دوستو سلام
ٽالپر وڏا ضلع خيرپور جي خوبصورت شاعر محترم ڪرم ٽالپر جو غزل پيش آهي۔ هي غزل منهنجي پسنديده غزلن مان هڪ آهي جنهن کي غلام علي سنديلو ۽ شمن علي ميرالي بهترين انداز سان ڳايو آهي۔ اميد ته دوستن کي به هي غزل پسند ايندو

توکان نه مليو پيار گهرڻ مون ڇڏي ڏنو
مڃيو نه تون جي عرض ڪرڻ مون ڇڏي ڏنو
اقرار ياد ڏياريم ناراض ٿي وئين
تڏهن سوال ڪوبه پڇڻ مون ڇڏي ڏنو
بدنام ٿي پوين نه ڪٿي تون به مون پٺيان
هر هر اڱڻ تي تڏهن اچڻ مون ڇڏي ڏنو
ناراض ٿيا رقيب ڪرم سچ جڏهن چيم
توکي ٿيو اعتراض چوڻ مون ڇڏي ڏنو
مڃيو نه تون جي عرض ڪرڻ مون ڇڏي ڏنو
اقرار ياد ڏياريم ناراض ٿي وئين
تڏهن سوال ڪوبه پڇڻ مون ڇڏي ڏنو
بدنام ٿي پوين نه ڪٿي تون به مون پٺيان
هر هر اڱڻ تي تڏهن اچڻ مون ڇڏي ڏنو
ناراض ٿيا رقيب ڪرم سچ جڏهن چيم
توکي ٿيو اعتراض چوڻ مون ڇڏي ڏنو