پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ ايم بي سنڌي سافٽ وئير انسٽال ڪريو! مائيڪروسافٽ ونڊوز ايڪس پي ۾ پراڻين ونڊوز جي مقابلي ۾ ڪيترائي نوان فيچرز متعارف ڪرايا ويا. جن ۾ ڪسٽمائز ڪيبورڊ سسٽم پڻ آهي. جيتوڻيڪ اِهو فيچر ونڊوز 2000 ۾ پڻ موجود آهي پر ونڊوز ايڪس پي ۾ انهيءَ فيچر کي اڃان به وڌيڪ موثر بڻايو ويو آهي. ڪمپيوٽر ۾ سنڌي لکڻ لاءِ ڪيترائي سافٽ وئير استعمال ڪيا ويندا آهن جنن ۾ خطاط ۽ ان پيج سرِفهرست آهن. پر ”ايم بي سنڌي“ سافٽ وئير جي اچڻ سان انهن جو استعمال آهستي آهستي گهٽ ٿي رهيو آهي. انهيءَ جا ڪيترائي سبب آهن جنن ۾ هڪ اهم هيءُ به آهي ته ”ايم بي سنڌي“ مڪمل يونيڪوڊ بيسڊ آهي تنهن ڪري انهن جي فونٽس جي تعداد به ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي. ٻيو اِهو ته هيءُ سافٽ وئير مڪمل طور تي فري وئير آهي ۽ توهان انهيءَ کي بلڪل مفت استعمال ۽ ڊسٽريبيوٽ ڪري سگهو ٿا. هيٺ اسين ايم بي سنڌيءَ کي ونڊوز ايڪس پي ۾ انسٽال ڪرڻ جو طريقو تحرير ڪريون ٿا. ياد رهي ته ايم بي سنڌيءَ سافٽ وئير کي ونڊوز ايڪس پي ۾ انسٽال ڪرڻ لاءِ توهان کي ”ونڊوز ايڪس پي“ جي سي ڊي ضرور کپندي. ھاڻي توهان هن لنڪ تي وڃو هن ۾ تصويرن سان سموري سمجھاڻي ڏنل آھي سنڌي لنڪ
جواب: ڪمپيوٽر تي سنڌي کي ڪيئن انسٽال ڪجي؟ مڪمل تصويرن سان گڏ سمجهاڻي Not Found The requested URL /SindhSalamatFont.exe was not found on this server. Additionally, a 404 Not Found error was encountered while trying to use an ErrorDocument to handle the request. Apache Server at sindhsalamat.com Port 80 سائين هي مصيبت منهن ڪڍيون بيٺي آهي جنهن وقت سنڌي فونٽ انسٽال ڪرڻ جي ڪمانڊ ڏجي ٿي ۔وسلام
جواب: ڪمپيوٽر تي سنڌي کي ڪيئن انسٽال ڪجي؟ مڪمل تصويرن سان گڏ سمجهاڻي مهرباني ادا عرفان سنڌ سلامت تي به اڳ اهڙي قسم جي شيئرنگ ڪئي هئي جنهن مان دوستن فائدو حاصل ڪيو هو۔ هن لنڪ تي ڪلڪ ڪري اوهان وڌيڪ تفصيل پڙهي سگهو ٿا ۽ وڊيوز به ڏسي سگهو ٿا۔
جواب: ڪمپيوٽر تي سنڌي کي ڪيئن انسٽال ڪجي؟ مڪمل تصويرن سان گڏ سمجهاڻي حالانڪه هي موضوع ايم بي سنڌي پروگرام کي انسٽال ڪرڻ جو آهي پر لڳي ٿو توهان سنڌ سلامت فورم تي صلاح ۾ ڏنل سنڌ سلامت فونٽس جو ذڪر ڪري رهيا آهيو ۔۔ ان سلسلي ۾ عرض ته لنڪ درست ڪيو ويو آهي ۔۔ هن دفعي برائوزر کي ريفريش ڪريو ۽ سنڌ سلامت صلاح تي ڪلڪ ڪري سنڌ سلامت فونٽس تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔اميد ته لنڪ ڪم ڪندڙ هوندو۔۔۔
جواب: ڪمپيوٽر تي سنڌي کي ڪيئن انسٽال ڪجي؟ مڪمل تصويرن سان گڏ سمجهاڻي ادا سليمان بلڪل توهان جي ڳالھ صحيح آھي۔۔۔ اصل ۾ مان ان موضوع کي ڏٺو ڪونه هئو۔۔۔ ۽ هون به اسان جا ڪٍ دوست ان مصيبت جي ور چڙھيل آهن۔۔ اھا ويبسائي ًڻن ڏينهن کان منهنجي نظر ۾ هئي۔۔ ته سنگت سان ونڊ ڪجي۔۔ ڇو ته وڊيو ۾ به ڪجھ دوست منجھي ٿا پون۔۔ ان ڪري مان هي شيئرنگ ڪئي آھي ادا۔۔۔
جواب: ڪمپيوٽر تي سنڌي کي ڪيئن انسٽال ڪجي؟ مڪمل تصويرن سان گڏ سمجهاڻي صحيح آ ادا سٺي شئرنگ آهي۔۔۔۔۔۔۔۔