اڃ فيس بڪ تي جنم ڏينهن جي لسٽ ۾ نهاريم ته اسان جي پرين پياري هر دم کلڻ ۽ کلائڻ واري نوجوان دوست زاهد سومري صاحب جو جنم ڏينهن لکيل نظر آيو جيتوڻيڪ اسان جا ٻاٽ شريف جا سڀئي دوست قرب ۽ پيار محبت جا پيڪر آهين پر اسان واري هن يار يار جي کل تمام مشهور آهي جيتوڻيڪ هي سنڌ سالمت جو سهڻو ۽ پراڻو ميمبر آهي پر ان سان گڏوگڏ هو سنڌ سلامت جي ٽيم کي وقتا فوقتا همٿائيندو به رهندو آهي جيتوڻيڪ زاهد سان ملي ڪافي عرصو ٿيو آهي پر پوء به مون کي انهن سان گذريل پل ياد ڪري ائين محسوس ٿيندو آهي ته جيئن اسان ان سان ڪاله مليا هجون اسان دعا ته اسان جو هي دوستن پهنجي زندگي جا سيون سال پورا ڪري ۽ سدائين شاد و آباد رهي آمين مهنجي طرفان هي ڪيڪ سندن جي لا تحفو
جواب: زاهد حسين سومرو عرف الجميلي صاحب کي جنم ڏينهن مبارڪ سنڌ سلامت جو پيارو دوست ادا زاهد هسين سومرو عرف الجميلي صاحب کي جنم ڏينهن جون لک لک واڌايون پيش ٿا ڪريون ۔
جواب: زاهد حسين سومرو عرف الجميلي صاحب کي جنم ڏينهن مبارڪ اسان جي دلي دوست ۽ پياري انسان زاهد سومرو کي جنم ڏينهن جون کوڙ ساريون واڌايون هجن۔ ساڳي وقت مان دوستن کان معافي وٺندس ته ڪجهه ذاتي مصروفيتن سبب اڄڪلهه فيسبوڪ ۽ سنڌ سلامت کان ٿوري دوري رهي آهي نه ته سهڻي زاهد سومري لاء خوبصورت ڪارڊ جوڙجي ها۔ اسان جون دعائون آهن ته اسان جو هي کِلڻو ۽ سدا بهار دوست سدائين خوش هجي۔
جواب: زاهد حسين سومرو عرف الجميلي صاحب کي جنم ڏينهن مبارڪ سائين زاهد واقعي به عظيم خُلق جو صاحب دوست آهي الله تعالي هن دوست ۾ همت سان گڏ خوش خلقي پڻ رکي آهي اهڙي پياري کي هن عاجز طرفان پڻ سندس جنم ڏينهن جي نسبت سان دعائون آهن ته شال رب العزت کيس باقي حياتي به سک ۽ سلامتي سان رکي سدائين شاد و آباد رهي مسڪرائيندو رهي۔ آمين۔
جواب: زاهد حسين سومرو عرف الجميلي صاحب کي جنم ڏينهن مبارڪ سنڌ سلامت جي پياري دوست ادا زاهد هسين سومرو صاحب کي جنم ڏينهن جون لک لک واڌايون پيش ٿا ڪريون ۔
جواب: زاهد حسين سومرو عرف الجميلي صاحب کي جنم ڏينهن مبارڪ فقير پاران به ادا زاهد سومري فقير کي جنم ڏينهن جي واڌايون ادا زاهد صاحب الله ڪري توهان کي هن سال ۾ دنيا جي هر خوشي نصيب ٿئي آمين سدائين گڏ
جواب: زاهد حسين سومرو عرف الجميلي صاحب کي جنم ڏينهن مبارڪ ادا زاهد حسين سومرو صاحب اسلام عليڪم۔هڪ ته توهان هن محبتي اڳڻ جا پراڻا ميزبان ۽ مٿان وري اسان جي ڳوٺ دادو جي شهر پاٽ سان تعلق رکو ٿا۔انڪري اسان جي طرفان توهان کي جنم ڏينهن جون ٻيڻيون مبارڪون هجن۔شل الله پاڪ توهان جي زندگه جي هن نئين سال ۾ توهان لاء تمام گهڻيون خوشيون آڻي۔توهان جي هر اها نيڪ خواهش جيڪا پٺين سال ۾ پوري نه ٿي سگهي۔الله سائين شل هن نئين سال ۾ پوري ڪري۔غم ۽ تڪليف کي توهان کان پري رکي۔آمين۔زندگه جو نئون سال پوري جوبن سان انجوائي ڪيو۔
تمام دوستن جو ٿورائتو آهيان جن مون مسڪين کي ايڏو شرف بخشيو۔ دراصل مون ۾ اهڙيون ڪي به خوبيون موجود ناهن جن کي دوستن اهڙي نموني پيش ڪيو آهي۔۔۔ دراصل اهي دوست پاڻ اهڙا محبوب ۽ شفيق آهن جو اسان جهڙن حقيرن ۽ فقيرن کي به پاڻ جهڙو ٿا سمجهن ۽ اسان جهڙن حقيرن جو مان مٿانهون ٿا ڪن۔۔۔ مان تمام دوستن کي اهڙي قرب ۽ ويچار ونڊڻ تي لک شاباسون ڏيندس۔۔۔۔۔ تمام دوستن جو هڪ ڀيرو وري ٿورائتو رهندس۔۔۔ شال رب ڪريم اوهان دوستن کي شاد و آباد رکي۔۔۔۔ آمين۔۔۔۔
محترم جناب مان وارا سائين زاهد سومرو صاحب جن کي جنم ڏينهن جون کوڙ سارين خوشين سان مبارڪباد پيش ڪريان ٿو ۽ اللّه رب العالمين کان دعاگو آهيان تہ سائين جن کي وڏي عَمرِ درازِ عطا فرمائي آمين