ڏاڏل شينو
سينيئر رڪن
ڪجھ ڏينهن کان ذاتي مصروفيات و مشين جي خرابي جي ڪري سنگت کان پري رهيا سون جنهن جو احساس رهندو هو گهڻين شين کان محروم رهيا سون ۔ جنهن دواران سائين وساڻ صاحب و سائين قبلا محترم طاهر صاحب جن ياد به ڪيو پر مصروفيات اهڙي ڊگر تي هيون جو پنهنجي لاءِ به وقت نه ٿي مليو ۔ حضرت علي عه جو هڪ فرمانِ اطهر آهي ته رابطو هڪ اهڙو زريعو آهي جي غيرن سان رکجي ته پنهنجا ٿي ويندا آهن پر جي پنهنجن سان ڇڏي ڏجي ته غير ٿي ويندا آهن ۔ آءُ ٿورائتو آهيان هن اوطاق جوڙيبندڙ دوستن جو ۽ انهن دوستن جو جن هن جي سار سنڀال جي ذميداري پنهنجي سر کنئي آهي ۽ احسن خريقي سان نڀائي پڻ رهيا آهن جن هن فورم جي هڪ هڪ ساٿي کي ياد رکيو آهي الله هي اوطاقون هميشه شاد و آباد رکي ۔
وسلام
وسلام