جگجيت سنگهه: سرن ۽ ساهن جو سفر اعجاز منگي [JUSTIFY]جنهن آواز 1941ع جي اٺين فيبروريءَ تي پنهنجي زندگيءَ جي پهريون اظهار ڪيو سو ستر سالن کان پوءِ 2011ع جي يارهين آڪٽوبر تي هڪ ساڻي ساهه سميت هميشه لاءِ سانت ٿي ويو. ننڍڙي ٻار جي زندگيءَ جي پهرين ”اوئان“ کان وٺي هڪ پيرسن ڪلاڪار جي پوئين آلاپ تائين، هن جي زندگي سرن جو سفر بڻي رهي. اهو جگجيت سنگهه جنهن پنهنجي فن جي ابتدا ته ستر واري ڏهاڪي جي آخري سالن کان ڪئي هئي پر اسيءَ جي ابتدا هن جو آواز انهن باذوقن لاءِ چين جي مشهور لوڪ ڪٿا ”بانسريءَ وارو“ بڻجي رهيو، جيڪي يار جي جدائيءَ ۾ پنهنجي روئيندڙ دل کي هن جي آواز سان پرچائيندا هئا. هو ننڍي کنڊ جي فني آسمان تي ٽن ڏهاڪن تائين ڪنهن چنڊ وانگر چمڪندو رهيو. جڏهن پئسي جي پويان ست سمنڊ ٽپي ويندڙ ماڻهو لنڊن ۽ آمريڪا جي ڪنسرٽس ۾ هن جا اهي ٻول ٻڌندا هئا ته: ”هم تو هين پرديس مين ديس مين نڪلا هوگا چاند“ تڏهن انهن جون اکيون لڙڪن ۾ لڙهندڙ انهن منظرن سان ڀرجي وينديون هيون، جن ۾ پنهنجي تنها رات جي اڪيلي ڇت تي اداس چنڊ ڪجهه به نه پڇندو هو....ڪجهه به نه چوندو هو....پر پوءِ به هن جي دل ۾ درد جا داستان هوندا هئا. اهو چنڊ جيڪو ڪنهن اڱڻ ۾ بيٺل نم جي وڻ ۾ اٽڪي پوندو هو. اهو چنڊ جيڪو انتظار وارين اکين ۾ سون جو پگهريل قطرو ٿي ترندو رهندو هو. اهو چنڊ هاڻي جڏهن به اڀرندو تڏهن وطن جي مٽيءَ جي مهڪ کي ياد ڪندي اداس ٿيندڙ ماڻهن کي صرف ڳوٺ جون ڳليون ياد نه اينديون پر هنن کي اهو فنڪار به ياد ايندو، جيڪو انهن جي جذبن کي سُر ڏيندو هو ته هو سڏڪي پوندا هئا. اهو فنڪار جنهن اردو غزلن کي هڪ نئون انداز ڏنو. اهو فنڪار جنهن کي اٺ سال اڳ ۾ ڀارت جو سڀ کان وڏو سول ايوارڊ پدما ڀوشڻ عطا ڪيو ويو، تنهن جو جنم ان هندستان جي لاءِ ان ايوارڊ کان وڏو اعزاز هو، جنهن هندستان وٽ ورهاڱي پوءِ غزل گائڪ نه رهيا. فيض جو غزل ”مجهه سي پهلي سي محبت ميري محبوب نه مانگ“ ڳائڻ واري نورجهان کان وٺي ملڪه پکراج ۽ مهدي حسن تائين غزل ڳائڻ وارا اڪثر فنڪار پاڪستان جي پان ۾ ڪريا. موسيقيءَ کي پنهنجي ڌرم جو اٽوٽ انگ سمجهڻ وارن هندستانين وٽ صرف ماضيءَ جا اهي رڪارڊ ئي رهيا، جن کي ٻڌي هو پاڻ کي پهتل نقصان جو اندازو لڳائيندا هئا. پر ستر واري ڏهاڪي ۾ هندستان ان آواز سان آشنا ٿيو، جنهن جا سر الڳ سڃاڻ وارا هئا. ڇو ته سٺ جي ڏهاڪي ۾ بمبئيءَ جي فني دنيا ۾ بهتر روزيءَ جي تلاش ۾ آيل اهو سک نوجوان جيڪو پنهنجو آواز ريڊيو جي اشتهارن ۾ وڪڻندو هو، تنهن جي ملاقات چترا نالي هڪ چنچل ڇوڪريءَ سان ان وقت ٿي جڏهن ان نوجوان جي عمر چوويهه سال هئي. ان کان پوءِ فن ۽ عشق جو گڏيل سفر ٿيو ۽ موسيقيءَ جي تاريخ ۾ هڪ زال مڙس جي جوڙيءَ گڏجي ڳائڻ شروع ڪيو ته محبت جي هڪ نئين افساني جنم ورتو. عشق جو اهو افسانو ته ان وقت اڊڙي پيو، جڏهن هن فنڪار جوڙيءَ جو اڪيلو پٽ وويڪ هڪ روڊ حادثي ۾ گذاري ويو ۽ پٽ جي موت کان پوءِ ان چترا ڳائڻ ڇڏي ڏنو. ڪجهه وقت کان پوءِ هن جگجيت کي به ڇڏي ڏنو. جڏهن چترا ۽ جگجيت الڳ ٿيا ته ماڻهن جو خيال هو ته هاڻي جگجيت به ڳائڻ ڇڏي ڏيندو پر هنسن جي جوڙي وڇڙڻ بعد به فن جي ان پرندي پنهنجي اڪيلي پرواز جاري رکي. توڙي جو هو پنهنجي اندر جي اداسي بهادر شاهه ظفر جي ان غزل ۾ اوتيندو رهيو ته ”لگتا نهين هي جي ميرا اجڙي ديار مين“ پر هن عالم ناپئدار ۾ هو پوءِ به زنده رهيو ۽ صرف زنده رهيو پر هن جي هارميونيم هن جي هٿن ۾ رهي ۽ هو زندگيءَ جي غمن ۽ سورن کي سرن ۾ پيش ڪندو رهيو. هو جيڪو عشق جي چوٽ کاڌل انسانن جو سريلو مسيحا هو، تنهن پنهنجو پاڻ کي مڪمل طور تي فن جي حوالي ڪري ڇڏيو. تيرنهن سال اڳ هن کي هارٽ اٽيڪ ٿيو ۽ هن سگريٽ پيئڻ ڇڏي ڏنا پر ان جي باوجود هو هارميونيم وڄائيندو رهيو ۽ غزل ڳائيندو رهيو. پنهنجي موت کان ويهه ڏينهن اڳ ۾ ويهه سيپٽيمبر تي هن ديرادون جي هڪ پبلڪ اسڪول ۾ پروگرام ڪيو ۽ ويهن ڏينهن کان پوءِ هن کي برين همريج ٿي پوڻ سبب ليلاوتي هاسپيٽل ۾ داخل ڪيو ويو، ڊاڪٽرن هن کي بچائڻ جي لاءِ هن جو آپريشن به ڪيو پر هن جي تنها دل وڌيڪ وقت نه ڌڙڪڻ جو فيصلو ڪري چڪي هئي. اهڙي طرح هو پوري ننڍي کنڊ ۾ پنهنجن مشهور غزلن جي ٻولن سان شروع ٿيندڙ هڪ افسوس ڀريو ايس ايم ايس بڻجي هيءَ دنيا ڇڏي ويو. هيءَ دنيا جنهن جگجيت کي عزت ۽ پيار ڏنو. جنهن دنيا هن کي چترا جهڙي سريلي ۽ حساس جيون ساٿي ڏني. هيءَ دنيا جنهن جگجيت جهڙي غريب ۽ گمنام انسان کي بي انتها دولت ۽ شهرت ڏني. پر اهي سموريون شيون فاني آهن. جڏهن ته ان دنيا کي جگجيت موٽ ۾ اهڙا غزل ۽ گيت ڏنا جيڪي ڪڏهن به فنا ٿي نه ٿا سگهن. مان تسليم ٿو ڪريان هي اهو دور ناهي جنهن ۾ جگجيت کي عشق جي تنها آواز طور ٻڌو ويندو هو. جڏهن نوجوانن جي هاسٽلن ۾ رات جو دير تائين هن جا غزل گونجندا رهندا هئا. جڏهن پنهنجي دل واري دوست سان ڪار تي لانگ ڊرائيو ڪندڙ ٽيپ ۾ جگجيت سنگهه جي ڪيسٽ کي هلائي ڇڏيندا هئا. جڏهن شرابي محفلون هن جي آلاپن سان نشا وڌائينديو ن هيون. جڏهن هن جي صدا هر ڦٽيل دل جي آهه محسوس ٿيندي هئي. جڏهن هن کي ٻڌڻ ذوق جو اعليٰ پيمانو قرار ڏنل هوندو هو. جڏهن تنها مئڪشي ڪندڙ هڪ رٺل عشق کي ياد ڪندي بار بار هن جا اهي ٻول ٻڌندا هئا ته: ”تيري خوشبو مين بسي خط مين جلاتا ڪيسي تيري هاتهون ڪي لکهي خط مين جلاتا ڪيسي تيري خط آج مين گنگا بها آيا هون آگ جلتي هوئي پاني مين لگا آيا هون“ هي اهو دور ناهي، جنهن ۾ جگجيت محبت جو تنها ترجمان هجي پر هڪ دور اهڙو به هو جڏهن هن جي گيتن کان سواءِ عشق جو اظهار اڌورو هوندو هو. فن ۽ آواز ته گهڻن وٽ آهي پر جگجيت وٽ ڪجهه ٻيو به هو. ڪجهه اهڙو، جيڪو تمام ٿورن فنڪارن وٽ هوندو آهي. ان ڪري هن جنهن به غزل کي ڳاتو، ان مان هڪ نئين خوشبو اچڻ لڳي. هو پهريون غزل ڳائڻ وارو فنڪار هو، جنهن جي غزلن جي ڪري ڪيئي فلم ڪامياب ٿيا. جڏهن هن ”ساتهه ساتهه “ ۽ ”ارٿ“ جي لاءِ غزل ڳايا ته انڊيا جي فلم انڊسٽريءَ کي هڪ نئون موڙ ايندو نظر آيو. هن جا اهي غزل اڄ به وڏي شوق سان ٻڌا ويندا آهن، جن ۾ هو چوي ٿو ته ”ڪوئي اهو ڪيئن ٻڌائي ته هو تنها ڇو آهي؟ اهو جيڪو پنهنجو هو سو اڄ پرايو ڇو آهي؟ ائين ٿيندو به آ ته ائين ٿيندو ڇو آهي؟ جيڪڏهن هي جڳ اهڙو ئي آهي ته پوءِ هي جڳ اهڙو ڇو آهي؟“ اڄ به پنهنجي لڙڪ کي پنهنجي مرڪ ۾ ڇپائيندڙ ماڻهوءَ لاءِ هن جي غزلن جا اهي ٻول غضب جهڙا آهن ته: ”تم اتنا جو مسڪرا رهي هو ڪيا غم هي جس ڪو چهپا رهي هو؟“ جگجيت جي حوالي سان هڪ اهم ڳالهه اها آهي ته هن غزلن جي سرن سان اهڙو ماحول پيدا ڪيو جو نوجوان نسل به انهن سرن جي سحر ۾ اچي ويو. نه ته جگجيت کان اڳ ۾ غزل صرف عمر رسيده ماڻهن جي ميراث سمجهيو ويندو هو. جگجيت پنهنجن تخليقي سرن سان غزلن جو ڀاري پڻو ختم ڪيو . اهوئي سبب آهي ته اهو مرزا غالب جنهن کي برصغير ۾ وڏي شاعر هجڻ جي حوالي سان مڃتا ته تمام گهڻي هوندي هئي پر هن جي ثقيل ٻوليءَ سبب هر دور جو نئون نسل هن کان دور رهيو. مرزا غالب تمام گهڻو مشهور پر تمام گهٽ پڙهيو ۽ ٻڌو ويل شاعر هو پر جڏهن گلزار جي لکيل ڊراما سيريل ”مرزا غالب“ ۾ غالب جي غزلن کي جگجيت ڳاتو ته ٻڌندڙ نه صرف جهومي اٿيا پر انهن کي اهو محسوس ٿيو ته ڄڻ هو غالب کي پهريون ڀيرو ٻڌي رهيا هجن. غالب کي عام ماڻهن جي زبانن تائين آڻڻ وارو جگجيت هو. جگجيت غالب کي اهڙي انداز سان ڳاتو جو بنهه سهل ٿي پيو. ان کان پوءِ نوجوان غالب جي شاعريءَ طرف متوجهه ٿيا ۽ ڌيان ڌرڻ جي حوالي سان جگجيت جي ڪري غالب جي شاعريءَ ڄڻ ته نئون جنم ورتو. سون شاعرن جي ٻولن کي ٻهڪندڙ سر ڏيڻ واري ان فنڪار جو سرير ڪالهه ڪنهن ٽٽل ساز وانگر خاموش ٿي ويو. پر پوءِ به هن جي ماٺ اڪيچار گيتن ۾ گونجي رهي آهي. اها سدائين گونجندي رهندي. ڇو ته جيڪي به انسان پنهنجي وجود کي آواز ۾ تبديل ڪن ٿا، زندگيءَ جو انت انهن جو انت ثابت نه ٿو ٿئي. ان ڪري جگجيت مرڻ کان پوءِ زنده رهندو. هو هڪ فنڪار آهي ۽ فنڪار انسان جي حيثيت ۾ ته فاني آهي پر هو پنهنجي زندگيءَ ۾ جيڪا فن جي قنديل روشن ڪري ٿو، اها هن جي موت کان پوءِ به ٻرندي رهي ٿي. موت جو سرد طوفان زندگيءَ جو هر ديپ وسائي سگهي ٿو پر اهو فن جي مشعل کي ڪڏهن به اجهائي نه ٿو سگهي. ڇو ته فن فانيءَ کي لافاني بڻائڻ جو آرٽ آهي. جگجيت پنهنجي زندگي فن کي ارپي ۽ فن هن کي اها ابديت ڏني جيڪا وڏا عهدا ۽ ڌن دولت بخشي نه ٿا سگهن. فن جي دنيا ۾ هو هڪ ستاري جيان سدائين چمڪندو رهندو. جڏهن به ماڻهو محبت ڪندا، تڏهن جگجيت انهن جي جذبن جو ترجمان بڻيو رهندو. هو هڪ اهڙو ساز ٿي رهندو، جنهن کي ڇيڙڻ شرط انسان سرن جي هوا ۾ اڏامندڙ نيرڳ بڻجي ويندو. محبت جو هي عظيم ترجمان عشق جو آسمان به آهي ته زمين به! هن جا گيت اهڙن گلن وانگر مهڪندا رهندا جن کي خزان جا جهوٽا مرجهائي نه ٿا سگهن. هن جا گيت اهڙا ستارا آهن، جن کي واءُ جا جهوٽا وسائي نه ٿا سگهن. هو هميشه ٻڌو ويندو پيار سان ۽ اهڙي پاٻوهه سان جنهن کي لڙڪن جي آلاڻ ڪڏهن به سڪڻ نه ڏيندي آهي.[/JUSTIFY] روزانه عوامي آواز تان ورتل ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ فرشتو اب تو سوني دو! اشفاق آذر شب فرقت ڪا جاگا هون، فرشتو اب تو سوني دو ڪڀي فرصت ۾ ڪرلينا حساب آهسته آهسته [JUSTIFY]۽ پوءِ هو سمهي رهيو، هڪ اهڙي ننڊ جنهن جي ڪا جاڳ ڪانهي! جگجيت سنگهه جي ساهن جي تند ڀلي ٽٽي پئي هجي پر هن جي آواز جي گونج ڪن زمانن تائين دلين کي گرمائيندي رهندي. جگجيت سنگهه ڄائو ڀلي ڀارت ۾ هو پر هن جي فن جي ڪا سرحد نه هئي، هن جو آواز ۽ هن جا سر ڪنهن به ويزا يا پاسپورٽ جا محتاج نه هئا، هو جتي به ويندو هو ته پنهنجي آواز جي جادو سان هر ماڻهو مٿان سحر طاري ڪري ڇڏيندو هو. 70ع ۽ پوءِ خاص طور تي 80ع جو ڏهاڪو سندس عروج جو دور هو، جڏهن هن غزل ڳائڪي جي فن کي هڪ نئون انداز بخشي ماڻهن کي حيران ڪري ڇڏيو. هڪ ته هو ڀارت جي ڳائڪي جي تاريخ ۾ پنهنجي زال چترا سنگهه سان گڏجي ڳائيندڙ پهريون فنڪار جوڙو هو، جنهن جديد غزل ڳائڪي جو بنياد وڌو، ٻيو اهو ته هن انسان جي لطيف احساسن ۽ جذبن کي سرن ۽ آواز جي سنگت سان هڪ اهڙي زبان عطا ڪري ڇڏي جنهن سان گونگي عشق کي به اظهار جو هڪ سليقو هٿ اچي ويو. 70ع وارو اهو ڏهاڪو جڏهن غزل جي دنيا ۾ استاد مهدي حسن خان، نورجهان، ملڪه پکراج، بيگم اختر ۽ طلعت محمود جي حڪمراني هئي، تڏهن هوا جي هڪ تازي جهوٽي وانگر جگجيت سنگهه جو البم ”دي ان فرگيٽيبلس“ مارڪيٽ ۾ آيو ته هن جي آواز ۽ انداز ماڻهن جي اڪثريت کي پنهنجو ديوانو ڪري ڇڏيو ۽ غزل کي ان وقت جي روايتي ڪلاسيڪل ۽ سيمي ڪلاسيڪل اثر مان ٻاهر ڪڍي ميلوڊيس ڪري ڇڏيو. جڏهن هو ”ڪاغذ ڪي ڪشتي“ ڳائيندو هو ته ويٺلن مان شايد ئي ڪو اهڙو ماڻهو هوندو جنهن جي اکين جا ڇپر آلا نه ٿيندا هجن، اهو ڪلام هر ماڻهو کي پنهنجي ننڍپڻ جي دور ۾ وٺي ويندو هو، جيڪو معصوم هو، نفيس هو، ننڍپڻ جون شرارتون، مستي ۽ اها زندگي جنهن ۾ ڪو غم نه هو...ٻڌندڙ ان ڪلام کانپوءِ به ان جي سحر ۾ وڪوڙيل هوندو هو. جگجيت سنگهه جڏهن به ڳائيندو هو ته پنهنجي دل ۽ روح سان ڳائيندو هو، ان ڪري هو فقط هڪ ڳائڻو نه هو، هو هڪ اهڙو شخص هو جيڪو اسٽيج تي غزل کي زندگي عطا ڪندو هو. جگجيت جي شروعاتي زندگي هڪ اهڙي ماڻهو جي زندگي آهي، جنهن کي ڳائڪي جي دنيا ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهڻ لاءِ تمام گهڻي محنت ۽ جدوجهد ڪرڻي پئي. هو پنهنجي والدين جي 11 ٻارن مان ٽيون نمبر پٽ هو، جيڪي سرڪاري ڪوارٽر ۾ رهندا هئا ۽ جتي بجلي جو ڪو تصور نه هو ۽ پيئڻ جو پاڻي به ڪنهن نعمت کان گهٽ نه هو. هن جو ننڍپڻ به عام ٻارن وانگر شرارتون ڪندي گذريو. هن جي اندر جي ڳائڪ کي سڀ کان پهرين هن جي پيءُ دريافت ڪيو، جنهن کيس موسيقي جي شروعاتي تعليم جمال خان صاحب کان ڏياري. جيڪڏهن موسيقي سان جگجيت جو چاهه نه هجي ها ته سندس والد جي خواهش هئي ته هو بيوروڪريٽ ٿئي، پر جگجيت کي لتا، هيمنت ڪمار ۽ طلعت محمود جي آوازن پنهنجو ڪري ورتو هو. آل انڊيا ريڊيو تي آڊيشن ۾ ناڪام ٿيڻ کانپوءِ به هن همت نه هاري ۽ جڏهن آخر سندس ڪلام آل انڊيا ريڊيو تان نشر ٿيو ته جگجيت جالنڌر ۾ هڪ ننڍڙي سيليبريٽي ٿي چڪو هو. پوءِ جيئن هر فنڪار جي خواهش هوندي آهي ته هو فن جي مرڪز يعني ممبئي ڏانهن سفر ڪري ته جگجيت به ممبئي هليو آيو، جتي هو 30 رپيا مسواڙ واري هاسٽل جي ڪمري ۾ رهڻ لڳو، ان هڪ ڪمري ۾ 3 ڄڻا رهندا هئا، جتي منگهڻن ۽ ڪوئن جو آزار الڳ هو. جگجيت سنگهه هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو هو ته اهو سندس زندگي جو بهترين وقت هو، ان دور ۾ ئي هن زندگي جا مختلف رنگ ڏٺا، جوا کيڏڻ سکي، دوست ٺاهيا ۽ برٿ ڊي پارٽين ۾ ڳائڻ شروع ڪيو. هو پنهنجي انهيءَ زندگي مان خوش هو. ڪڏهن ڪڏهن تقريبن ۾ غزل ڳائي وٺندو هو پر فلمن ۾ چانس ملڻ جي حوالي سان هو اڃان تائين ميوزڪ ڊائريڪٽرس جي گڊ بڪس ۾ نه اچي سگهيو هو. موسيقار جئي ڪشن سندس آواز کي پسند ته ڪيو پر کيس ڳائڻ جو موقعو نه ڏنو، ان وقت سندس جمع پونجي به کانئس موڪلائڻ لڳي. هو ممبئي کان جالنڌر ٽرين ۾ بنا ٽڪيٽ سفر ڪندو هو ۽ ٽي ٽي جي اچڻ تي ٽرين جي باٿ روم ۾ لڪي ويندو هو. ان هوندي به هن همت نه هاري ۽ گراموفون ڪمپني لاءِ ٻه غزل رڪارڊ ڪرايا. جڏهن البم لاءِ سندس تصوير ڪڍڻ جو وارو آيو ته هن روايتي سکن وارو پٽڪو لاهي پنهنجا ڊگها وار ڪٽائي ڇڏيا ۽ پوءِ سڄي زندگي ايئن ئي رهيو. 1969ع ۾ سندس ملاقات بنگالڻ گلوڪاره چترا سنگهه سان ٿي، جيڪا اشتهارن جا جنگلز ڳائيندي هئي. سندس شادي هڪ رڪارڊنگ اسٽوڊيو جي مالڪ سان شادي ٿيل هئي ۽ کيس هڪ ڌيءُ به هئي، ٻنهي ڄڻن گڏجي ڊيوٽس ڳائڻ شروع ڪيا ته سندن وچ ۾ تعلق به وڌڻ لڳو، ان وقت چترا جا پنهنجي مڙس سان اختلاف شديد ٿي چڪا هئا، جيڪي طلاق تائين پهتا. ان سال ڊسمبر جي مهيني ۾ ئي جگجيت، چترا سان شادي ڪري ورتي ۽ ممبئي ۾ هڪ ڪمري واري فليٽ ۾ سندس ڌيءَ مونيڪا سان رهڻ لڳو. اهو انتهائي مشڪل دور هو جڏهن جگجيت فقط پارٽين ۽ فنڪشنس ۾ ڳائي گذر سفر ڪندو هو. هڪ انٽرويو ۾ هن ٻڌايو هو ته کيس هڪ ڀيري هانگ ڪانگ ۾ شادي جي فنڪشن ۾ ڳائڻ جي دعوت ملي پر کيس چيو ويو ته هوٽل جي ڪمري ۾ رهڻ ۽ کاڌي عيوض کيس روزانو اڌ ڪلاڪ تائين ڳائڻو پوندو، کيس الڳ سان ڪوبه معاوضو نه ملندو. اهڙين مشڪل حالتن ۾ 1971ع جو سال سندن زندگي جو خوشگوار سال هو، جڏهن سندن گهر ۾ هن جي پٽ وويڪ جنم ورتو، جنهن کي هو پيار مان بابو چوندا هئا. پنهنجين مالي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ لاءِ چترا سنگهه نئين ڄاول ٻار کي هنج ۾ کڻي به جنگلز رڪارڊ ڪرائيندي هئي. جگجيت جو چوڻ هو ته باوجود سخت مالي مسئلن جي کيس ان وقت ايئن لڳندو هو، ڄڻ هو دنيا جو امير ترين شخص هجي. هڪ ڏينهن بابو پنهنجي دوستن سان گڏ پارٽي مان واپس موٽي رهيو هو ته کيس خبر پئي ته سندس پاڙيوارن جو ايڪسيڊنٽ ٿيو آهي، وويڪ پنهنجي گاڏي حادثي واري هنڌ ڏانهن ڊوڙائي ته رستي تي سندس ايڪسيڊنٽ ٿي پيو. جگجيت ان وقت رڪارڊنگ اسٽوڊيو ۾ هو، هو رات جو 2 وڳي جڏهن گهر پهتو ته کيس اسپتال مان ڪال آئي، پر هو جڏهن اسپتال پهتو ته ان وقت سڀ ڪجهه ختم ٿي چڪو هو، بابو جي عمر ان وقت 19 سال هئي ۽ اهو سال 1990ع هو. اهو صدمو ٻنهي لاءِ ناقابل يقين ۽ برداشت جوڳو نه هو. چترا سنگهه ان صدمي کانپوءِ وري ڪڏهن اسٽيج تي نه آئي، نه ئي هن رڪارڊنگ اسٽوڊيو ۾ پير پاتو. چترا جو آواز خاموش ٿي ويو، هوءَ موسيقي کي الوداع ڪري روحانيت ۾ پنهنجي پٽ کي ڳولڻ لڳي ۽ جگجيت موسيقي ۾ ئي پنهنجي درد کي اوتڻ لڳو. سندس پٽ جي وڇوڙي کانپوءِ هن جو پهريون البم ”من جيتي جگجيت“ جي نالي سان سامهون آيو، جنهن ۾ هن جي درد ۽ تقدير جي فيصلن جي قبوليت کي چڱي ريت محسوس ڪري سگهجي ٿو. ان کانپوءِ جگجيت پاڻ کي موسيقي ۾ گم ڪري ڇڏيو. هن ڪيترائي البم ڏنا، هزارين غزل اڄ به سندس فن جي گواهي ڏين ٿا. هن دنيا ڀر ۾ پنهنجي مداحن سان درد جو هڪ اهڙو رشتو جوڙيو، جيڪو رت جي رشتن کان به وڌيڪ مضبوط آهي، جو ان رشتي جا عڪس سڄي زندگي تي نقش ٿي ويندا آهن. پنهنجي سر ۽ آواز سبب ڪيترين ئي دلين جو دلدار رهندڙ هي فنڪار پاڻ دل ۾ ڪيترا درد پالي هلي رهيو هو، تنهن جو اندازو شايد ئي ڪنهن کي هجي. 1998ع ۾ جڏهن کيس پهريون ڀيرو دل جو دورو پيو هو، تڏهن هن سگريٽ نوشي ڇڏي ڏني هئي. کيس تازو ئي جڏهن برين هيمرج سبب اسپتال داخل ڪيو ويو ته سندس حالت انتهائي نازڪ هئي، کيس وينٽيليٽر تي ساهه کڻايو ويندو هو، پر اهو ساهه گهڻي دير تائين کڄي نه سگهيو ۽ هو ديهانت ڪري ويو! جگجيت سنگهه ڀلي هن دنيا ۾ ناهي رهيو پر سندس ڳايل غزل پنهنجي پوري آب تاب سان موسيقي جي جهان تي ڇانيل آهن، ”اپني آنکون ڪي سمندر مين اتر جاني دو“، ”هم تو هين پرديس مين، ديس ۾ نڪلا هونگا چاند“، ”تمنا ڦر مچل جائي اگر تم ملني آجائو“، ”هوش والون ڪو خبر ڪيا بي خودي ڪيا چيز هي“، اهي ۽ ان جهڙا انيڪ غزل جگجيت سنگهه جي مهانتا جو ثبوت هجڻ سان گڏ بي قرار ۽ بي چين دلين مٿان مرهم رکڻ جو سبب پڻ آهن. اهي عاشق جيڪي عشق جي پراسرار گهٽين مان گذرندي پنهنجي اندر ۾ دريافت ٿيندڙ هڪ نئين دنيا سان آشنا ٿين ٿا، تن کي جگجيت سنگهه جا سر جذبن جي هڪ اهڙي جهان ۾ وٺي وڃن ٿا، جتي احساسن جا نوان پرتو تاڪين وانگر کلندا وڃن ٿا، سرن جي ان سمنڊ ۾ ٻڏڻ جي تمنا زور وٺي وڃي ٿي ۽ اتان نڪرڻ جي ڪا به خواهش نٿي رهي. سرن ۽ سازن جي هي دنيا جيستائين آباد آهي، تيستائين شايد ئي ڪو اهڙو ماڻهو هجي جيڪو جگجيت سنگهه کي پاڻ کان پري رکي سگهي يا شايد ئي ڪو اهڙو ڏينهن هجي، جڏهن دنيا جي ڪنهن ڪنڊ ۾ سندس چاهيندڙن پاران کيس ٻڌو نه وڃي.[/JUSTIFY] روزانه ڪاوش تان ورتل ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
جواب: جگجيت سنگهه: سُرن ۽ ساهن جو سفر منزل تي پهچڻ دؤران ملندڙ دردن جو وڏو ڪردار هوندو آهي منزل جي حاصلات جي احساس ۾ ۽ مڃتا به اُنهن کي ئي مِلي ٿي جِ کي منزل تري تي جنت ٿي ناهي مِلندي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔هي عظيم شخصيتون پاڻ کان وڌيڪ ۽ وڏا درد رکندا آهن۔