السلام عليڪم دوستو دوستو مون کي صحافت جي حوالي سان ڪجهه سنڌي ڪتاب گهربا آهن جيئن صحافت جي حوالي سان معلومات ملي سگهي مثال طور تي ڪنهن جو انٽريو وغيره وٺڻ جو طريقه خبر کي لکڻ جا طريقه اهڙي نموني جا ڪتاب گهربل آهن جيئن انهجن منا م،ون کي معلومات ملي سگهي سدائين گڏ
جواب: دوستو مون کي صحافت جي حوالي سان ڪتاب گهربل آهن سائين ڪتاب ته ڪونه ٿو سجهي باقي ڪجهه صحافي دوست آهن انهن کان پڇي اوهان کي ٻڌائبو وڌيڪ ٿي سگهي ٿو ٻين دوستن کي ڪا خبر هجي ته اوهان کي ٻڌائي ڇڏين۔
جواب: دوستو مون کي صحافت جي حوالي سان ڪتاب گهربل آهن جيڪڏهن توهانجي نظر ۾ ڪو اهڙو ڪتاب گذريو هجي ته نالو لکو ۔۔۔ ٿي سگهي ٿو ڪو دوست موڪلي ڏئي۔۔
جواب: دوستو مون کي صحافت جي حوالي سان ڪتاب گهربل آهن منهنجي نظر مان ان قسم جو ڪوبه ڪتاب ناهي گذريو۔ باقي انگريزي ڪتاب ملي سگهن ٿا
جواب: دوستو مون کي صحافت جي حوالي سان ڪتاب گهربل آهن سائين جيتري به معلومات ملي سگهي توهان جي مهرباني ٿيندي سدائين گڏ ادا مون کي ان حوالي سان ڪا معلومات نه اهي باقي انٽرنيٽ تي ڪجهه نه ڪجهه مواد ته ضرور هوندو انگريزي ۾ هجن به ڪم کي هلائبو پر نوٽس وغيره ملي وڄن ته به ٺيڪ آهي سدائين گڏ
جواب: دوستو مون کي صحافت جي حوالي سان ڪتاب گهربل آهن ادا ڦلپوٽو صاحب جيسيتائين انگيزي ڪتاب جي ڳالھ آهي ته حاضر آهي انگريزي ۾ فري ڪتاب جي لنڪ ( لنڪ 1) ۽ بنيادي اصولِ صحافت لا اهو اردو ۾ ڪالم نظر مان گذريو آهي شايد آوهان کي فائدو رسي هن لا هي لنڪ آهي ۔ (لنڪ 2) ادا ڦلپوٽو صاحب بي بي سي وارن پڻ هن صحافت لا هڪ الڳ سيڪشن ٺاهيو آهي جنهن ۾ صحافت جي بنيادي سکيا فراهم ڪئي وئي آهي هن لا هي لنڪ آهي ۔ (لنڪ 3) اميد ڪريان ٿو ته اوهان کي ضرور فائدو پنهچندو ، سدائين گڏ
جواب: دوستو مون کي صحافت جي حوالي سان ڪتاب گهربل آهن محترم سائين سنڌي صحافت تي ڏهه ٻارهن ڪتاب سنڌي ٻولي ۾ موجو آهن: جن مان جناب عزيز الرحمان ٻڱهيو جو زخيم ڪتاب سنڌي صحافت جي تاريخ، جناب شيخ عزيز جو ڪتاب عملي صحافت ۽ جناب ڪريم بخش خالد جو به صهافت تي ڪتاب موجود آهي۔ هي ڪتاب سنڌ گريجوئيٽس ايسو سئيشن جي مرڪزي آفيس جي پروفيسر مظهي ميمڻ ريسورس سينٽر ۾ موجو د آهن ۽ مون وٽ به آهن۔ اوهان کي گهرجن ته ڏيان۔
جواب: دوستو مون کي صحافت جي حوالي سان ڪتاب گهربل آهن سائين افتۡخار چوهاڻ صاحب توهان جي وڏي مهرباني جو توهان هن حقير جي لا۽ اهڙي محنت ڪري لنڪس هٿ ڪيون توهان جي وڏي مهرباني مان انهن لنڪس کي چيڪس ڪريان پيو وڏي مهرباني ادا سائين ڪرم الاهي چنه صاحب سڀ کان پهريائين ته توهان جي وڏي مهرباني مون کي انهن ڪتابن جي اشد ضرورت آهي جيڪڏهن انهن کي ڪٿي اپلوڊ ڪري لنڪ شئير ڪريو به توهان جا قرب ٻيو ته سائين توهان ڪافي پري ٿئي پيا آهيون نه ته مان ته اصل هاڻي ئي توهان کان ڪتاب وٺڻ لا۽ توهان جو در کڙيان ها پر جيڪڏهن موڪلڻ جي عنايت ڪندا ته توهان جي ڪروڙين قرب ٿيندا سدائين گڏ
جواب: دوستو مون کي صحافت جي حوالي سان ڪتاب گهربل آهن فقير سائين سلام محترم ڊاڪٽر عزيز الرحمان جي لکيل ڪتاب سنڌي صحافت جي ارتقا ۽ تاريخ پڙهڻ لاء سنڌي ادبي بورڊ جي هن لنڪ تي ڪلڪ ڪري پڙهي سگهو ٿا۔ جڏهن ته سائين ڪرم الاهي چنه صاحب جي مهربانين سان مان شيخ عزيز صاحب جو لکيل ڪتاب عملي صحافت اوهان کي ٽي سي ايس ذريعي موڪليندس ڇو ته اهو انٽرنيٽ تي موجود ناهي۔ مهرباني ڪري اوهان پنهنجي ميلنگ ايڊريس مون ڏانهن ميسيج ڪيو۔
جواب: دوستو مون کي صحافت جي حوالي سان ڪتاب گهربل آهن ادا سائين ڪرم الاهي چنا صاحب جي مهرباني لک لائق سائين جا جن مون جي لا۽ اوهان کي اهڙو قيمتي تحفو ڏنو سندس لک لائق باقي ادا توهان کي مان پنهنجي ميلنگ ايڊريس موڪليان پيو سدائين گڏ