دوستو سلام
مخدوم محمد زمان طالب المولا جي شاعري پيش ڪجي ٿي۔ اميد ته دوستن کي پسند ايندي۔
غلط راهن تي اڪثر ٿو کڻي هرڪو قدم پنهنجو
جو اڄ ڪلهه پيشوائن جا اهي ويچار مٽجي ويا.
پيڻ کان پوءِ وڦلڻ جو اچي ٿو دؤر اي همدم
اهي ساقي بدلجي ويا اهي ميخوار مٽجي ويا.
پراون تي ڀلا ڪهڙيون ميارون طالب الموليٰ
هو ننڍپڻ جا ئي ساٿي نيٺ ڪارا وار مٽجي ويا.
ٿيا زيب چمن سي گل نه آهي جن ۾ ڪا خوشبو،
ڪجي ڇا گلستانن جا سمورا باغبان بدليا.
نٿا پهچي سگهن منزل تي قومي قافلا اڄ ڪلهه،
سبب هي آهي جو آهن امير ڪاروان بدليا.
عمل ظاهر ۾ هڪڙو قوم جو باطن ۾ رمزون ٻيون،
ڀلا ڪيئن روح پيدا ٿئي جو سڀ روح روان بدليا.