبق سکڻو آهي اهو حوالو پڙهي جهرڪي ۽ شڪاري وارو زبردست آهي۔
     
  5. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: جهرڪي، شڪاري ۽ نصيحت

    بهترين سمجهاڻي آهي ، ليک لاٰ اوهان کيرون لهو
     
  6. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: جهرڪي، شڪاري ۽ نصيحت

    هههههههههههههههههههههههههههههههههه

    مري ويا سين ابا اڄ ڪهاڻيون پڙهي پڙهي


    بهترين شيئرنگ آهي

    جاري رکجو

    سدائين گڏ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو