جانبن جا، دلبرن جا، دلڪشن جا توکي سلام سرمد۔ محفلن جا، مئڪدن جا، مئڪشن جا توکي سلام سرمد۔ سنڌ سهڻي آ مڃون ٿا پر سنڌ جي تون سونهن آن، ماهرن جا، ڳائڻن جا، شاعرن جا توکي سلام سرمد۔ سنڌ سڀ جي ماء آ ۽ تون سڀن جو ڀاء سنڱتي، ڀائرن جا، ڀينرن جا، دوستن جا توکي سلام سرمد۔ تو ن سنڌين ۾ جوش آندو، تون جوانن جو سونهون، ڪونڌرن جا، سورمن جا، سورهن جا توکي سلام سرمد۔ سڀ ٿا شاعر توکي چاهين، هڪ نه ساحر آ چريو، ڪل پنن جا ۽ بيتن جا، چوءَ سٽن جا توکي سلام سرمد۔
جواب: سنڌ سهڻي آ مڃون ٿا پر سنڌ جي تون سونهن آن جنيد ميمڻ (ساحر) سڀ ٿا شاعر توکي چاهين، هڪ نه ساحر آ چريو، ڪل پنن جا ۽ بيتن جا، چوءَ سٽن جا توکي سلام سرمد۔ سنڌ جي ڀلوڙ راڳي کي سهڻي ڀيٽا۔ سنڌ جو هر ماڻهو سندس آواز سان محبت ڪندو آهي۔ ادا جنيد جي ڏنل ڀيٽا ۽ عاشق جا سهڻا رنگ ۔۔۔۔ لاجواب
جواب: سنڌ سهڻي آ مڃون ٿا پر سنڌ جي تون سونهن آن جنيد ميمڻ (ساحر) تو ن سنڌين ۾ جوش آندو، تون جوانن جو سونهون، ڪونڌرن جا، سورمن جا، سورهن جا توکي سلام سرمد۔ جنيد ميمڻ جي ڀيٽا بهترين لاجواب۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ عاشق ان کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا
جواب: سنڌ سهڻي آ مڃون ٿا پر سنڌ جي تون سونهن آن جنيد ميمڻ (ساحر) محترم سليمان وساڻ ۽ عرس پريل صاحب مھرباني
جواب: سنڌ سهڻي آ مڃون ٿا پر سنڌ جي تون سونهن آن جنيد ميمڻ (ساحر) سائين تمام بهترين ء خوبصورت ونڊ آهي ۔
جواب: سنڌ سهڻي آ مڃون ٿا پر سنڌ جي تون سونهن آن جنيد ميمڻ (ساحر) لک مهربانيون ادا عاشق جون جنهن منهنجي بي رنگ لفظن کي پنهنجي محبت جا رنگ ڏنا، ۽ پسند ڪرڻ لاء ٿورائتو سائين سليمان وساڻ، عبدالواحد سومرو ، عرس پريو، ۽ ادا رياض گلال لک قرب
جواب: سنڌ سهڻي آ مڃون ٿا پر سنڌ جي تون سونهن آن جنيد ميمڻ (ساحر) بهترين شاعري ساحر جنيد ميمڻ جي ۽ بهترين ڊزائين ڀا عاشق سولنگي جي