• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شاعري

ساعري

عيد ڀلاري خيمن اندر
ڳوڙها جاري خيمن اندر
ٻار کپائڻ جا هوڪا ٻڌ
او زرداري خيمن اندر
سکيا ماڻهو سير سفر تي
ٻکيا هاري خيمن اندر
راشن سارو دوڪانن تي
دال ۽ واري خيمن اندر
ويلي خاطر آڇ نه عزت تون
سنڌي ناري خيمن اندر
بيوس ماڻهو ڪهڙو پردو
شاه شڪاري خيمن اندر
فوٽون خاطر ليڊر تنهنجا
سڀ ساٿاري خيمن آندر
ڌات علي جي ڦٿڪي ڦٿڪي
دلڙي ڏاري خيمن اندر
علي چوهاڻ
u
 
کنوڻ ڪڙڪي برسات ڏسو
ڌرتي ِڇرِڪي برسات ڏسو
کِيمون ڄآئُو ِّخيمين اندر
ٿڙڪي ٿڙڪي برسات ڏسو
وڻ هڪڙي تي گڏجي ويٺا
باز ۽ جهرڪي برسات ڏسو
ٿي آ ٿوٻي ڀور لڏي ۾
لُڙهي دٻڪي برسات ڏسو
منهنجي سکي سنڌ سموري
سڏڪي ڦٿڪي برسات ڏسو
ٻار ڪتا سڀ ديڳن تائين
پهتا سهڪي برسات ڏسو
ڪو ته (علي)کي ساري ويٺو
آئي هڏڪي برسات ڏسو
(علي چوهاڻ کيبرائي)
 
Back
Top