هوءَ مان ۽ سنڌ، ڪيڏا ٺهون پاڻ ۾! زوهيب آريسر [JUSTIFY]عشق جي اڻانگي پنڌ تي هلندي جڏهن ڪنهن پٿريلي پٽ تي پير پوندا آهن ۽ رت ريلا ڪري وهڻ لڳندو آهي، جتي ماڻهو کي پنهنجي پگھر جي بوءِ هوائن ۾ پکيڙي ڪنهن اڻڄاتي منزل جي مسافر کي جلا بخشيندي آهي، جتي ماڻهو هوائن کي همسفر بڻائي پنهنجي اڻڏٺي محبوب منزل جون ڳالهيون هوائن سان ڪرڻ لڳندو آهي، جڏهن پرين جي پار ڏي هلندي ماڻهو مارڳ ۾ ئي مرڻ، ختم ٿيڻ کي منزل تصور ڪندو هجي، اتي جڏهن ڪو عاشق پنهنجي محبوب منزل جي مارڳ تي مرندو آهي ته عاشق جون اهي سموريون نشانيون وري ڪنهن اهڙي ئي يگاني ۽ بي لوث عاشق جي اچڻ جي اوسيئڙي ۾ آتيون ٿي پونديون آه، جڏهن وري ڪو ٻيو عاشق ان پٿريلي ۽ درديلي رستي تي پنڌ پوندو آهي ته رستا پاڻ مرادو جھومندا آهن ۽ انهن رستن تي وڇايل پٿر ۽ ڪنڊا هڪ ٻئي کي ڏسي مسڪرائي ايندڙ عاشق جي آڌرڀاءُ لاءِ هڪٻئي سان ٽڪرائجي پاڻ کي تکو ڪندا آهن. جيئن ان عاشق کان ان رستي تي هلڻ جو اهڙو امتحان وٺجي جو اڳئين عاشقن جون بچيون سچيون ڪسرون به ان مان نڪري وڃن. امر جليل پنهنجي ڪنهن ڪهاڻيءَ ۾ پنهنجي ڪنهن ڪردار کان پڇندو آهي ته ”روشني سان محبت تي جيڪڏهن بندش هجي، پابندي هجي، راھ ۾ رڪاوٽون هجن، تڏهن ڇا ڪرڻ گھرجي.“ کيس پنهنجي ئي ڪردار کان جواب ملندو آهي ته ”اوندھ سان هرگز ٺاھ نه ڪرڻ گھرجي.“ اهو ڪردار وڌيڪ وضاحت ڪندي چوندو آهي ته ”اوندھ کان نفرت جو اظهار، اڻ سڌي طرح روشنيءَ سان محبت جو اعتراف آهي.“ تاريخ گواھ آهي ته باغي ماڻهن تاريخ جي ڪنهن به دور ۾ اوندھ سان ٺاھ هرگز ناهي ڪيو، انهن باغي ماڻهن اوندھ جي خلاف نفرت ڪرڻ سان گڏ، ان وندھ جي خلاف مزاحمت پڻ ڪئي آهي. ان مزاحمت ڪرڻ جي موٽ ۾ کين، وقت جي آمرن، جابرن ۽ ظالمن خطرناڪ ماڻهو قرار ڏيندي، زنجيرن جا زيور پارائي سچ کي دٻائڻ جون ناڪام ۽ مڪروھ ڪوششون وقت به وقت پئي ڪيون. مگر انهن ارڏن ۽ اڏول ڪردارن کي توڻي تلوار جي ڌار تي اچي شهيد ٿيڻو پيو هجي، يا ڌار تي اچي ٽنگجڻو پيو هجي، پر انهن سمنڊ جهڙن گجندڙ سورمن ڪاري رات کي روشن چوڻ واري ڪفر کان سدائين انڪار پئي ڪيو آهي. ”جنهن وقت اسان جي تند تپي ۽ ساز ٽپي آواز جھپي، تنهن وقت ڀلي ڪو ڪنڌ ڪپي، جو آيو ڳايو آ پيارا!“ (اياز) ۽ پوءِ ساري لوڪ ڏٺو ته صوفي سرمد جي شهادت، مخدوم بلاول سمي (ٽلٽيءَ واري) جي لوهي گھاڻي ۾ پيڙهجڻ، شاھ عنايت شهيد (جھوڪ واري) جي تلوار سان سسي لهڻ، ڪارونجھر جي شينهن روپلي ڪولهي ۽ نائين ڪلاس ۽ پڙهندڙ شاگرد هيمون ڪالاڻي جي سوليءَ تي ٽنگجڻ جي روپ ۾ سچ سدائين کٽيو آهي، ۽ باطل ۽ ظالم کي بڇڙي هار ملي آهي ۽ پوءِ تاريخ ثابت ڪري چڪي آهي ته انهن عاشقن ۽ شهيدن جي رت مان ڪيترائي نوان غلاب ڦٽندا رهيا آهن. ” شاھ جو رسالو“ سچو سچل جو باغبانو ڪلام، خليفي قاسم جو ڪيڏارو، شيخ اياز جي باغباني شاعري، سائين جي ايم سيد، عبدلواحد آريسر، بشير خان قريشي ۽ ٻين هزارين باغين جا بدن شهيد جي ريٽي رت مان جنم ورتل آواز، پڪار، للڪار ۽ بغاوت جي شڪل آهن. انهن سڀني ۾ جاڳڻ، جدوجهد ڪرڻ ۽ وجوديت جي بقا جي ويڙھ وڙهڻ جو درس ۽ سڏ ڏنل آهي. ”بندر جان ڀئي، ته سکاڻيا! م سمهو!! ڪپر ٿو ڪن ڪري، جيئن ماٽيءَ منجھ مهي!! ايڏو سور سهي، ننڊ نه ڪجي ناکئا! (شاھ) عشق جي رنگت به ڏاڍي عجيب رنگت ٿيندي آهي، جتي ماڻهوءَ کي پنهنجي محبوب کان سواءِ سڄو جهان ڪنهن ڪسبياڻيءَ جي پليت دامن جھڙو لڳڻ لڳندو آهي. عاشق جڏهن پنهنجي محبوب جي درشن ديدار لاءِ ويندو آهي ته کيس ڪنهن به قسم جو هوش ناهي هوندو ۽ پٿريلي ڌرتيءَ تي هلندي هلندي جڏهن هن جا پير ڇيهون ڇيهون ٿي پوندا آهن ان مان رت ٺينڊا ڪري وهڻ لڳندو آهي ۽ هو راهن ۾ وهي ويل رت کي رئيگان نه سمجھندو آهي بلڪ انهيءَ راھ ۾ وهي ويل رت کي عبادت جو حصو تصور ڪندو آهي. عاشقن جون اهڙيون قربانيون ۽ عبادتون ڏسي لطيف سرڪار فرمايو آهي ته: ” مون جيئن سرتيون جي ڏسو سڀيئي، سمهو ڪين م سک سان پاسو ور ڏيئي، مون کان اڳيئي گھڙو سڀ گھڙا کڻي. (شاھ) ان ئي نظر سان سن جي سيد پنهنجي محبوب سنڌ کي ڏٺو ۽ عشق ڪيائين ۽ پوءِ گھڙو کڻي گھڙي پيو وچ سير ۾ ۽ آخري دم تائين سنڌ جي عشق ۾ لهرن ۾ لڙهندو رهيو ميهر جي پار وڃڻ لاءِ سٽون ڏيندو رهيو ۽ انهيءَ سنڌ جي عشق کيس وچ سير ۾ ٻوڙي ڇڏيو. منصور بن حلاج جنهن عشق جي مستيءَ ۾ اچي ”اناالحق“ جو نعرو هنيو ”اناالسنڌ“ سنڌ جي بقا، خوشحالي، آزادي ۽ آجپي واري ويڙھ وڙهڻ واري سيد اناالسنڌ جو نعرو هڻي پنهنجي پاڻ کي سنڌ ۾ سمائي ڇڏيو، سن واري سيد اناالسنڌ جي نعري پويان پنهنجون حسين خواهشون، زندگيءَ جا حسين ڏينهن ۽ راتيون ائين قربان ڪيون جيئن اڄ جا الهڙ نوجوان پنهنجي جوڀن جا حسين پل ڪنهن سانوري، بانوري جي عشق ۾ وڃائين ٿا، ائين سيد سنڌ سان عشق ڪرڻ جي ڏوھ ۾ سڀ ڪجھ وڃائي سنڌ ماڻي ويٺو ۽ سنڌ کيس ماڻي ويٺي. سنڌ جي بقا واري ويڙھ وڙهندي جھور پوڙهو ٿي ويل هن شخص جي اکين ۾ مون آخري ڏينهن ۾ به اهائي ساڳي ڪشش، چمڪ ۽ تازگي ڏٺي جيڪا سندس اکين ۾ جوڀن وارن ڏينهن ۾ هوندي هئي، هن کي ڪڏهن به پنهنجي ڪيل عملتي پڇتاءُ نه ٿيو ۽ هو اهو اعلان چوندو هو ته ” مون سنڌ ۽ سنڌي عوام کي صحيح سڃاتو آهي.۽ مون جيڪو ڪجھ پنهنجي محبوب سنڌ ۽ سنڌي قوم لاءِ ڪيو آهي، اهو انهن تي ڪو ٿورو نه آهي.اها ٻي ڳالھ آهي ته انهن مون کي سڃاتو آهي يا نه!!؟ ڪجھ ڏينهن اڳ مون کي ٽنڊي الهيار جو هڪڙو سن واري سيد جو سچو عاشق مليو هو، جيڪو روئي روئي ٻڌائي رهيو هو ته ڪو وقت هو ۽ ( اڄ به ائين آهي) جو سنڌ جا سرفروش ڇوڪرا پنهنجن محبوبائن کان وڌيڪ سن واري سيد کي چاهيندا هئا، هزارين ڇوڪرا جيڪي چانڊوڪين ۾ چمڪندڙ چڳن ۽ محبوبائن جي ٻانهن جا هيراڪ هيا، جيڪي ڪارين راتين جي پيٽ ۾ پنهنجي محبوبائن سان وصل ۽ ملاقاتن جون اميدون رکندا هئا، انهن سيد جي عشق ۾ محبوبائن جي ذلفن جياسيري مان نڪري سن جي هڪڙي جھونڙي کي پنهنجون زندگيون ارپي ڇڏيون، توڻي جو اهو جھور پوڙهو هاڻي اسان وٽ جسماني طور ناهي رهيو پوءِ به اڄ جي هزارين نوجوانن جي محبت جو مرڪز سنڌ، سيد ۽ سن رهن ٿا. جي ايم سيد جي فڪر کي سمجھڻو ۽ پڙهڻو آهي ته اڄ جي نوجوانن جي اکين ۾ کيس پڙهو، جيڪي پنهنجي زندگي جي عاشقي وارا حسين ڏينهن پنهنجي رهبر جي ”سنگ لحد“جي سيراندي ويهي آزاد سنڌ جو تصور ان جي نانءُ ڪن ٿا، اهي نوجوان ان گھڙي ڏاڍا خوبصورت لڳندا آهن، انهن پلن ۾ جيڪي ناسي نيڻن واريون چاڪليٽي ڇوڪريون پنهنجن محبوبن جي جواني، جوش ۽ جذبو ڏسن ته هميشه لاءِ پنهنجا هوش وڃائي ويهن، اهو حسن شيو وڌيل ۽ اڻڀن وارن ۽ مٽي ۾ ڀڀوت ٿيل ڇوڪرن جو ناهي، اهو حسن لاڙ ۾ گھمندڙ دارون جھڙي مست هوا جو ناهي، اهو حسن ”ٽي روز“ پرفيوم جي ڦونهاري ۾ ونهتل ٽنڊو الهيار جي انهيءَ ڇوڪري جو ناهي، جيڪا پنهنجي عاشق وٽ پاڻ وڻائڻ لاءِ پرفيوم جا دٻن جا دٻا خالي ڪري چڪي آهي پر پوءِ به هو پاڻ وڻائي نه سگھي آهي. پر اهو حسن ۽ ڪشش ان عشق جو آهي جيڪو انهن چهرن کي چنڊ جھڙي چمڪ عطا ڪري ٿو ۽ اها ان عاشق جي عنايت آهي ۽ جي ايم سيد جي انهيءَ ازلي عشق جو محور آهي ۽ رهندو جيسيتائين هي دنيا رهندي. [/JUSTIFY]