• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ايوب کوسو ننڊ پاسي رکي ، ڀرجهلا سارجن۔

Abdul Wahid Soomro

سينيئر رڪن
ننڊ پاسي رکي ، ڀرجهلا سارجن۔
زلف ڪارا، هٿن جا ڇلا سارجن۔

پنڌ ڌوڏي ڀلي، وقت لوڏي ڀلي،
آء اُس ۾ هلي، قافلا سارجن۔

دل تي اوندھ چڙهي ٿي وڃي تو سوا،
تون ٻُڌا زخم ڪيسين ڀلا سارجن۔

پاڻ آهيون ڪٿي، ساڻ آهيون ڪٿي؟
هاڻ آهيون ڪٿي؟ فاصلا سارجن۔

مينهن وسندي جا فرصت آ ٿوري ملي،
ڇو نه ڪنهن جا وچن دادلا سارجن۔

چئو جنازا کڻون يا چُمئ جو پڇون؟
ڪهڙا ڪهڙا پرين مسئلا سارجن۔

پنهنجي تاريخ جي آ تقاضا اها،
اجرڪن کي چمي روپلا سارجن۔

ايوب کوسو
 
Back
Top