گوگل پلس جي لانچ ٿيڻ جي خوف فيس بوڪ انتظاميه کي ڪافي مونجهاري ۾ آڻي ڇڏيو ۔۔۔ ان ڪري فيس بوڪ کي جيڪي تبديليون اڃان نه ڪرڻيون هيون اهي به انهن تڪڙيون تڪڙيون آڻي ڇڏيون ته جيئن فيس بوڪ استعمال ڪندڙ گوگل پلس ڏانهن هجرت ڪري نه وڃن۔۔
نين تبدلين ۾ فرينڊز لسٽ ۾ پاڻمرادو اضافو ۽ دوستن کي عليحده عليحده لسٽس ۾ رکڻ جو اڳ کان بهتر انتظام۔۔۔
نوان فيڊس طور ايندڙ سمورن فيڊس مان چاهيو ته ڪنهن به موضوع مان شراڪت داري ختم ڪري سگهو ٿا۔۔۔
دوستن طرفن ايندڙ اپڊيٽس مان ڪنهن کي به ٽاپ سٽوري بڻائي سگهو ٿا۔۔۔ ته جيئن هر وقت ان جي اپڊيٽس کي ڏسي سگهو۔۔۔
سائيڊ بار ٽڪر ذريعي هاڻي پنهنجي سمورن دوستن جي سرگرمين کي ڏسي، پڙهي ۽ تڪڙي مشاهدي سان گڏو گڏ انهن سرگرمين ۾ شامل ٿيندي پسنديدگي يا راء جو اظهار ڏئي سگهو ٿا۔۔۔
وڌيڪ تفصيل لاءِ هن مختصر وڊيو جو مشاهدو ڪريو۔۔۔
پر هن نئين طريقي ڪار جي اچڻ سان اهي فيس بوڪ استعمال ڪندڙ جيڪي پنهنجا اپڊيٽس موڪلڻ وقت پرائيوسي جو خاص خيال رکڻ چاهيندا آهن۔۔ مونجهاري جو شڪار ٿي ويا۔۔۔ اهڙن دوستن کي فيس بوڪ جي نئين پرائيوسي سمجهائڻ لاءِ سنڌ سلامت فورم تي اڳ ئي ادا مست هڪ موضوع ونڊي چڪو آهي۔۔۔
بحرحال اسان جي ڪافي دوستن هن نئين تبديلي کي دل سان نه مڃيو ۔۔۔ جو اهي نيوز فيڊس ۾ ٽاپ اسٽوري بجائي نوان فيڊس ۽ ٽڪر ذريعي پنهنجي ۽ ٻين دوستن جي سرگرمي کي هر وقت نوٽ ڪرڻ جي ڪيفيت ۾ نه آهن۔۔۔ ۽ جيئن ته گهٽا دوست پنهنجي چيٽ لسٽ کي به آف رکندا آهن پر ٽڪر جي ذريعي اها خبر پئجي ويندي آهي ته توهان جي اهو دوست جيڪو چيٽ لسٽ ۾ آن نه آهي هن وقت فيس بوڪ تي موجود آهي ۔۔۔ يا توهان لاءِ هن چيٽ لسٽ آف رکي آهي۔۔۔
اهڙن دوستن جڏهن بار بار فون ڪري مون کان پهرين واري فيس بوڪ تي واپس ورڻ جو طريقي ڪار پڇيو ته ٿوري جانچ سان گوگل ڪروم جو هڪ اهڙو ايڪسٽينشن ملي ويو جنهن سان فيس بوڪ جي هن تبديلي کي انڊو ڪري سگهجي۔۔۔
توهان به جيڪڏهن فيس بڪ جي هن نئين تبديلي کي پنهنجي پرائيويسي خاطر يا وري سمجهه ۾ نه اچڻ خاطر واپس ورنائڻ چاهيو ته هتي ڪلڪ ڪري گوگل ڪروم جو ايڪسٽينشن انسٽال ڪري وٺو۔۔۔