سياسي جوڙ ٽوڙ جا حڪومت تي اثر

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عمران درويش سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏14 آڪٽوبر 2011۔

  1. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    سياسي جوڙ ٽوڙ جا حڪومت تي اثر

    سياسي حلقن ۾ محاذ موجوده صورتحال پيدا ٿيل ڏسي ملڪ جو ڪوئي به تاريخ دان اهو نه چوندو ته هيءَ حڪومت سندس پنج سال پورا ڪندي. پر ڪجهه ماڻهن جو اهو خيال آهي ته هيءَ حڪومت چار سال پورا ڪرڻ تي پهتي ڪيئن آهي. هن سڄي صورتحال کي آصف زرداريءَ جي سياسي مهارت(Political Awareness) چئجي يا ان کي حادثاتي سياست جو نالو ڏجي؟ ڇو ته هلندڙ وقت ۾ ڪراچيءَ واري پارٽي جيڪا حڪومت جي بيشمار منٿن ميڙن جي باوجود حڪومت ۾ شامل ٿيڻ تي راضي نه هئي اها هڪ شام مذاڪرات لاءِ تيار ٿئي ٿي ۽ انهيءَ تاريخ ۾ رات جو ساڍي يارهين بجي حڪومت ۾ سان اتحاد جو اعلان ڪيو وڃي ٿو. اهڙو ڪو جادوئي منتر هيو يا ڪو دٻاءُ هيو جنهن سبب ڪراچيءَ واري پارٽي حڪومت ۾ واپس اچي ويئي. فقط 20 ڏينهن پهريان ايئن لڳي رهيو هيو ته اپوزيشن جي هڪ وڏي حملي جي تياري ٿي رهي آهي جيڪا هن حڪومت کي پاڻ سان گڏ وهائي کڻي ويندي ۽ ڪراچيءَ واري پارٽي به اپوزيشن سان گڏ بيٺل هئي. پر ن ليگ کي اها خبر نه هئي ته سندن خوابن تي پاڻي پوڻ وارو آهي. هڪ ٽي وي ٽاڪ شو ۾ ڪراچيءَ واري پارٽيءَ جي قومي اسيمبليءَ جي ميمبر کي اهو چوندي ٻڌو ته هيءَ حڪومت عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي ۽ هي فيل ٿي چڪي آهي، عوام روڊن تي آهي. انهن جملن تي ن ليگ سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر سُکَ جا ساههَ ڀري رهيو هيو ۽ ها ۾ ها ملائي رهيو هيو. پر الائجي ڇا ٿيو فقط هڪڙي رات ۾ اهي سڀ شيون هڪ پاسي ٿي ويون ۽ بس رهيو ته ملڪ ۽ قوم جو وسيع تر مفاد.!!! اهو مفاد جنهن کي هميشه سنڌ ۾ اتحاد ٽٽڻ ۽ ٺهڻ ٻنهي عملن جو سبب بڻايو ويندو آهي. شايد هن دفعي به اهو ئي ملڪ ۽ قوم جو وسيع تر مفاد هيو جنهن ن ليگ جي خواب تي پاڻي ڦيري ڇڏيو ۽ هڪ دفعو ٻيهر ڪراچيءَ واري پارٽي حڪومت ۾ شامل ٿي ويئي. ان اتحاد جي فقط 24 ڪلاڪن کانپوءِ ئي مولانا فضل الرحمان جي پارٽيءَ به حڪومت جو اڻ سڌي طرح سان حمايت جو اشارو ڏيندي چونڊون پ پ سان گڏ ٿي وڙهڻ جو اعلان ڪيو. جنهن سان اپوزيشن (ن ليگ) اڪيلائيءَ جو شڪار ٿي پئي. ڊرامائي انداز ۾ تبديل ٿيندڙ سياست صدر زرداريءَ جي سياسي مهارت جو هڪ نمونو آهي. جيڪو ميان نواز شريف جي لاءِ حيران ۽ پريشان ڪندڙ آهي. صدر زرداريءَ ۽ نواز شريف ۾ ايترو فرق آهي ته صدر پنهنجي چال کي چپ چاپ هلائيندو آهي ۽ نواز شريف تنقيدي تقريرون ڪري سندس ايندڙ حڪمت عمليءَ جو اشارو ڏئي ڇڏيندو آهي. جنهن سان سندس سياسي مخالفن کي دفاعي لاه عمل (Defense Strategy) تيار ڪرڻ جو وقت ملي ويندو آهي. ان ڪري هر دفعي کيس نئين موقعي جو انتظار رهندو آهي. سنڌ ۾ سياسي اتحاد جي بحاليءَ کانپوءِ مختلف پارٽين جا وزير سندن مضبوطيءَ جي لاءِ سفارشن جي ايلفي استعمالي ڪندي نظر آيا ته ڪن کي وري اتحاد ڇڏڻ جي ڌمڪي ڏيندي ڏٺو ويو. هڪ آکيري ۾ سڄي وڻ جا پکي ته نه ويهي سگهندا آهن ان لاءِ هاڻي پکين جي تعداد کي نظر ۾ رکندي آکيري ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪرڻو پوندو. جنهن سبب سياسي پارٽين جي سربراهن کي اڳتي اچڻو پيو ۽ ان معاملي کي حل ڪرڻ جون ڪوششون شروع ڪيون ويون جيڪي اڄ سڀاڻي تائين پڄاڻيءَ تي پهچندي نظر اچي رهيون آهن. صدر جي دوست يعني ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جو به ملڪي سياست ۾ اهم ڪردار نظر اچي رهيو آهي. ڇو ته سندس هڪڙي پريس ڪانفرنس نيوز جي هيڊلائن تبديل ڪرڻ جي سگهه رکي ٿي. عدالتي فيصلي، ۽ سندس اسيمبليءَ جي استعفي منظور ٿيڻ کانپوءِ شايد اها عام سوچ هئي ته مرزا هاڻي ٿڌو ٿي (on Back Foot) ملڪي سياسي منظرنامي کان پوئتي هٽي ويندو. پر ايئن نه ٿيون عدالتي فيصلي کي هن اڻ پورو قرار ڏنو ۽ اسيمبليءَ جي استعفي جي منظوريء کي هن هٿڪڙين مان آزاديءَ جو نالو ڏنو. سينيٽ اليڪشن کان پهريان حڪومت جي لاءِ سڀ کان وڏو چئلينج اهو آهي ته هو ڪراچيءَ واري پارٽي جي اهم مطالبي يعني مشرف واري بلدياتي نظام کي اسيمبليءَ مان پاس ڪرائي وٺي. چئلينج ان لاءِ آهي ته مرزا حمايت ڪندڙ رڪنن ان بلدياتي بل جي مخالفت ۾ ووٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هڪ اندازي موجب ذوالفقار مرزا جي گروپ ۾ تقريبا 28 ايم پي ايز آهن جن ۾ 4 صوبائي وزير پڻ آهي. ان کان علاوه وفاق سان تعلق رکندڙ 3 ايم اين اي پڻ مرزا جا پوئلڳ آهن. شايد ڪجهه ماڻهن کي اهو ياد هجي ته جنهن وقت ڪمشنري نظام پاس ٿيو هيو ته ان تي فنڪشنل پاران حمايت ته پري جي ڳالهه آهي پر هنن ڪمشنري نظام کي سندن مطالبي جو نالو ڏنو ۽ لاڳو ڪرڻ تي حڪومت جا ٿورا مڃان ۽ ان سان گڏ اي اين پي به ان جي خوشيءَ ۾ دعوتون ڪيون. هاڻي سوال آهو آهي ته ڇا مرزا جو ٽولو فنڪشنل، اي اين پي ۽ ڪجهه ٻين رڪنن جي حمايت حاصل ڪري بلدياتي بل کي رد ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو؟ ۽ ان بل جي رد ٿيڻ سان حڪومتي اتحاد تي ڪهڙا اثر پوندا؟؟ شايد ملڪ ۽ قوم جي وسيع تر مفاد جا نعرا بلندي ٿيندا جيڪي اتحاد جي ٽٽڻ ۽ ٺهڻ وقت لڳندا آهن. پر جيڪڏهن اهو بل پاس ٿي ويو ته مرزا جي حامي ايم پي ايز جي سياسي مستقبل کي پڻ هاڃا رسي سگھن ٿا. جنهن سان ايندڙ وقت سنڌ ۾ پ پ ٻن ڌڙن ۾ ورهايل نظر اچي رهي آهي. جيڪو هڪ حادثاتي سياست جو منظرنامو هوندو ۽ صدر جي سياسي مهارت اهڙي قسم جي سياسي حادثي کي روڪڻ لاءِ پڻ ڳجها پتا کيڏي سگهي ٿو.
    عمران درويش سومرو
    I_darvesh@yahoo.com

    [​IMG]
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سياسي جوڙ ٽوڙ جا حڪومت تي اثر

    سهڻا درويش، اوهانجو تجزيو ته پنهنجي جا تي پر رات ئي گورنر اعلان ڪيو ته بلدياتي نظام واري بل کي اسيمبلي ۾ آڻڻ جي ضرورت ئي ناهي، بس هڪ آرڊيننس جي ذريعي ئي ڪم ٽپايو ويندو ۔۔۔ موجوده حڪمران ڪم ٽپائو، جڳاڙي ۽ تاريخ جا نااهل ترين آهن، هنن حڪمرانن کي عوام، قوم يا ڌرتي جهڙي ڪنهن به ڳالهه سان شناسائي ناهي ۔۔۔ ننڍڙي لئه هڪ ڪهاڻي پڙهندا هئاسون سندباد جو سفر، جنهن ۾ هڪ راڪاس سندباد جي ڪلهي تي ڪنهن بهاني سان چڙهندو آهي، پر پو لهڻ جو نالو ئي ناهي وٺندو، سو موجوده سنڌ جا سياستدان راڪاس جي صورت ۾ سنڌ جي ڪلهن تي چڙهي ويٺا آهن ۽ لهڻ جو نالو ئي نٿا وٺن ۔۔۔ الله خئير ڪندو ۔۔۔

    ”سڀ رڍون ٻوٿ ڪاريون“ ۔۔۔ سنڌ جو عوام (قوم) ۽ سنڌ جا اڳواڻ ۽ خوشحال طبقو تاريخ جي بدترين ڪردارن ۾ سامهون اچي چڪا آهن، ان اوندهه جي طوفان ۾ جيڪڏهن ڪا ڏيئي جي لاٽ اڀري به اٿي ته هڪدم اوندهه جي هوائن ۾ گل ٿيو وڃي ۔۔۔ پاڪستان جي سياست ۾ سنڌ جو ڀلو ٿيندو؟ اهو سوال تمام اهم آهي، اچو ته ان تي غور ۽ فڪر ڪريون ته ” کير الڳ پاڻي الڳ “ ٿي پوندو ۔۔۔

    هٿ مٿي آهن، ۽ هي دعا چپڙن تي آهي

    سائين! سدائين، ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
    دوست مٺا دلدار! عالم سڀ آباد ڪرين۔
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سياسي جوڙ ٽوڙ جا حڪومت تي اثر

    درويش اوهان جو سهڻو ليک ۔۔۔۔۔۔۔

    پر هاڻي ته خبر ناهي ڇو ماڻهو مرزا واري ڪهاڻي کي به زرداري صاحب جي راند پيا سمجهن۔ ڇو ته 30 ايم پي ايز ۽ ڇهن وزيرن جو مرزا جو ساٿ ڏيڻ ۔۔۔۔ ان جو مقصد ته پ پ پ پنهنجي ساک وڃائي ختم ٿي رهي آهي۔ پر شايد ان سڀ جي پٺيان ڪا ٻي راند آهي۔ زرداري صاحب وڏو کلاڙي آهي ۔۔۔۔ نتيجا پنهنجي حق ۾ ئي کڻي ويندو۔
     
  4. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سياسي جوڙ ٽوڙ جا حڪومت تي اثر

    پاڪستان جي سياست تمام خطرناڪ آهي ان سياست ۾ پاڪستان ته کپي يا نه کپي ليڪن سنڌ جا سياستدان سنڌ کي کپائي ئي ساهه کڻندا ڪراچي جي پارٽي ايڏي ته ڪوڙي فريبي آهي جو سندن بيانن مان ئي ڪافي معلومات ٿي چڪي آهي باقي اڳتي حڪومت جي ڪهڙي بنياد تي انهن سان اتحاد ڪري ٿي يقينا سنڌ جي ڪافي مفادن کي سندن وس ۾ ئي ڏيڻ جو واعدو هوندو جو ٿوري تي هو راضي ٿيڻ وارا نه آهن.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو