جڏهن ڪو ظالم يا بي عقل حاڪم ٿيندو آهي، تڏهن ان جي حڪومت جو جلد ئي زوال اچي ويندو آهي، يا جڏهن ڪو حاڪم، رعيت جي حال کان غافل ۽ بي پرواھ رهندو آهي، تڏهن ان جي دور ۾ ظلم ۽ مصيبت حد کان وڌيڪ لنگهي ويندا آهن. اهڙي وقت لاءِ ائين چئبو آهي. ڳالھ ڪندا آهن ته هڪڙو گُرو، پنهنجي چيلي سان گڏ، تيرٿ ڪندو، هڪڙي ڳوٺ ۾ اچي پهتو، جنهن جو نالو ”انڌيري نگري“ هو. گروءَ، پنهنجي چيلي کي کاڌي پيتي جي شين خريد ڪرڻ لاءِ بازار ڏانهن موڪليو چيلي وڃي ڏٺو ته مار! هتي ”ڀاڄي“ به ٽَڪي سير ته ”کاڄا“ به ٽڪي سير! هن ڇا ڪيو، جو ٽڪي ۾ کاڄن جو سير خريد ڪري، پنهنجي گُروٰٰءَ کي اچي، چيائين ته ”گُرو جِي، هت ڏاڍو مزو آهي، هر هڪ شيءِ ٽڪي سير! ڏس، مان به ٽڪي ۾ کاڄن جو سير وٺي آيو آهيان، تنهنڪري ڪجھ وقت ته هِت رهي، موج ڪرڻ کپي. ڇڏيو تيرٿ ياترا جي پچر (جند) ! ههڙا سک ڪٿي نه ملندا.“ گُروءَ نهايت سياڻو هو، سو کيس چوڻ لڳو ته ”ڀائي، هن شهر جو نالو ئي ”انڌير نگري“ آهي، هِت رهڻ، خطري کان خالي نه آهي. هونءِ به ساڌن کي هڪ هنڌ ديرو دَمائڻ ٺيڪ نه آهي. چوندا آهن ته : ساڌو رَمندو ڀلو، پاڻي وَهندي ڀلو. مگر چيلو چوي ته ”آءُ هرگز نه هلندس“. گروءَ گهڻو ئي سمجھايس، پر چيلو پنهنجيءَ تي ٿي بيٺو! آخر گرو لاچار ٿي هليو ويو. چيلو، اُتان جا گِههَ مَلِيدا کائي، دُنبو بڻجي پيو. هڪڙي دفعي، ڪنهن ڏُٻري ماڻهوءَ تي خون جو الزام ثابت ٿيو. تنهنڪري کيس ڦاسيءَ جي سزا ملي هئي. پر اتفاق اهڙو بڻيو، جو مجرم جي ڳچيءَ کان، ڦاسيءَ جي سِرڪَڻ (ڦندو) ويڪري هئي، جنهنڪري راجا حڪم ڪيو ته : ”ڪو ٿلهو متارو ماڻهو آڻيو، جنهن کي هن جي بجاءِ ڦاسيءَ تي لَٽڪايو وڃي!“. ڳولا ڪندي، حلوائي جي دُڪان تان، چيلي کي کاڄا خريد ڪندي، ڏٺو ويو، جنهن کي پڪڙي وٺي آيا. چيلي اهڙو انڌير ڏسي، گهڻو پڇتايو ۽ گُروءَ جا وَچَن ياد آيس. هوڏانهن گروءَ کي به کُڙڪ (خبر**) پئجي ويئي، سو هڪدم ڦاسيءَ جي تختي تي پهچي ويو. گروءَ ڦاسيءَ ڏيندڙن کي چيو ته، ”هن وقت، ڦاسيءَ تي چڙهڻ جو حق منهنجو آهي، تنهنڪري ڦاسي، منهنجي ڳچيءَ ۾ وجھو“. سپاهين پڇيو ته، ”ڇو؟“ گروءَ جواب ڏنو ته، ”هن شُڀ سميه ۾ جنهن کي ڦاسي ايندي، سو سِڌو سُرڳ ۾ ويندو، شاسترن ۾ به ائين لکيل آهي سو: گروءَ کان اڳ ۾، چيلي کي سُرڳ ۾ وڃڻ جو ڪو حق ڪونهي. چيلو، گروءَ جي مام پروڙي ويو. رڙ ڪري چيائين ته ”نه، گروءَ جِي نه، مان ئي ڦاسيءَ کائيندس، ڇاڪاڻ ته سپاهين مون کي ئي پڪڙيو آهي ۽ نه اوهان کي!“ گروءَ چيلي کي گهڻو ئي سمجھايو ته ”ساڌن کان سواءِ، ٻيو ڪوبه سرڳ جو حقدار ٿي نٿو سگهي،“ پر هنن جي ڳالھ ڪنهن به نه ٻڌي، اها راجا کي خبر ڏنائون. جڏهن راجا اها ڳالھ ٻڌي ته سرڳ هٿ ڪرڻ جو هي ئي شُڀ سميه آهي، تڏهن چيائين ته: ”بس مون کي ڦاسي ڏيو!“ آخر راجا کي ڦاسي آئي، پر ”شڀ سميه“ سبب ٻيا به ڪيترا سرڳ جا شائق، اتي ڦاسيءَ تي چڙهندا ويا! جڏهن گروءَ ڏٺو ته گهڻائي پاپي ناس ٿي ويا آهن، تڏهن چيائين ته ”هينئر اهو شُڀ سميه سَماپَت ٿي ويو آهي، تنهنڪري وڌيڪ ٻيو ڪوبه ڦاسيءَ تي نه چڙهي.“ پوءِ گروءَ چيلي کي چيو: ” هن وقت ئي هتان ڪُوچ ڪرڻ گهرجي. هاڻي تو ڏٺو ته هت ڪهڙو نه انڌير لڳو پيو آهي!“. هن حڪومت عوام ۾ به عوام سان اهڙوئي آزار آهي۔۔۔۔۔۔۔
جواب: انڌير نگري، چرٻٽ راجا ٽڪي سير ڀاڄي، ٽڪي سي پر ادا عرس هت ته ڪو گرو ڦاسيء تي چڙهڻ لاء تيار ئي ڪونهي سڀ پليدا کائي متاري ٿيڻ جي چڪر ۾ آهن ڪو منتر هجيوَ ته ڏيکاريو هتي به کوڙ پاپي آهن انهن سڀني کي سرڳ ۾ پهچائڻ جو ڪو جوڳو بندوبست ٿيڻ گهرجي۔
جواب: انڌير نگري، چرٻٽ راجا ٽڪي سير ڀاڄي، ٽڪي سي ادا عرس دعا ڪر ته ڪو اهڙو گرو اچي باقي ڳالهه چرچي کان چڙهيل آهي لاجواب ونڊ آهي جاري رکجو سدائين گڏ