مان نالي وسيم آڪاش سيتائي ۽ مان ڀٽائي جي ڌرتي جيجل سنڌ ماءُ جي هڪ ننڌڙي شهر سيتا روڊ جو رهواسي آهيان۔۽ مان مقدم پرائيويٽ ڪمپني جو هڪ ننڌڙو ملازم آهيان۔ڪافي ٽائيم کان سوچي رهيو هيس ت سنڌ سلامت فورم تي اچجي پر وقت۔۔۔۔۔۔۔۔۔جيڪو اسان وٽ تمام گهٽ هوندو آهي۔پر هاڻ ڪوشش ڪبي ت روز ڪجه ن ڪجه ٽا۔يم سنڌ سلامت فورم تي اچبو ۽ دوستن سان خيالن جي ڏي وٺ ضرور ڪبي۔ انشاالله۔۔۔۔۔ سنڌ تنهنجي مٽي ائين چمي پيو چمان جئين قرآن چمجي عقيدت منجهان وسيم آڪاش سيتائي
جواب: حق موجود ڪوشش باوجود پنهنجي ڳوٺائي دوست آڪاش کي سڃاڻي نه سگهيم۔۔۔ ان جو سبب ڳوٺ کان گهڻي دوري آهي يا وري واقعي هاڻي پوڙها ٿيڻ شروع ٿي ويا آهيون۔۔۔ بحرحال ادا وسيم سنڌ سلامت فورم تي ڦيرو ڀرڻ لاءِ لک لائق ۔۔ اميد ته فورم جي بهتري لاءِ صلاح مشوري سان گڏ پنهنجي فن مان پاڻ کي فيضياب ڪندا جو توهان جو آخري شعر سنڌ سان عقيدت ۽ محبت جو بهترين اظهار آهي۔۔۔
جواب: حق موجود ادا وسيم آڪاش دوست مونکي به ياد ڪون ٿو اچي پر رشيد جي ڳالهه وانگر ته شايد ڳوٺ کان دوري جي ڪري نه سڃاڻي سگهيس۔۔۔۔ هن سهڻي فورم تي عرس پريو (ڳوٺ پريا) جي طرفان دل جي گهرائين سان ڀليڪار۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اميد ته سنڌ سلامت تي روزانو پيون ڪچهريون ٿينديو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت۔۔۔۔۔ [/center][/img]
جواب: حق موجود هڪ وسيم، مٿان آڪاش ۽ سون تي سهاڳو ته سنڌ جي سهڻي شهر سيتا جو رهواسي، سنڌ سلامت جي اوطاق اصل مهڪي ۽ چهڪي پئي آهي، سنڌ جا سهڻا نوجوان سنڌ سلامت تي اچي سنڌ ۽ سنڌيت جو مان وڌائن ته انکان وڌيڪ ڪهڙي خوشي؟ سهڻا وسيم، اوهانکي دل جي گهراين سان ڀليڪار، اميد ته هن اوطاق جي دوستن سان دوستن وڌائڻ جو سلسلو جاري رهندو ۽ ڀيرو ڀڃڻ نه وساريندا، جي ايندي چوني آ، ويندي چوني ويهه، ڇڏي سارو ڏيهه، اڱڻ اچج انهن جي۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: حق موجود ادا آڪاش سيتائي ۔۔۔۔ سنڌ ڌرتي جا سهڻا سپاھي، توهان کي هن سنڌ سلامت جي سهڻي اڱڻ تي ڀليڪار۔۔۔۔۔۔ اميد ته پنهنجي تحريرن کي سنڌ امڙ جي خدمت ۾ استعمال ڪندا ۽ دوستن جي ڪچھري جا آتا هوندا۔۔۔ مهرباني """""""""""""""" عرفان ديشي (مورائي)
جواب: حق موجود [JUSTIFY]سيتا روڊ جي سهڻي دوست محترم وسيم آڪاش صاحب اوهان کي سنڌ سلامت جي سهڻي فورم تي ڀليڪار ٿا ڪيون ۔۔ تمام گهڻي خوشي ٿي جو اوهان پنهنجي سنڌ سلامت فورم جا ساٿي بڻيا آهيو جيڪو اسان سڀني سنڌين جو گڏيل فورم آهي ۔سنڌ سلامت اوهان ۽ اسان جهڙن سنڌين جي گڏيل ڪاوش جو ئي نتيجو آهي۔ اميد ته اوهان به سنڌ سلامت جي سونهن ۾ اضافو ڪرڻ ۾ اسان جو ساٿ ڏيندا۔ سيتا روڊ سميت سموري سنڌ اسان جي پنهنجي آهي، هر گهٽي اسان لاء هڪ جيتري معتبر آهي پر پوء به سچل ڳوٺ ۾ سيتاروڊ جا اسان جا گهڻائي دوست آهن، تنهنڪري سيتا روڊ سان به ساڳي ئي پنهنجائپ آهي۔ اميد ته اوهان پنهنجي خوبصورت لکڻين ذريعي فورم جي سونهن ۽ زينت جو سبب بنجندا رهندا۔[/JUSTIFY]
جواب: حق موجود اسان پنهنجي معزز مهمان وسيم آڪاش سيتائي کي هن محبت ڀرئي اڱڻ تي ڀليڪار چئون ٿا اميد ته پاڻ هن اڱڻ کي وڌيڪ خوبصورت بنائڻ ۾ اسان جا معاون رهندا ۽ اسان جي ساٿ ۾ جذبي جو جوهر پيدا ڪندا.