• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڄ جو سوال۔۔۔۔ ؟؟؟

عرفان ديشي

سينيئر رڪن
پنهنجي ٻولي به صحيح نه پڙھي سگھندڙ ٻارن مٿان، چيني ٻولي سکڻ جو وزن رکي، چائنا جي خوش آمد حاصل ڪئي پئي وڃي، ٻارن جو مستقبل ويتر تباھ ٿيندو
ڏٺو وڃي ٿو ته جيتري قدر سنڌ اندر تعليمي درسگاھن جو حال آھي ته تنهن ۾ پوري طرح سان سنڌي ٻولي ڪونه ٿي پڙھائي وڃي، تازو ئي وري حڪومت پنهنجي پرو پيگنڊا جوڙي، سنڌ جي اسڪولن ۾ چيني ٻولي پڙھائڻ جو درجو اختيار ڪيو آھي، ها مڃون ٿا ته چيني ٻولي ڪار آمد آھي، پر حڪومت اھو سوچي اھڙا قدم نه کنيو آھي، حڪومت چائنا سامهون پاڻ وڻائڻ لا اھڙو قدم کنيو آھي،۔۔۔۔۔۔پنهنجي ٻولي به صحيح نه پڙھي سگھندڙ ٻارن مٿان، چيني ٻولي سکڻ جو وزن رکي، چائنا جي خوش آمد حاصل ڪئي پئي وڃي، ٻارن جو مستقبل ويتر تباھ ٿيندو
توهان ڇا ٿا سمجھو ته ڇا سنڌ جي اسڪولن ۾ چيني ٻولي جو هئڻ نقصان ڪار ثابت ٿيندو يا فائيديمند آھي
 
جواب: اڄ جو سوال۔۔۔۔ ؟؟؟

جيسيتائين ٻار جي سمجھ تي توجھ نه ٿو ڏنو وڃي تيسيتائين هر ترقي ناممڪن آهي اها ترقي انفرادي ته ٿي سگهي ٿي پر اجتمائي ترقي جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي ۔ وسلام
 
جواب: اڄ جو سوال۔۔۔۔ ؟؟؟

مان سمجهان ٿو ته چيني ٻولي پڙهائڻ مان ڪو نقصان ناهي پر فائدو ضرور آهي۔

سنڌي ٻولي ته اسان جي ٻارن کي اچي ويندي ۽ ان سان گڏ اردو به وقت سان گڏ سکيو وڃن، انگريزي هميشه مسئلا پيدا ڪيا آهن ان جو سبب استادن جي بهتر ٽريننگ نه هجڻ ۽ سٺو ماحول نه ملڻ پڻ آهي۔

اصل ۾ اهو فيصلو هڪ سياسي چال آهي جنهن ۾ چائنه جي اڳيان پاڻ وڻائڻ نه پر امريڪا کي اشارو آهي ته اسان هاڻي پنهنجو جهڪاء چائنه طرف پيا ڪيون

ٻار پنهنجي ٻاراڻي عمر ۾ ڪنهن به ٻوليء کي سکڻ جي گهڻي سگهه رکندو آهي۔ ڀلا جي چيني ٻولي سکي به ويو يا پڙهائي به وڃي ٿي ته اسان لاء ضرور فائدو ٿيندو۔
 
جواب: اڄ جو سوال۔۔۔۔ ؟؟؟

منهنجا خيال پڻ ادا سليمان سان اتفاق ٿا ڪن۔۔ اصل مسئلو اهو ناهي ته ڌاري ٻولي ٻار لاءِ اضافو وزن هوندو يا وري چين کي پاڻ وڻائڻ لاءِ اهو سڀ ڪجهه ڪيو پيو وڃي۔۔۔ منهنجي خيال ۾ ڪا به نئين ڳالهه يا ٻولي سکڻ سان فائدو ئي ٿيندو نقصان نه ٿيندو۔۔۔ اصل مسئلو آهي ته چيني ٻولي سيکاريندو ڪير ۽ جيڪڏهن موجوده استاد ئي سيکاريندا ته انهن جي ٽريننگ ڪيئن ٿيندي۔۔
اهو درست آهي ته اسان جا موجوده استاد گهٽ پگهارن ۽ معاشري جي مسئلن ۾ الجهيل رهن ٿا ان ڪري اڳ ئي تعليم جو ٻيڙو ٻڏل آهي ۽ وري جيڪڏهن انهن کي ئي چيني ٻولي سيکارڻ جو اضافي فرض ڏنو ويندو ته شايد پروجيڪٽ اڻپورو رهي۔۔۔
ان ڪري هن پروجيڪٽ ۾ منصوبا بندي جي گهٽتائي نظر ٿي اچي۔۔ جيڪڏهن حڪومت ادا سليمان جي ڳالهه وانگر آمريڪا کي ڪجهه اشارو ڏيڻ ڪري اهڙيون ڳالهيون ٿي ڪري ته پوءِ ته ڪجهه نتيجو نه نڪرندو پر جي واقعي سنجيده آهي ته ضرورت آهي اهڙن نون استادن جي ڀرتي ڪرڻ جيڪي خالصتن چيني ٻولي سيکارين اهڙن استادن کي چيني ٻولي سيکارڻ جي پهريان ٽريننگ ڏني وڃي ۽ جي اهڙن استادن کي اردو ۽ انگريزي ٻولي سيکارڻ جا اضافي فرض به ڏنا ويندا ته ڪم ٿي ويندو جو اسان جي اردو ٻولي به تمام گهڻي ڪمزور آهي۔۔۔ اهو ئي سبب آهي جو ڪيترائي قابل قومپرست سياستدان به اردو ميڊيا تي نه درست طريقي سان سوالن جا جواب ڏئي سگهندا آهن ۽ نه وري پنهنجو موقف ئي بيان ڪري سگهندا آهن۔۔۔
 
جواب: اڄ جو سوال۔۔۔۔ ؟؟؟

ادا عرفان ديشي

مون پاڻ ادا سليامن وساڻ جي خيالن سان متفق آهيان

اهو سٺو سنوڻ آهي ۽ جاري رهڻ گهرجي

سدائين گڏ
 
جواب: اڄ جو سوال۔۔۔۔ ؟؟؟

ادا سائين بلڪل اھا ڳالھ ته پنهنجي جڳھ تي آھي۔۔۔ جيڪڏهن چيني ٻولي پڙھائي وڃي ته سٺي ڳالھ آھي۔۔۔ ان سان اسان جي ايندڙ نسلن ۾ سٺو سوچ پيدا ٿيندي،،، پر مسعلو اھو آھي ته پڙھائيندو ڪير ؟؟؟
توهان ڏسو ته هينئر تائين سنڌ جي ڪنهن به اسڪول ۾ پوري صحيح طريقي سان انگلش نه پڙھائي وئي آھي۔۔۔ انگلش ته پري جي ڳالھ پر ڪجھ استاد نه اردو ڳالهائي سًن ٿا نه پڙھائي۔۔۔ اھو تجربو توهان پاڻ به ڪري سگهو ٿا۔۔۔ جيڪڏهن ٻارن جي مٿان چيني ٻولي جو زور وڌو ويو ته انهن جي بنيادي پڙھائي به هلي ويندي انهن جو زهن چيني ٻولي تي ٿي ويندو۔۔۔ مٿان استادن جو ڏنڊو هوندو۔۔۔ چيني ٻولي جيڪڏهن اسان جا ٻار سمجھي ئي نه سگهن ته ان جو فاعدو ڪھڙو ؟؟؟
 
جواب: اڄ جو سوال۔۔۔۔ ؟؟؟

اسان وٽ ته سنڌي ٻولي پوري طرح نٿي پڙهائي وڃي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پهريائين پنهنجي ٻولي صحيح نموني اڄڻ گهرجي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڌاريون ٻوليون سکڻ خراب ڳالهه نه آهي ۔۔۔۔۔۔۔پر حڪومت کي گهرجي ته پهريان مادر ء قومي ٻولي تهي توجح ڏئي
 
جواب: اڄ جو سوال۔۔۔۔ ؟؟؟

ٻولي ڀلي ڪهڙي به هجي سکڻ ضروري آهي جيڪڏهن اسڪولن ۾ چيني ٻولي شامل ڪئي وئي آهي ته صحيح آهي ڇو جو جئين اسان لا انگريزي سبجيڪٽ شامل ڪيل آهي تئين ئي چيني ٻولي صحيح آهي اسان جي ايندڙ نسل لا ان ڪري شامل ٿيئڻ گهرجي۔
 
جواب: اڄ جو سوال۔۔۔۔ ؟؟؟

ادا عرفان ديشي صاحب اسلام عليڪم۔چينئي ٻولي بلڪل ٻارن کي پڙهائڻ گهرجي ۽ اسان کي به سکڻ گهرجي۔ڇاڪاڻ ته اڄ ڪاله اسان جي بزنس تي چينئي شيئن جو غالبو آهي۔هتان جو لوڪل ماڻهو چين وڃِي اتان سستي اگهه تي شيون ٺهرئي ملڪ ۾ آڻي وڪڻن ٿا۔جڏهن انهن دوستن کان مشڪلاتون جيڪي انهن کي چين ۾ درپيش اينديون اهن جي باري ۾ پڇندا آهيون ته هو هڪدم ٻولي جو نه اچڻ ٻڌائيندا آهن جنهن جي ڪري هو صحيحي انداز ۾ اتان جي مينوفيڪچرر کي ڳاله نه سمجهائي سگهندا آهن ۽ مجبورن هنن کي ٽرانسلٽر جون خدمتون حاصل ڪرڻيون پونديون اهن جن تي هنن جو ڪجه پسئو خرچ ٿيندو آهي۔ٍجڏهن انگريزي جيڪا پڻ اسان جي لاء ڌاري ٻولي آهي اسڪولن ۾ پڙهائي ٿي وڃي ته چيئني زبان ڇو نه۔ٻار جو ذهن الله پاڪ ايڏو ته وسيع ڪيو اهي جو هو آساني سان چيئني ٻولي اسڪول ۾ پڙهي ۽ سکي سگهي ٿو۔لازمي گورنمنٽ ٽرينڍ استادن جون خدمتون حاصل ڪندي چيئني ٻولي پڙهڻ لاء۔
 
جواب: اڄ جو سوال۔۔۔۔ ؟؟؟

او منهنجا پيارا ڀائرو۔۔۔۔ مان چيني ٻولي ج مخالفت نٿو ڪيان۔۔۔ بلڪل چيني ٻولي پڙھائي وڃي۔۔ توهان سنڌ جي اسڪولن ۾ وڃو انهن ۾ پوري طرح سان پنهنجي قومي ٻولي سنڌي جا سبجيڪٽ نٿا پڙھايا وڃن۔ ته چيني ٻولي جو زور ٻارن تي رکيو ويو آھي اھي ڪنٽرول ڪيئن ڪندا۔۔۔ اھو ته استادن تي ڊپينڊ ٿو ڪري ته اھي چڱي طرح ٻولي کي ڪور ڪن۔۔۔ پر جيڪڏهن پنهنجي ملڪ ۾ پنهنجي ٻولي آساني سان نٿي پڙھائي سگھجي حڪومت چيني ٻولي جو بار ڪيئن وڌو، حڪومت کي گھرجي ته سڀ کان پھرين پنهنجي ٻولي کي سڌارين ان کي بهتر نموني سان پڙھائين پوء ٻيون ٻوليون پڙھايون وڃن، اسان ان مطالبي کي اگنور ڪري ڇڏيو اھي اھو غلط اھي۔۔۔ پھريان پنهنجي ٻولي پڙھائي وڃي پوء ٻيو درست آھن
 
جواب: اڄ جو سوال۔۔۔۔ ؟؟؟

او منهنجا پيارا ڀائرو۔۔۔۔ مان چيني ٻولي ج مخالفت نٿو ڪيان۔۔۔ بلڪل چيني ٻولي پڙھائي وڃي۔۔ توهان سنڌ جي اسڪولن ۾ وڃو انهن ۾ پوري طرح سان پنهنجي قومي ٻولي سنڌي جا سبجيڪٽ نٿا پڙھايا وڃن۔ ته چيني ٻولي جو زور ٻارن تي رکيو ويو آھي اھي ڪنٽرول ڪيئن ڪندا۔۔۔ اھو ته استادن تي ڊپينڊ ٿو ڪري ته اھي چڱي طرح ٻولي کي ڪور ڪن۔۔۔ پر جيڪڏهن پنهنجي ملڪ ۾ پنهنجي ٻولي آساني سان نٿي پڙھائي سگھجي حڪومت چيني ٻولي جو بار ڪيئن وڌو، حڪومت کي گھرجي ته سڀ کان پھرين پنهنجي ٻولي کي سڌارين ان کي بهتر نموني سان پڙھائين پوء ٻيون ٻوليون پڙھايون وڃن، اسان ان مطالبي کي اگنور ڪري ڇڏيو اھي اھو غلط اھي۔۔۔ پھريان پنهنجي ٻولي پڙھائي وڃي پوء ٻيو درست آھن

سائين ديشي صاحب اسلام عليڪم اميد ته خوش هوندا ۔
جي مٿين پيراگراف کي ڏسجي ته اوهان کي پنهنجي سوال کي بدلڻ گهرجي ۔ جي اسان جي اسڪولن ۾ اسان جا استاد پنهنجي ذميداري کان غافل آهن ته سوال به ان مطلق ڪيو وڃي نه ڪي سوال اهو ڪيو وڃي ته اسان جي اداران ۾ اسان جا ماڻهون فرض شناس ناهن انهن جو ڪهڙو حل ڪڍيو وڃي ۔وسلام
 
جواب: اڄ جو سوال۔۔۔۔ ؟؟؟

جي موضوع بڻايو وڃي ته ڌاري ٻولي سکڻ جي ضرورت ڪڏهن پوندي آهي ته ان جي اسباب کي ڏسندي اسان کي پنهنجي ٻارن کي چيني پڙهائڻ گهرجي ۔
وسلام
 
جواب: اڄ جو سوال۔۔۔۔ ؟؟؟

پنهنجي ٻولي به صحيح نه پڙھي سگھندڙ ٻارن مٿان، چيني ٻولي سکڻ جو وزن رکي، چائنا جي خوش آمد حاصل ڪئي پئي وڃي، ٻارن جو مستقبل ويتر تباھ ٿيندو

توهان ڇا ٿا سمجھو ته ڇا سنڌ جي اسڪولن ۾ چيني ٻولي جو هئڻ نقصان ڪار ثابت ٿيندو يا فائيديمند آھي

ادا سڀني دوستن پنهنجا بهترين رايا پيش ڪيا منهنجي به اها ئي راءِ آهي ته تعليمي حوالي سان اگر ڪنهن ٻولي جو ڪورس ۾ اضافو ڪيو ٿو وڃي ته اهو تمام سٺو سنئوڻ آهي البته اوهان جو اعتراض پنهنجي جاءِ تي باقي آهي ته جيڪي استاد پنهنجي ٻولي ڍنگ سان نه ٿا پڙهائي سگهن اهي ڌاري ٻولي ڪيئن پڙهائيندا، ان جو حل حڪومت اڳ بيان ڪري چڪي آهي ته پهريان استادن کي ٽريننگ ڏني ويندي ۽ پوءِ اهي اچي چيني ٻولي پڙهائيندا، البته ڪم ڏاڍو ڏکيو آهي وقت اچڻ تي ڏسندا سين ته اهو مسئلو ڪيئن ٿو حل ٿئي، باقي حڪومت جو اهو فيصلو تمام سٺو آهي جنهن تي هرو ڀرو به تنقيد نه ڪرڻ گهرجي، استاد اگر سنڌي پڙهائڻ ۾ ڪوتاهي ڪن ٿا ته اهو انهن جو عمل آهي ۽ ڪا به حڪومت ناهي چاهيندي ته اهڙا عمل انجام ڏنا وڃن، وري حڪومت هر ڪنهن تي ڏنڊو به نٿي کڻي سگهي، هڪ سماج ۾ هر ماڻهو پنهنجي ذميداري کي سمجهي ۽ سهڻي نموني ادا ڪري اهو ان جو اخلاقي ۽ سماجي فرض آهي
 
Back
Top