• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

لاکيڻي لطيف جي سُر سامونڊي مان هڪ بيت ۽ هڪ وائي

نثارناز

سينيئر رڪن
پيارا دوستو السلام عليڪم ، جيئي سنڌ ، نمستي، حق سچ جو پيغام لطيف سائين آهي ساري دنيا جي شاعري جو امام لطيف سائين آهي ،پياسن لاءِ پُرڪش جام لطيف سائين آهي ،هر دل ۾ مستو مست مُدام لطيف سائين آهي سنڌ سلامت جا ساٿيو لطيف سائين جو سُر سامونڊي به وڇوڙي جو هر ڀيرو هڪ نئون داستان ڇيڙيندو آهي جدائين جا سوين مٺا مٺا سُور ڏيندو آهي يقين نه اچيوَ ته سُر سامونڊي جي هر بيت ۽ وائي کي پڙهي ڏسو لطيف سائين جي سُر سامُونڊي مان هي نماڻو نجهرو نثار ناز توهان سڀني سنڌ سلامت جي ساٿين لا هڪڙو بيت ۽ هڪڙي وائي صفا غريباڻي چترڪاري ۾ ونڊ پيو ڪري اميد ته محبوبن جي وڇوڙن جي ياد تازي ڪري لطيفي فڪر کي سئو سئو سلاميون ڏيندا۔​

وائي

آيل ! ڪريان ڪيئن ؟
مُنهنجو نينهن اپليو نه رهي .

ويو وڻجارو اوهري،
مونکي چاڙهي چِيئن !
مُنهنجو نينهن اپليو نه رهي.

سامُونڊين جي سَگَ کي ،
رُئان راتو ڏينهن !
مُنهنجو نينهن اپليو نه رهي.

اُڏوهيءَ جيان ڏُکڙا،
چڙهيان چوٽِيءَ سِيئن !
مُنهنجو نينهن اپليو نه رهي.

گوندر مٿان جِندِڙِي ،
وريا وَلِيُن جييئن !
مُنهنجو نينهن اپليو نه رهي .

مادَرِ ! پائي مُنڊيُون ،
وڃان هادِي سِيئن !
مُنهنجو نينهن اپليو نه رهي۔
(حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح)


300840_10150363860968216_794048215_8276236_1683405128_n.jpg


بيت

اڄ پڻ وايون ڪَنِ، وڻجارا وڃڻ جُون،
هلڻ هارا سُپرين، رُئان تان نه رهن ،
آئون جهلِيندِي ڪيتري؟ آيل ! سامونڊين،
پَڳَہَ ڇوڙي جَنِ، ٻيڙا وِڌا ٻارِ ۾ (شاهه سائين)


313430_10150362839543216_794048215_8271037_472218746_n.jpg
 
جواب: لاکيڻي لطيف جي سُر سامونڊي مان هڪ بيت ۽ هڪ وائي

سائين نثار ناز سلام

لطيف سرڪار جي رسالي جي سُر سهڻي مان اوهان بهترين شاعريء جي چونڊ ڪري ان کي سهڻن رنگن سان سجائي اسان اڳيان پيش ڪيو آهي۔ لطيف سائين جي هن سُر ۾ لطيف سائين ونجارن ۽ انهن جي ونين جو ڇا ته پسمنظر پيش ڪيو آهي۔

اڄ پڻ وايون ڪَنِ، وڻجارا وڃڻ جُون،
هلڻ هارا سُپرين، رُئان تان نه رهن ،
آئون جهلِيندِي ڪيتري؟ آيل ! سامونڊين،
پَڳَہَ ڇوڙي جَنِ، ٻيڙا وِڌا ٻارِ ۾


مٿين سٽن تي سوچيو ته لطيف سائين ڪهڙي نه عجيب ڪيفيت بيان ڪئي آهي۔

توهان جي تمام سهڻي چترڪاري
 
جواب: لاکيڻي لطيف جي سُر سامونڊي مان هڪ بيت ۽ هڪ وائي

سائين لطيف جي لطف ڀري ٻولي سباحان الله۔ مهرباني اهڙي ونڊ ڪرڻ جي ادا۔
وسلام
 
Back
Top