راه رستن ۾ آ اڃان تائين۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

خالد_حسين

سينيئر رڪن
راه رستن ۾ آ اڃان تائين.
ڪوئي سپنن ۾ آ اڃان تائين

هو هلي وئي مگر اهو منظر
منهنجي نيڻن ۾ آ اڃان تائين

سال گزرڻ جي باوجود به هو
منهنجي سجدن ۾ آ اڃان تائين

ڪير پڙهندو انهي فساني کي؟
جيڪو سينن ۾ آ اڃان تائين.

منهنجي چاهت،جنون ۽ پيڙا،
قيد سوچن ۾ آ اڃان تائين.

منهنجو ٿيڻو نه آ سڄو جيون،
جيڪو پنهنجن ۾ آ اڃان تائين.

هن چيو هو ملڻ نه ايندو ڪر،
روح حصن ۾ آ اڃان تائين...
 
جواب: راه رستن ۾ آ اڃان تائين۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

ڪير پڙهندو انهي فساني کي؟
جيڪو سينن ۾ آ اڃان تائين.


واهه ادا

سٺي شاعري
 
جواب: راه رستن ۾ آ اڃان تائين۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

هن چيو هو ملڻ نه ايندو ڪر،
روح حصن ۾ آ اڃان تائين...

واھ واھ تمام پياري شاعري
 
Back
Top