نثارناز
سينيئر رڪن
پيارا سنڌ سلامت جا ساٿيو ڪافي ڏينهن کان سنڌ سلامت جي شو بز وارو شعبو بلڪل خالي خالي نظر پيو اچي ڪنهن به قسم جي نئين ونڊ ڪان پئي ونڊي وڃي، مان به انهي سلسلي ۾ ڪافي سست ٿي ويو آهيان ان کان علاوه سنڌ سلامت جو شينهن عبدالغفور سمون مرڪزي فوٽو گرافر به الائي ڪهڙن خفن ۾ پئجي ويو آهي منهنجي سست ٿيڻ جا ڪافي سارا ڪارڻ آهن سڀ کان وڏي ڪارڻ اهو ته حاليه موتمار برساتن سبب سموري سنڌ رڳو آهون ۽ دانهون لڳي پئي هُئي خير هي ڪُجهه تصويرون سنڌ ترقي پسند پارٽي جي تعاون سان سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن تي نئين ٺهندڙ فلم جي شوٽنگ ٽنڊو محمد خان ۾ هلي رهي آهي ان ۾ سنڌ مشهور فنڪاره ( پٿر دنيا جي وڏيري سڪينه جو ڪردار نڀائيندڙ) سنڌي فنڪاره نوشين شيخ جون آهن جنهن سان فلم جي سيٽ تي ملاقات ٿي ڪافي ميچور ورسٽائل سنڌي فنڪاره آهي ، سنڌ جو درد رکندڙ هي فنڪاره سنڌ ڌرتيءَ لاءِ گهڻو ڪجهه ڪرڻ ٿي چاهي سنڌ جي هن فنڪاره جڏهن سنڌ جو ذڪر ڪيو ٿي ته سندس اکين مان ڳوڙها وهي نڪتا ٿي، مان نهايت ئي خوشي سان سندس ڪالهه رات نڪتل هي تصويرون توهان سڀني سنڌ سلامت جي ساٿين سان شيئر پيو ڪريان۔دل گهڻو ئي چاهيو ٿي نوشين شيخ صاحبه کان سنڌ سلامت واسطي ڪو انٽرويو ڪريان پر اسان جي مرڪزي فوٽو گرافر عبدالغفور سمون جي عدم دستيابي سبب ائين ڪري نه سگهيس۔ خير جيڪو حال حبيبان سو پيش پريان۔

پٿر دنيا جي وڏيرِي سڪينا(نوشين شيخ هڪڙي دلڪش انداز ۾

نوشين شيخ جو هڪڙو ٻيو دل لڀائيندڙ انداز

دنيا جهان ۾ ڇا پيو ٿئي ان لا اخبار پڙهڻ ضروري آهي نوشين شيخ جو اخبار پڙهندي واري تصوير ڪيئن ٿي لڳي۔






نوشين شيخ جا چند مختلف انداز

هڪڙِي ته پٿر دنيا واري وڏيري سڪينه نوشين شيخ آهي باقي ٻيو جهونو الائي ڪير آهي جيڪڏهن سُڃاڻوس ته لکي ڇڏجو ته ڪير آهي ۔