17 آڪٽوبر ٽوڙهي ڦاٽڪ سانحي جي مناسبت سان!

'مختلف موضوع' فورم ۾ عرفان ديشي طرفان آندل موضوعَ ‏17 آڪٽوبر 2011۔

  1. عرفان ديشي

    عرفان ديشي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    212
    ورتل پسنديدگيون:
    78
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پڙهائي
    ماڳ:
    ڪراچي



    [​IMG]



    قدم قدم تي شهادت گهڙيءَ گهڙيءَ ورسي

    ساجد چانڊيو

    ڄ وري سنڌ جي انهن سڄڻن جي سار دل ۾ واهيرا ڪري وري آئي آهي، جن سنڌ جي سڄڻن پنهنجا ساهه ڏيئي ويساهه پختا ڪيا. توڙي جو انهن سڄڻن کي 27 ورهيه اچي ٿيا آهن، پر پوءِ به سندن وڇوڙي جو سور اسان جي دل ۾ اڄ به تازو آهي. انهن جي المياتي وڇوڙي تي اڄ به سنڌ جا سڄڻ اوڇنگارون ڏئي رهيا آهن، جڏهن جڏهن آمريتي دؤر آيا ته انهن ڏنڊي جي زور تي ئي حڪومت هلائڻ کي بهتر طريقو سمجهيو آهي، پر شيخ اياز چواڻي ته ”تون ڪنهن ڪنهن کي خاموش ڪندين“ جيئن ڪيترن جوڌن پنهنجون جوانيون وڃائي ’ديس‘ مٿان سر گهور ڪيو آهي. 17 آڪٽبر 1984ع تي ٽوڙهي ڦاٽڪ ضلعي دادو ۾ پيش آيل سانحو اڄ به انصاف طلبي رهيو آهي. ٽوڙي ڦاٽڪ وارو علائقو اهو علائقو آهي، جتي ڪنهن به دهشتگرديءَ جو ڪو خطرو نه هو ۽ نه ئي وري بدامنيءَ جي ڪا ڳالهه هئي. هڪ سوچيل سمجهيل ۽ سازش تحت وردي پهريل هٿياربند ويهاري سنڌ جي اٿندڙ آواز کي ماٺو ڪرڻ لاءِ اهڙن شاگردن جا جسم گولين سان پروڻ ڪيا ويا.

    هي واقعو جنرل ضياءُ جي مارشل لا واري دور ۾ پيش آيو، جنهن 1977ع ۾ پ پ پ جي عوامي حڪومت کي هڪ سازش تحت ختم ڪري آمريت مڙهي ۽ ساڳي وقت مزاحمت ڪندڙ هڪ طبقي کي تشدد ۽ جبر جو نشانو بڻايو ويو، انهيءَ دور ۾ سازش تحت سنڌ جا تعليمي ادارا تباهيءَ جي ڪناري آندا ويا، ڪلاشنڪوف ڪلچر عام، ڌاڙيل پئدا ٿيا ۽ ڳجها هٿ سنڌ دوست نوجوانن کي به نشانو بڻائڻ ۾ مصروف هئا. ان جو وڏو ثبوت ٽوڙي ڦاٽڪ وارو واقعو آهي، جيڪو 17 آڪٽوبر 1984ع تي سنڌي شاگردن سان پيش آيو، علم جي سرزمين ڄامشوري جي سنڌ يونيورسٽيءَ، مهراڻ يونيورسٽيءَ ۽ لياقت يونيورسٽي ءَجا ڳڀرو شاگرد جڏهن لاڙڪاڻي جي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ نون شاگردن کي مان ۾ ڏنل آجياڻي تقريب ۽ ”موهن جو دڙو بچايون“ سيمينار ۾ شرڪت لا يونيورسٽيءَ جي بسن ۾ نڪتا ته رستي ۾ مانجهند ڀرسان ٽوڙي ڦاٽڪ بند هئڻ سبب کين ترسڻو پيو، اوچتو خاڪي ورديءَ ۾ هڪ آفيسر آيو، جنهن بسن کي ٽوڙهي واري ميدان ۾ لاهڻ جو حڪم ڏنو، شاگردن ان خاڪيءُ ورديءَ ۾ مبلوس آفيسر کان سبب پڇيو پر ان دوران اوچتو اوسي پاسي ۾ لڪل وردي پاتل بگهڙن شاگردن جي بسن تي شديد فائرنگ ڪري ڏني. ان قهري ڪارروائيءَ ۾ ٻئي بسون تباهه ٿيون ۽ زخمي شاگردن جا ست ماڙ جڙي ويا ۽ فائرنگ جاري رهي، نتيجي ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جا ٻه شاگرد انور عباسي، امان الله وسطڙو، مهراڻ يونيورسٽيءَ جا ٻه شاگرد عبدلمالڪ خشڪ ۽ ذڪريا ميمڻ شهيد ٿي ويا. انهن چئني شاگردن سان گڏ بس جو ڊرائيور مٺو بليدي پڻ شهيد ٿيو ۽ ٻين سڀني شاگردن کي جسم تي گولين ۽ شيشن جا زخم رسيا. اهو منجهند جو وقت هو، پر وحشي سوچ رکندڙ انهن اهلڪارن طبي امداد ڏيارڻ بجاءِ ڪجهه شاگرد اڳواڻن کي پٽ تي زخمي حالت ۾ اونڌو سمهاري مٿن وڌيڪ تشدد ڪيو ۽ شهيدن جا لاش شام تائين اتي ئي پيل هئا زخمي شاگردن کي اسپتال بجاءِ گرفتار ڪري سينٽرل جيل حيدرآباد ۽ نارا جيل موڪليو ويو. افسوس ته اهو جو ان قيامت خيز واقعي کي ڪوڙو رنگ ڏيئي سرڪاري ٽي ويءَ تان خبر نشر ڪئي وئي ته انهن بسن ۾ ڏوهاري هئا. جن ٽوڙي ڦاٽڪ وٽ بيٺل پوليس تي بلاجواز فائرنگ ڪئي ۽ جوابي فائرنگ سان گڏ پنهنجي فائرنگ ۾ سندن 5 ساٿي مارجي ويا. پر اهو ڪوڙ جٽادار ثابت ٿي نه سگهيو ۽ صبح سان ئي اصل حقيقت سڄيءَ سنڌ ۾ ڦهلجي ويئي ته اهي ڏوهاري نه پر سنڌ، مهراڻ يونيورسٽي ۽ لياقت ميڊيڪل ڪاليج جا شاگرد هئا. ان واقعي خلاف غم ۽ غصي ۾ عام ماڻهو به مزاحمت ۾ روڊن تي نڪري آيا ۽ ڪيترائي ڏينهن سوڳ ۾ تعليمي ادارا بند رهيا. ان ردعمل ۽ عوامي دٻاءُ سبب بسن مان گرفتار ڪيل شاگردن کي آزاد ڪيو ويو، جن ۾ گل محمد جکراڻي، ستار موريو، اقبال تنيو، ڊاڪٽر دودو مهيري، عمر زرداري، ڪامريڊ نذير تنيو، معشوق شيخ (آتش سنڌي) ۽ سڪندر ميراڻي کي قيد رکيو ويو، هي مشهور ڪيس ”ٽوڙهي ٽربيونل“ جي نالي سان مشهور ٿيو، ۽ ناليواري قانوندان يوسف لغاري وڙهيو، جيڪو ڪيس نامياري جسٽس (ر) عبدالسلام ٿهيم هلايو، جيڪو ڪيس اڳتي هلي ڪوڙو ثابت ٿيو. ڪورٽ سڳوري اها ڳالهه مڃي ورتي ته اهو واقعو غلط ۽ هڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت ٿيو ۽ فيصلو شاگردن جي حق ۾ آيو. عدالت جي فيصلي بعد گرفتار ٿيل سمورا شاگرد آزاد ڪيا ويا، پر افسوس انهيءَ ڳالهه جو آهي ته هن واقعي جي مک جوابدار ميجر عزيز عباس کي 23 مارچ 1985ع تي ان وقت جي صدر طرفان ”تمغه رسالت“ جي اوارڊ سان نوازيو ويو.

    ڪي جهڪيا ڪي وڪيا، ڪن ڪئي ڪن لاٽار،

    سيد تنهنجا ”ڏنگا ٻار“ اڄ به اوچي ڳاٽ سان.

    سن جي سيد جا اهي ڏنگا ٻار اڄ به ههڙيون ڏنگايون ڪرڻ پنهنجو فرض ۽ ايمان سمجهن ٿا، سندن پير توڙي جو پٿون ٿي ويل آهن ۽ رتورت آهن، پر پوءِ مرشد لطيف جي هن بيت تي عمل پيرا آهن:

    ڪنڊا مون پيرين، توڙي لک لڳن،

    آڱر آڱوٺين نه مڙي، ڇپون پير ڇنن،

    چيچن مان چيهون ڪري، ريلا رت وهن،

    ته به ويندي ڏانهن پرين، جُتي جات نه پائيان.

    sajidzchandio@gmail.com
    ــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ
    ڪالهوڪي عوامي آواز جي سنڊي مئگزين مان ورتل
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏17 آڪٽوبر 2014
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: 17 آڪٽوبر ٽوڙهي ڦاٽڪ سانحي جي مناسبت سان!

    ٽوڙهي ڦاٽڪ جي شهيدن کي سلام ۔۔۔۔۔۔

    حق جي لاء جدوجهد هر دور ۾ رهي آهي ۽ رهندي۔ سنڌ جي اهڙن جوڌن کي سلام آهي جيڪي سنڌ ڌرتيء لاء پنهنجي جان به جوکي وجهندا رهيا آهن۔
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: 17 آڪٽوبر ٽوڙهي ڦاٽڪ سانحي جي مناسبت سان!

    سلام آهي سنڌ جي شهيدن کي!

    پر افسوس جو انهن شهيدن جي خون تي وڌي وڻ ٿيل اڳواڻن سنڌ سان وفا ڪانه ڪئي ۽ هن وقت ٽوڙهي ڦاٽڪ جي اسيرن مان ڪو به اهڙو اڳواڻ ناهي جيڪو سنڌ ۽ سنڌيت لئه پاڻ پتوڙيندو هجي ۔۔۔ افسوس صد افسوس ۔۔۔ جڏهن ته ان واقعي کانپو پوري قوم ٽوڙهي ڦاٽڪ جي واقعي جي ندا ڪئي هئي ۽ ٽوڙهي جي اسيرن جي آزادي تي کين ايترو ته مان ڏنو هو جو اهي نوجوان چاهن ها ته سنڌ کي هڪ مٺ ڪري سنڌ جي آزادي جي راهه هموار ڪري سگهن ها ۔۔۔ پر وري به افسوس جو ائين نه ٿيو ۔۔؟؟؟؟؟

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄ وري 17 آڪٽوبر آهي ۽ اڄ وري سنڌ جي ڪونڌرن جي ياد آئي جن کي ٽوڙهي ڦاٽڪ وٽ گولين جو کاڄ بڻايو ويو۔
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    788
    ورتل پسنديدگيون:
    1,065
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    ٽوڙهي ڦاٽڪ جي شهيدن کي سلام.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    جيستائين زندگيءَ جا ڏيهاڙا آهن ته اهي چاڪ چڪيندو رهندس. هن لکڻيءَ ۾ ميجر عزيز عباس کي ته ياد ڪيو ويو آهي (اهو ته هيو ئي ڌاريو، ان کان ته ڪنهن به چڱائي جي اميد نه هئي) پر ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾ جيڪي پنهنجا هيا انهن کي ڇو ٿو وساريو وڃي ؟؟؟ عالم آشڪار آهي ته اها سڄي چُرچ ان وقت جي سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر الياس ابڙو جي چوڻ تي سڄي ڪاروائي ٿي هئي.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. bewas ali hassan

    bewas ali hassan
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 مئي 2014
    تحريرون:
    174
    ورتل پسنديدگيون:
    337
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    دڪان
    ماڳ:
    ميرپور ماٿيلو
    جي اسان جا نمائيندا سنڌ سان سچا هجن ها ته اسان اهڙا ڏک نه ڏسون ها هتي ته مالهي باغ جو خود واپاري آهي ته خريدار کي اسان ڇا ٿا چئي سگھون
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ٽوڙهي ڦاٽڪ واقعي جون ڪجهه يادگيريون۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ جميل گاد

    پاڪ و هند ورهاڱي کانپوءِ سنڌ ۾ جيڪيبه قومي تحريڪون هليون آهن ڀل اها ون يونٽ ٽوڙ تحريڪ هجي يا 1972ع ۾ هليل سنڌي ٻولي قومي ٻولي واري جدوجهد، انهن تحريڪن ۾ سنڌي شاگردن هر اول دستي وارو ڪردار ادا ڪيو، ڇو ته سنڌ جا اڪثر وڏيرا اقتدار جي لالچ ۾ هر ان سنڌ دشمن منصوبي جو حصو رهيا آهن جيڪو منصوبو اقتدار ڌڻين سنڌ ۽ سنڌين جو ساهه گهٽڻ لاءِ پئي جوڙيو آهي. انقلاب جي اصلي قوت هاري، پورهيت ۽ هيٺيون وچولو ڪلاس تعليم جي گهٽتائي سبب شعوري طور سنڌ جي بي بها وسيلن ۽ حيثيت کان بي خبر ۽ غافل رهيا آهن ان ڪري سنڌ جي باشعور شاگردن سنڌ ۽ سنڌين جي ڏکن ۽ دردن کي سمجهندي پنهنجي وس آهر هر دور جي سنڌ دشمن حڪومت سان پئي مهاڏو اٽڪايو آهي.
    مون کي اڄ به چڱي طرح ياد آهي ته آڪٽوبر 84ع جي پهرين ڏينهن ۾ جساف جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر اديب انقلابي لاڙڪاڻي کان سنڌ يونيورسٽي آيو هو ۽ ان مرڪزي صدر گل محمد جکراڻي، جساف سنڌ، مهراڻ يونيورسٽي ۽ لياقت ميڊيڪل ڪاليج جي يونٽن کي دعوت ڏني هئي ته 17 آڪٽوبر 1984ع تي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ جساف پاران نون آيل شاگردن جي مان ۾ آجياڻو ڏنو پيو وڃي. ان ۾ اوهان شرڪت ڪيو. اهو ياد رهي ته 17 آڪٽوبر واري سانحي کان ڪجهه مهينا اڳ جنرل ضياءَ جي فوجي حڪومت گل محمد جکراڻي، ستار موريو، اقبال تنيو عرف دريا خان ۽ ڪجهه ٻين جساف اڳواڻن کي اشتهاري ڏوهاري قرار ڏئي چڪي هئي.

    17 آڪٽوبر جي رات يونيورسٽين جي هاسٽلن ۾ جساف پاران شيٽون لڳايون ويون جن تي لکيل هيو ته جنهن به ڪارڪن يا عام شاگرد کي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج واري آجياڻي ۾ ۽ مهين جو دڙو جي ٽوئر تي هلڻو آهي، اهو صبح ڏهين وڳي انٽرنيشنل هاسٽل آڏو پڄي وڃي. ان ئي ڪري رات جو ئي هڪ مهراڻ ۽ ٻي سنڌ يونيورسٽي جي پوائنٽ انٽرنيشنل هاسٽل آڏو بيهاريون ويون هيون نيٺ 17 آڪٽوبر جي صبح به اچي وئي جيئن ته ڏنل پروگرام موجب بسن کي ڏهين وڳي صبح نڪرڻو هو پر جساف جي مرڪزي نائب صدر قمر ڀٽي ۽ ڪجهه ٻين ڪارڪنن جا رهيل پرچا هلي رهيا هئا. ان ڪري ڏهين وڳي وارو پروگرام تبديل ڪري منجهند هڪ وڳي نڪرڻ جو پروگرام ٺاهيو ويو ۽ ٺيڪ منجهند ڏيڍ وڳي ڌاران ٻئي بسون ڏيڍ سئو جي لڳ ڀڳ سنڌ جي مستقبل جي معمارن کي کڻي لاڙڪاڻي ڏانهن روانيون ٿيون. مان بسون نڪرڻ وارو منظر انٽرنيشنل هاسٽل وٽ بيٺي ڏٺو، لاڙڪاڻو حالانڪه منهنجو شهر هو ۽ ڪافي عرصي کان آئون لاڙڪاڻي نه ويو هيس ان جي باوجود انهن بسن ۾ آئون ان ڪري نه چڙهيو هيس ڇو ته ان ڏينهن تي منهنجي مارئي هاسٽل تي جيئي سنڌ جي ڇوڪرين سان اڳ ۾ ئي گڏجاڻي رکيل هئي، نئون نئون ڪم هيو ان ڪري گڏجاڻي ملتوي ڪرڻ مناسب نه سمجهيم، مون اهو به ڏٺو ته گل محمد جکراڻي، ستار موريو، اقبال تنيو، سليمان جتوئي بسن جي نڪرڻ کان پوءِ ڪيري گاڏي ۾ سوار ٿيا ڄڻ ته هنن سرڪاري ايجنسين کي اها ڊاج ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته اسان بسن ۾ سوار ناهيون ٿيا. ڪيري گاڏي ۾ هي پيٽارو تائين ويا هئا پوءِ اتي ڪيري مان لهي هي ليڊر بسن ۾ سوار ٿيا هئا. بسون ٽوڙي ڦاٽڪ وٽ 3 وڳي ڌاران منجهند پڳيون هيون، نشرياتي ادارا، ان وقت ايترا تيز هئا ڪو نه ئي اڄ وانگر اليڪٽرانڪ ميڊيا تي پرائيويٽ چينل هئا. صرف سرڪاري پي ٽي وي ۽ ريڊيو هئا. اسان کي يونيورسٽي ۾ تقريبن شام 7 وڳي خبر ملي ته يونيورسٽي مان لاڙڪاڻي ويندڙ جساف جي ٻن بسن مٿان منجهند 3 وڳي قانون نافذ ڪندڙ اداري جي اهلڪارن فائرنگ ڪئي آهي جنهن ۾ جساف جي سڄي قيادت ۽ ڪيترا ڪارڪن شهيد ٿي ويا آهن. اهو ٻڌي اسان جي پيرن هيٺان زمين ئي ڄڻ نڪري وئي، ڪجهه شاگرد ۽ ڪارڪن سپرهاءِ وي تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا پر فورن، انتظاميا هاسٽلن ۾ نوٽيس هڻائي ڇڏيا. 8.30 وڳي تائين سمورا شاگرد هاسٽلون خالي ڪري وڃو ۽ پوءِ اڪثر شاگرد ڪمرن تان سامان کڻي ڳوٺن ڏانهن ڀڄ پڄان ۾ لڳي ويا. جڏهن تقريبن هاسٽلون خالي ٿي ويون ته آئون به 9 وڳي ڌاران غلام محمد هليو سان گڏ حيدرآباد ويس جتي مون غلام محمد سان گڏ سندس مائٽ ٽيڪنيڪل ڪاليج حيدرآباد جي پرنسپال جي گهر رات گذاري. ان پرنسپال اسان کي ٻڌايو ته هاڻي 9 واري پي ٽي وي جي خبرنامي ۾ سرڪار پاران ٻڌايو ويو آهي ته ڪجهه ڌاڙيل سنڌ ۽ مهراڻ يونيورسٽي جون ٻه بسون اغوا ڪري لاڙڪاڻي طرف وڃي رهيا هئا، جڏهن ڌاڙيلن سان ڀريل بسون ٽوڙي ڦاٽڪ وٽ پهتيون ته پوليس انهن کي بسون روڪڻ لاءِ چيو ته جواب ۾ بسن مان پوليس مٿان فائرنگ ڪئي وئي جواب ۾ پوليس به فائرنگ ڪئي نتيجي ۾ ڌاڙيلن جا 5 ساٿي امان الله وسطڙو، انور عباسي، ذڪريا ميمڻ، مالڪ خشڪ ۽ مٺو بليدي شهيد ٿي ويا آهن. ڪيترا زخمي ٿيا آهن ۽ خطرناڪ ڏوهاري گل محمد جکراڻي، ستار موريو سميت ڪيترن کي گرفتار ڪري حيدرآباد جيل ۾ بند ڪيو ويو آهي.
    18 آڪٽوبر 84ع تي صبح جو مون غلام محمد هليو کي ڇڏيو اهو لاڙڪاڻي ويو ۽ آئون پٺاڻ ڪالوني مان سيوهڻ واري بس ۾ سوار ٿي سن طرف روانو ٿيس، رستي ۾ حيدرآباد کان ڄامشوري تائين آرمي جون گاڏيون گشت ڪري رهيون هيون، شهرن ۾ وڏو هراس ڦهليل هيو، اسان جي بس منجهند 12 وڳي ڌاران ٽوڙي ڦاٽڪ وٽ پهتي ته بس ۾ سوار سمورن ماڻهن جون نگاهون ٽوڙي جي ميدان تي بيٺل انهن بسن ڏانهن کڄي ويون، مون به ٻنهي بسن جي حالت ڏٺي جيڪي گوليون لڳڻ سبب ڇاڻي ٿي ويون هيون. منجهند هڪ وڳي ڌاران آئون جيئن ئي سن ۾ سائين جي ايم سيد جي اوطاق تي پهتس ته اتي مون کان اڳ اديب انقلابي، عطا انڙ سڄڻ سنڌي فنڪار، ڊاڪٽر حافظ گلاب موريو پهتل هئا مون بسن ۾ سوار ٿيندڙ اڳواڻن جا نالا ۽ ٻي معلومات سائين جي ايم سيد کي ڏني.
    بهرحال سرڪار جو اهو ڪوڙ ته بسن ۾ ڌاڙيل سوار هئا گهڻو وقت لڪي نه سگهيو. حقيقتون 18 آڪٽوبر وارين اخبارن ۾ اچي چڪيون هيون انهن کي پوليس نه پر قانون نافذ ڪندڙ اداري جي اهلڪارن شهيد ڪيو آهي اهي بسن ۾ ڌاڙيل نه پر جيئي سنڌ جا ڪارڪن ۽ يونيورسٽين جا شاگرد هئا جڏهن سڄي سنڌ کي حقيقت جي خبر پوندي وئي ته مختلف شهرن ۾ احتجاج شروع ٿيندا ويا، ڇو ته ذوالفقار ڀٽو کي ڦاسي ڏيڻ، ايم آر ڊي تحريڪ ۾ سنڌي ماڻهن مٿان گوليون هلائڻ ڪري سنڌ جا ماڻهو اڳ ئي جنرل ضياءَ جي فوجي حڪومت تي ٻريل هئا، وري جو ان ئي حڪومت ۾ سنڌ جي مستقبل جي معمارن مٿان ٽوڙي ڦاٽڪ وٽ گولين جي بارش ڪئي وئي ته سنڌ جي ماڻهن ائين محسوس ڪيو ته ڄڻ سندن وجود ئي هن ڌرتي تان مٽائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي ۽ اهڙي طرح ٽوڙي ڦاٽڪ واري واقعي خلاف سنڌ ۾ تاريخ جا وڏي ۾ وڏا احتجاج ٿيا، ايتري تائين جو پهريون ڀيرو لاڙڪاڻي ۾ جيئي سنڌ جي نياڻين ۽ عام شاگردياڻين به احتجاج ڪيا ۽ نياڻيون ايتريون جذباتي ٿي ويون هيون جو هنن جون پوليس سان به چڪريون ٿيون جنهن ڪري پوليس هنن مٿان آنسو گئس جا شيل به اڇلايا هئا. ٽوڙي ڦاٽڪ واقعي خلاف ٿيل احتجاجن دوران آئون به ڀٽ شاهه ۾ ميلي دوران جلوس مان گرفتار ٿيو هيس ۽ ڏيڍ مهينو لطيف آباد نمبر 8 جي لاڪپ ۽ سب جيل هالا ۾ بند هيس، انهن احتجاجن جو حڪومت تي ايترو پريشر پيو جو نيٺ حڪومت هڪ جج عبدالرزاق ٿهيم جي سربراهي ۾ هيٺ حيدرآباد ۾ ٽوڙي ڦاٽڪ سانحي بابت تحقيقاتي ٽربيونل قائم ڪيو ۽ پهريون ڀيرو مک اڳواڻن گل محمد جکراڻي، ستار موريو، عمر زرداري، نذير تنيو ۽ ٻين کي ظاهر ڪيو ويو ۽ آهستي آهستي بسن ۾ سوار عام شاگردن ۽ جساف جي ڪارڪنن کي آزاد ڪيو ويو ۽ مک اڳواڻن کي حيدرآباد ۾ سينٽرل جيل اندر رکيو ويو. ڪجهه ڏينهن ٽربيونل هليو پر اڳتي هلي ان جي رپورٽ ظاهر نه ڪئي وئي ۽ جڏهن احتجاجن ۾ گهٽتائي آئي ته فوجي حڪومت سينٽرل جيل حيدرآباد اندر اسپيشل ملٽري ڪورٽ قائم ڪري ٽوڙي ڦاٽڪ وٽ شهيد ٿيل جساف جي پنجن ڪارڪنن جي قتل جا ڪيس به جساف جي گرفتار قيادت مٿان مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي پر وري سڄي سنڌ ۾ ٽوڙي واقعي ۾ گرفتار اڳواڻن جون حياتيون بچائڻ لاءِ احتجاج شروع ٿي ويا ۽ اهڙي طرح ڊڪٽيٽر حڪومت جي اها سازش به ناڪام وئي، وقت گذرندو ويو 18 آگسٽ 1988ع تي جنرل ضياءَ هوائي حادثي ۾ اجل جو شڪار ٿيو ۽ عدالتن ۾ ٿوري وسعت پيدا ٿي ۽ 1989ع ۾ عدالتن گل محمد جکراڻي، ستار موريو، اقبال تنيو (دريا خان) عمر زرداري، دودو مهيري، نذير تنيو، سڪندر ميراڻي جون ضمانتون منظور ڪري کين آزاد ڪيو، آزاد ٿيڻ کان پوءِ حيدرآباد کان دادو تائين ۽ لاڙڪاڻي کان جيڪب آباد تائين قومي ڪارڪنن توڙي عام سنڌي ماڻهن ٽوڙي جي آزاد ٿيل اسيرن ۾ سنڌ لاءِ اميد رکندي وک وک تي سندن اهڙا مانائتا ۽ شانائتا استقبال ڪيا جو جيڪب آباد ۾ استقبال دوران هڪ پيرسن بي اختيار چئي ڏنو ته مون پنهنجي حياتي ۾ هڪڙو استقبال ذوالفقار ڀٽو جو ڏٺو هيو ۽ ٻيو اڄ هنن جيئي سنڌ جي نوجوانن جو پيو ڏسان!.
    بهرحال وقت جو ڦيٿو ڦرندو رهيو ۽ جيئي سنڌ جي ڪارڪنن ۽ ساڃاهه وندن جون جيڪي ٽوڙي ڦاٽڪ واري قيادت ۾ اميدون هيون اهي پوريون نه ٿيون ۽ ٽوڙي ڦاٽڪ جا اسير جن جي آزادي لاءِ 17 آڪٽوبر 1985ع تي لاڙڪاڻي ۾ سيد امير شاهه جهڙن نوجوانن گوليون کاڌيون هيون آزاد ٿيندڙ اسيرن انهن جي جدوجهد جو به اڳتي هلي قدر نه ڪيو.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو